Pages

Thursday, 15 December 2016

سنڌ جي صحافين سان ٿيندڙ ناانصافيون

صاحب خان ڀٽي
صحافت کي ملڪ جو چوٿون ٿنڀ سمجهيو ويندو  ويو آهي ۽ صحافت سان لاڳاپيل ماڻهو غريب، مسڪين، ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻيل عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن کي جهڙي ريت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، شايد ڪنهن ٻئين ملڪ ۾ ائين نه ٿيندو هجي، هر دور ۾ صحافي لڏي کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي نشانو بڻايو ويو آهي، ڪڏهن صحافين کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ته ڪڏهن وري آواز دٻائڻ لاءِ انهن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن جي  فلاح لاءِ ڪيتريون تنظيمون جوڙيون ويون آهن پر اڄ تائين انهن طرفان به صحافين جي فلاح لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا آهن. جنهن سبب هن ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ اهڙا  ڪيترائي صحافي آهن جيڪي اڄ به بيماري سبب پنهنجو علاج نه پيا ڪرائي سگهن، بهرحال اهي تنظيمون انهن صحافين جو علاج ڪرائن يا نه ڪرائن پر انهن جي تحفظ ۽ حراسان ڪرڻ وارن معاملن کي به ختم ڪرڻ لاءِ اهي تنظيمون قدم اڳتي نه وڌائي رهيون آهن، جنهن سبب هي ڌرتي سنڌي صحافين لاءِ ٽامي جيان ٻري رهي آهي ۽ سنڌي صحافي ظلم ۽ جبر  برداشت ڪري رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ انٽرنشينل صحافتي تنظيم طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته پاڪستان ۾ صحافت تمام گهڻو ڏکئي آهي ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن ملڪ جا صحافي خاص طور تي سنڌ جا صحافي وڏن چئلنجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ طرف ڪامورا ته ٻي طرف وري  پوليس جو ظلم به برداشت ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو صحافي ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري خلاف قلم کڻي ته انهن جي گهرن تي  پوليس ذريعي چڙهايون ڪرايون وينديون ۽ مختلف حربن سان  انهن کي حراسان به ڪيو ويندو، اهڙا کوڙ سان هن صوفين جي سرزمين تي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪجهه سال اڳ واري صحافت ۽ هاڻ واري صحافت تي نظر ڦيرائنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ماضي ۾  جيڪي صحافي پنهنجا فرض نڀائي رهيا هئا اها انهن جي وڏي قرباني هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت تر  جي وڏيري جا وزيراعظم کان به وڌيڪ حڪم هلندا هئا ۽  پوليس به ان وڏيري جي چرچ تي هلندي هئي، جنهن سبب سنڌ  جا ڪيترائي اهڙا هئا جتي  ترقي نه ٿي سگهي هئي ۽ شايد اهڙا علائقا اڄ به موجود هجن. ان دور ۾ جيڪڏهن ڪا خبر وڏيري خلاف هلندي هئي ته اهي مڇرجي پوندا هئا ۽ پوليس به انهن جي ئي ونگار وهندي هئي پر انهن وڏيرن پنهنجيون پنهنجيون پارٽيون ٺاهيون ڇڏيون آهن، ڪن وري وڏين وڏين پارٽين ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي  آهي ته جئين انهن جي ڪرپشن خلاف جاچ نه ٿي سگهي ۽ نه ئي وري انهن خلاف قانون حرڪت ۾ اچي سگهي.

