صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ امن ۽
ڀائيچاري جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، جنهن جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن پر افسوس
جو اڄڪلهه اها مهمان نوازي وڃي شڪارين، انتهاپسندن ۽ ڌارين جي لوڌ کي ترسائڻ تائين
وڃي پهتي آهي، ڪجهه ماڻهو سنڌ ۾ پناهگيرن جي لوڌ کي ترسائي رهيا آهن ته ڪجهه وري
انهن کي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڏئي رهيا آهن ته ڪي اهڙا به مهمان نواز آهن
جيڪي بي زبان معصوم پکين ۽ جانورن جي شڪار
ڪرڻ لاءِ عرب سڳورن جي چاپلوسي ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، پر نه ته اختياريون
عرب شڪارين جي لوڌ کي لغام ڏئي رهيون آهن ۽ نه ئي پکين جي شڪار تي ڪا پابندي لڳائي
وڃي ٿو، جنهن سبب اڄ سنڌ ۾ عرب سڳورن جاڪٽڪ لٿل آهن ۽ اهي عرب سڳورا سنڌ جي مختلف
علائقن ۾ شڪار ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، جن جي خلاف مقامي ماڻهو احتجاج به ڪري
رهيا آهن، اهي ماڻهو عرب سڳورن جي خلاف پکين جي شڪار نه پر انسانن جو شڪار ڪرڻ سبب
احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جوهي ۾ به هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جتي وحشي
عرب سڳورن ۽ انهن جي واٺن هڪ نينگر کي شڪار دوران تشددجو نشانو بڻايو، جيڪو مختلف
اخبارن ۾ رپورٽ به ٿيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به وس واري نوٽيس نه ورتو آهي،
افسوس ته ان ڳالهه جو به ٿي رهيو آهي ته انساني حقن لاءِ
جاکوڙيندڙ تنظيمون به هن وقت تائين خاموش آهن، جن اهڙن وحشي عرب سڳورن ۽ انهن جي
واٺن خلاف ڪارروائي جو مطالبو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي حساس مسئلي تي پنهنجو
ڀرپور آواز اٿاريو آهي. اها ڳالهه ته ڪنهن کان لڪيل نه آهي ته عرب سڳورن کي
گهرائيندڙ ڪير ٻيا نه هتان جا بااثر ۽ ڪامورا آهن جن جي آشيروارد سان ععرب سڳورن
جي لوڌ اچي هتي شڪار ڪري رهي آهي، اهي مهمان نواز انهن عرب سڳورن جون سموريون
ضرورتون پورا ڪندا آهن، ڪجهه عرب سڳورن جا اهڙا واٺا به جيڪي صوفين جي سرزمين جا
رهواسي آهن، جيڪي عرب سڳورن کي دعوتون ڏئي انهن جي شڪار، شباب ۽ ڪباب جو خاص خيال
رکندا آهن ۽ اهڙن واٺن جي انگ ۾هاڻ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن عرب
سڳورن جي شڪار تي پابندي لڳائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ان وقت به ڪجهه بااثن
چيو هو ته جيڪڏهن عرب سڳورن جي شڪار تي پابندي لڳائي وئي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان
جا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا، اهڙي بيانن کي ٻڌي سڄي ملڪ جي باشعور عوام ۾ افسوسس
واري لهر پکڙجي وئي هئي، ڪجهه باشعور ته عرب شڪارن جي شڪار تي پابندي جو مطالبو به
ڪيو هو پر افسوسس جو خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخر هتان جي بااثرن کي عرب سڳورا
اهڙو ڪهڙو تحفو ڏئي رهيا آهن جو انهن خلاف ڳالهائڻ کان به هو لنوائي رهيا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عرب سڳورن کي شڪار جي اجازت ڏيڻ سان ٻنهي
ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا ته پوءِ شايد ڪو اعتراض به نه ڪندو پر جيڪڏهن اڳتي هلي اهي ئي عرب سڳورا انسانن جو
