Pages

Friday, 20 January 2017

ٿڌ جي موسم ۾ به بجلي ۽ گيس جو بحران...!!!

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ توانائي بحران هلي رهيوآهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي، جيڪي به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها صرف اها دعويٰ ڪندي آهي ته هنن بحران تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، پر ملڪ جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي وقت م گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور جهڙي ريت توانائي بحران پيدا ٿيو، شايد ماضي ڪنهن به حڪومت ۾ نه ٿيو هو، مشرف جي دور کان هن وقت تائين بجلي ۽ گيس جو بحران ختم ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، صرف اهو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جيستائين نوان ڊيم نه ٺاهيا ويندي تيستائين توانائي بحران تي ضابطو اچڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، هڪ طرف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گيس نڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ٿر مان به دنيا جو قيمتي ڪوئلو هٿ آيو آهي پر ان باوجود حڪومت گيس ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي به ختم نه کڻي رهي آهي،
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ته ايران سان گيس معاهدو به ڪيو پر ان تي به هن وقت ڪم نه پيو هلي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ گيس جي پيداوار گهٽ آهي ته اها ٻين ملڪن کان به خريد ڪري پوري سگهجي ٿي، بهرحال اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جهڙي ريت توانائي بحران ختم ڪرڻ لاءِ ايران سان معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن ان تي ٿوروبه ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ گيس جو بحران نه ٿئي ها ۽ نه ئي اسين بجلي جي بحران جو راڳ ڳائي رهيا هجون ها، وزيراعظم نوازشريف ته جنهن به جلسي ۾ وڃي ٿو اتي صرف اها ئي دعويٰ ڪري ٿو ته سندس حڪومتي دور ۾ توانائي بحران تي ضابطو آيو آهي، پر افسوس وزيراعظم اصل حقيقت کي بيان ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار گيس ۽ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ها ته اڄ سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها ۽ نه ماڻهو روڊن تي نظر اچن ها، روزاني سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهنديون آهن ته سندن شهرن ۾ بجلي ڪلاڪن جاڪلاڪ بند رهي ٿي پر سندن دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي،
سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکڻ جو سلسلو هن وقت به جاري ۽ ساري آهي، هڪ طرف بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي ٿي ته ٻي طرف وري واڌو بل به موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪجهه عرصو اڳ وفاقي حڪومت جي هڪ وزير چيو هو ته سنڌ ۾ بجلي چوري پئي ٿئي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، جڏهن ان وقت جي وزير اهو بيان ڏنو هو، ان وقت سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته هڪ ته بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي ٿي ته مٿان وري واڌو بل موڪليا پيا وڃن پر انهن خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي به بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون آهن انهن ۾ اهڙو عملو ڀرتي ڪيو ويو آهي جن جي غلطين سبب عام ماڻهو پريشان ٿي ويو آهي، لائين مين هجن يا ٻيو ڪو عملدار، اهي سمورا لائين لاسز پورو ڪرڻ لاءِ ٻين صارفين تي بار وجهي ڇڏيندا آهن جنهن جو نقصان غريب ماڻهو کي ئي ڀرڻو پوندو آهي،
ڪڏهن ڪڏهن ته انهن عملدارن جي نااهلي سبب واڌو بل موڪليا ويندا آهن جن کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته هي بجلي ڪا ڪنهن گهر ۾ نه پر  ڪنهن فيڪٽري ۾ استعمال ٿي هجي، پر جڏهن اهڙي بل جي شڪايت به  ويندي آهي ته ان جي به ڪو دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ اهو ماڻهو بل کي کڻي هيڏانهن هوڏانهن رلندو ورتندو آهي، مطلب ته نااهل عملي سبب عام ماڻهو پريشان ٿي رهيو آهي، هن وقت ته ڪي اليڪٽرڪ کي چائنا حوالي ڪيو ويو آهي، ٻڌڻ  ۾ آيو آهي ته هر بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو ويندو ۽ صارفين کي به بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديو، بهرحال ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ بجلي جو بحران به حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ حڪومت جي پت ان مان ئي وائکي ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ڪلاڪن لاءِ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت ڪراچي جهڙي شهر ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ته پوءِ آخر ٻين ٻهراڙين وارن علائقن جو ڪهڙو حشر هوندو، هي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي جلد کان جلد ضابطو آڻي ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به پنهنجي حڪومت ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران سان گيس پائپ لائن جو معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن اهو به مڪمل ٿي وڃي ها ته شايد هن ملڪ ۾ گيس جي بحران تي ضابطو اچي وڃي ها ۽ هتان جون صنعتون به ٻيهر ترقي ڪري سگهن ها. ڀلي کڻي وفاقي حڪومت ڪيتريون ئي به دعوائون ڪري پر سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو بحران ختم نه ٿيڻ سان هڪ ڳالهه واضع ٿي وڃي ٿي نواز ليگ سرڪار بحران جي خاتمي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سبب اڄ ماڻهو ٿڌي موسم ۾ بجلي جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ جو ڪو اهڙو شهر بچيوئي نه آهي، جتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هجي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد سميت ٻين شهرن ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام بيزار  آهي، موري ۾ ته بجلي هڪ ڪلاڪ اچي ٿي ته ٽي ڪلاڪ بند ڪئي وڃي ٿي پر سندن ڪو به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان موري جا شهري احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به چري رهي آهي، رهواسي اهي دانهون ڪري رهيا آهن رات جي وقت بجلي نه هجڻ سبب سندن ٻارڙا پڙهائي نه پيا ڪري سگهن، جنهن سبب سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي، موري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ سبب ماڻهن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويوآهي،
ڪجهه ماڻهوته اهي به دانهون ڪري رهيا آهن ته هڪ ته حڪومت روزگار فراهم نه ڪري رهي آهي ته مٿان وري جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روزي ڪري رهيا آهن انهن کي بيروزگار ڪيو پيووڃي، بهرحال بجلي جي لوڊشيڊنگ صرف موري نه پر دادو، سانگهڙ، مٽياري، سڪرنڊ، پني عاقل سميت ٻين شهرن ۾ به ٿي رهي آهي پر صوبائي حڪومت به ان حساس مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پئي کڻي، جيڪڏهن صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو نه ٿي آڻي سگهي ته پوءِ آخري اهي حڪومتون دهشتگردن کي ڪهڙي ريت مات ڏئي سگهن ٿيون، هاڻ ته هر هڪ ماڻهو به سوچڻ لڳو آهي ته حڪومت جيڪي به دعوائون ڪري رهي آهي ان جو مثال بجلي ۽ گيس جي بحران آهي، بهرحال دهشتگردي هجي يا وري توانائي بحران اها حڪومت جي ئي ذميواري هوندي آهي ته ان جو خاتمو آڻي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته توانائي بحران  جي خاتمي لاءِ چائنا کان مدد ورتي ويندي جيڪڏهن ائين آهي ته ان ۾ به ڪو عيب نه آهي، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد بجلي بحران تي ضابطو آهي ۽ سنڌ جي انهن علائقن تائين به گيس فراهم ڪيو وڃي جتي اڄ ڏينهن گيس جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهي ته پوءِ گرمي جي موسم ۾ ته ماڻهو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا، تنهن ڪري ضروري آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت بجلي ۽ گيس جي بحرن کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي ته جئين سنڌ جو عوام سياري جي موسم بجلي ۽ گيس بحران کي منهن نه ڏيڻو پيو.

No comments:

Post a Comment