اڄ به هتان جي ڪامورن جو رويو انهن ظالمن وڏيرن کان وڌيڪ خراب آهي، اڳ جو وڏيرو اڻ پڙهيل جاهيل هوندو هو پر هاڻ اهو وڏيرو ڪجهه درجا پڙهي پاڻ کي پڙهيل لکيل سمجهي رهيو آهي ۽ جعلي ڊگريون وٺي سياست ۾ به اچي ويو  آهي پر اڄ به ان وڏيري جي سوچ ان ظالم وانگر ئي  آهي ۽ هاڻ اهو وڏيرو سياستدان جو روپ ڌاري  ان کان به وڌيڪ خطرو بڻجي ويو آهي، جنهن سبب هو هاڻ پنهنجا هٿياربند سامهون نه ڪندو آهي ۽ نه ئي وري پنهنجن واٺن کي اڳتي  آڻيندو آهي پر هاڻ اهو وڏيرو قانون ذريعي ظلم ۽ جبر ڪرائيندو آهي، بهرحال وڏيري جي جيتري تعريف لکون اها گهٽ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ انهي وڏيري ڪيترائي روپ ڌاري ورتا آهن جنهن کي سڃاڻڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو. غريب ۽ ظلم جا ستايل ماڻهو صحافين ڏانهن ان ڪري ئي ايندا آهن ته انهن کي اميد هوندي آهي ته ٻيا ادارا سندن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائن يا نه پهچائن پر صحافي بنا لوڀ لالچ جي انهن جي حقن خاطر اڳتي قدم ضرور وڌائندا ۽ اها انهن جي اميد ئي هوندي آهي، اڄ جي هن جديد دور ۾ جيتري جدت صحافتي ادارن ۾ آئي آهي شايد اڳ اهڙيون سهولتون ميسر نه هونديون هيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صحافت جو اهم مقصد دنيا جي واقعن ۽ حالتن جي تازي صورتحال کان عوام کي آگاهه ڪرڻ ۽ انهن واقعن کي پيش ڪرڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صحافت هڪ سماجي خدمت آهي ۽ اخبار هڪ سماجي ادارو هوندو آهي، جيڪو سماج کي آئنو ڏيکاريندو آهي.
صحافت جو اصل مقصد سماج جي برائن ۽ سٺائن کي وائکو ڪرڻ هوندو آهي پر افسوس جو اهو ڪجهه ماڻهن کي تمام گهٽ وڻندو آهي، جنهن سبب اهي صحافتي لڏي سان لاڳاپيل ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائندا آهن. هونءَ ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي صحافين کي شهيد ڪيو ويو آهي پر اڄ تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ويندي پوليس تائين انهن جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. اڳ ۾ جڏهن ڪو ڪامورو يا وڏيرو صحافي کان ناراض ٿيندو هو ته پوليس وارا انهن کي ڪڪڙ چوري ۾ گرفتار ڪري ويندا هئا ۽ وري ڪڏهن ٻڪري چوري جو الزام به لڳايو ويندو هو، جنهن سبب صحافين کي جيل اندر قيد رهڻو پوندو، اهو صرف ان ڪري ٿيندو هو جو صحافي پنهنجو فرض درست نموني نڀائيندا هئا ۽ حق سچ لکندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ به هلي رهيو آهي، جيڪو نه رڪجي سگهيو آهي.  هونءَ ته هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي صحافين کي قتل ڪيو ويوآهي پر انهن جي قاتلن جي گرفتاري اڄ تائين عمل نه آندي وئي آهي ڪڏهن طاقت ور ڌريون صحافين کي کنڀي وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري ڪامورا  صحافي برادري جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ان سڄي صورتحال هوندي صحافي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ مصروف آهن،
سکر جي چئن صحافين تي هڪ قبضي خور سياستدان جي چرچ تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن خلاف صحافي برادري هن وقت به هڪ  هنڌ گڏ نه ٿي سگهي، جنهن سبب ڪرپٽ ماڻهو پنهنجي ناپاڪ ارادان ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن. ڪجهه شهرن ۾ سکر جي جاکوڙي صحافين ساحل جوڳي، تاج رند، انس گهانگهري ۽ عبيد سومرو خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج به ٿياآهن پر هن وقت تائين اختيارين ڪو خاص نوٽيس نه ورتو آهي، عبيد سومري کي ته پوليس طرفان گرفتار به ڪيو ويو  ۽  اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي انهن صحافين هڪ بااثر وڏيري سياستدان جي قبضي ۽ داداگيري خلاف لکيو هو  ۽ اهو سچ انهن دادا گير نه پسند نه آيو جنهن قانون جو استعمال ڪيو جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت گهوٽڪي، دادو، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين طرفان جاکوڙي ۽ سچ لکندڙ صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به نوٽيس ورتو هو پر  انهن صحافين مٿان هن وقت تائين ڪيس ختم نه ڪيا ويا آهن، هي ڪو سنڌ ۾ پهريون واقعو نه ٿيو  آهي اڳ به اهڙا کوڙ سارا واقعا هتي ٿيندا رهيا آهن، بس فرق ايترو آهي ته عوام ۾ ميڊيا تمام گهڻو شعور پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪرپٽ سياستدان صحافين جي قلم کان خوفزده بڻيل آهن ۽ اهي اهڙا حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

صحافي انس گهانگهري، تاج رند، ساحل جوڳي ۽ عبيد سومري جي ڏوهه صرف ايترو هو جو انهن حق ۽ سچ جو دڳ اختيار ڪيو آهي، جيڪڏهن صحافين سان به اهڙو ظلم ٿيندو هجي ته پوءِ آخر عوام کي انصاف ڪئين ملندو ۽ انهن جو آواز ايوانن تائين ڪير پهچائندو؟ ان جو اندازو سکر جي چار صحافين تي داخل ڪيل ڪيس مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي سياستدان صحافين کي سچ لکڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل گرفتار ڪرائي سگهن ٿا ته اهي غريب ماڻهن کي مارائڻ ۾ دير به نه ڪندا هوندا، انهن جي ڪرتوتن مان ته اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ظالم پنهنجو ظلم ۽ جبر جو استعمال صحافين  تي  استعمال ڪري سگهن ٿا جنهن کي رياست جو چوٿون ٿنڀ سمجهيو ويندو آهي ته پوءِ اهي بااثر ڪامورا عوام کي ته جيئڻ ئي نه ڏيندا هوندا.  اهي صحافي ئي آهن جيڪي ڏک ۽ سک ۾ عوام سان گڏ هوندا آهن ۽ انهن جو آواز  ايوانن تائين پهچائندا آهن، آمراڻو دور هجي يا جمهوريت  صحافي پنهنجا فرض سياستدانن کان بهتر نڀائندا آهن، آمراڻي دور سياستدان پنهنجي سموري دولت ڇڏي ملڪ مان فرار ٿي ويندا آهن پر صحافي آمرن آڏو به مهاڏو اٽڪائندا آهن ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏيندا آهن ۽ اهي صحافي آهن جيڪي جمهوريت جو راڳ عوام کي ٻڌائيندا آهن ۽ جمهوريت جي ثمر کان به آگاهه ڪندا آهن.
پر افسوس جو اهي ئي سياستدان  اڄ صحافين جا به ويري بڻجي چڪاآهي، اسان ته  چيف جسٽس آف پاڪستان کي ئي عرض ڪنداسين ته سنڌ ۾ ٿيندڙ صحافين سان ظلم ۽ بربريت  جو حساب ورتو وڃي ۽ پوليس جيڪي ڪامورن جي ونگار وهي رهي آهي انهن خلاف به نوٽيس وٺي ته جئين سنڌي صحافي سک جو ساهه کڻن باقي رهي قومي ميڊيا جي ڳالهه ته انهن کي سنڌي صحافين سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ نه ئي وري سنڌ سان آهي، سنڌ ۾ ڀلي نوجوان کنڀجندا هجن يا وري صحافين کي ماريو وڃي ۽ انهن مٿان تشدد ڪيو وڃي، قومي ميڊيا ته صرف قومي معاملن کي ڏسندي آهي ۽ انهن جي ڪيميرا نه ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادڪاري تي پوندي آهي ۽ نه ئي وري قومي ميڊيا کي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ نظر ايندي آهي، هزارين ماڻهو احتجاج به ڪن ته صرف سنڌي ميڊيا ئي انهن جي درست نمائندگي ڪندي آهي پر قومي ميڊيا  سنڌين جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کي به غلط رخ ڏيندي آهي جنهن سبب مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي ويندا آهن، بهرحال قومي ميڊيا وڃي پنهنجا قومي مسئلا حل ڪري  پر چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم نوازشريف ۽ ٻيون طاقتور ڌريون سنڌ جي جاکوڙي صحافين تي داخل ٿيل ڪيس ختم ڪرائن ۽ جيڪي بااثر سياستدان صحافين کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن خلاف نوٽيس وٺن.

No comments:

Post a Comment