شڪار ڪرڻ لڳا ته پوءِ انهن کي ڪير روڪيندو؟ هڪ ڳالهه ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته
عرب سڳورا ڪيڏا رحم دل آهن ۽ انهن جوماضي ڪهڙو رهيو آهي، سعودي عرب کان ويندي دبئي
تائين جيڪي اٺن جي ڊوڙ ڪرائي ويندي آهن انهن اٺن تي معصوم ٻارڙن کي ويهاري انهن جي
قميتي جانين سان کيڏيو ويندو آهي ۽ وحشي عرب سڳورا انهن معصوم ٻارڙن جون رڙيون ٻڌي
وڏو خوش ٿيندا آهن، بهرحال اهو دبئي ۽ سعودي عرب ٿي رهيو آهي، جنهن تي ڳالهائي به
نه ٿو سگهجي پر هاڻ انهن وحشي عرب سڳورن سنڌ جو رخ اختيار ڪيوآهي ۽ اهي ماڻهو انهن
جي مهمانوازي ڪري رهيا آهن جيڪي جعلي پيرن فقيرن جا پير چمندا آهن، انهن جي پيرن
جو پاڻي ڌوئي پيندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جو
وڏو انگ ئي عرب شڪارين کي دعوت ڏيندو آهي، جڏهن اهي عرب سڳورا نوڙ ٻڌي هتي
آمد ڪندا آهن ته اهي ماڻهو انهن جي هٿن ۽ پيرن کي چمڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي به
هن وقت سنڌ ۾ عرب سڳورن جي مهمانوازي ۾ رڌل آهن انهن مان گهڻن جو تعداد اهڙن ماڻهن
جو آهي جيڪي عرب سڳورن جو آشيروارد حاصل ڪري پنهنجو ڪاروبار دبئي ۽ سعودي عرب ۾
ڪري رهيا آهن، ڪجهه ته هتان جا ڪامورا به آهن، جيڪي به ڪو اهڙو موقعو نه ڇڏيندا
آهن جنهن سان عرب سڳورا خوش ٿين. اسان کي ان ڳالهه تي اعتراض نه آهي ته عرب سڳورن کي
پکين جي شڪار جي اجازت نه ڏني وڃي پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙن وحشي عرب سڳورن کي سنڌ ۾ داخل
ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي جيڪي پنهنجي ملڪن ۾ به معصوم ٻارڙن جو شڪار ڪندا آهن،
ڇاڪاڻ ته اهڙا واقعا هاڻ سنڌ ۾ پيش اچي رهيا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه
پيا کنيا وڃن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ قانون جوڙيو
ويو آهي ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ تمام گهڻا قدم به کنيا پيا وڃن پر افسوس جو هتي نه
ته عوام جو تحفظ ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري پکين جي شڪار تي پابندي لڳائي وڃي ٿي. ڪجهه
عرصو اڳ بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار سلمان خان ريگستاني علائقي ۾ هرڻ جو شڪار
ڪيو هو ته ان تي به ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر هتي انسانن تي تشددڪندڙ وحشي عرب
شڪارين تي به ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي ۽ نه متاثرن جي احتجاج جو نوٽيس ورتو وڃي
ٿو.
جيڪڏهن ڪو عدالت ۾ پکين جي شڪار تي پابندي لڳائڻ جي درخواست
جمع ڪرائي ٿو ته عرب سڳورن جا نوازيل رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ وڃي ڳالهه ٻن
ملڪن جي لاڳاپن تائين پهچي ٿي، جنهن سبب سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا، پوءِ نه ته هتان جون اعليٰ
اختياريون ڪو نوٽيس وٺن ٿيون ۽ نه ئي وري هتان جا ساڃاهه وند عرب شڪارين خلاف روڊن
تي اچن ٿا، بهرحال هن وقت اهي سڀ ماڻهو وائکا ٿيندا پيا وڃن، جن عرب سڳورن کي شڪار
جي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي،جنهن سبب سنڌ ۾ پکي ناياب ٿيندا پيا وڃن، ڪجهه عرصو اڳ
اخبارن ۾ اهي خبرون به ڇاپيون ويون هيون ته ٿر جي مختلف علائقن ۾ عرب سڳورن جي لوڌ
هئي، جيڪي شڪار ڪري رهيا هئا پر بعد اهي خبرون بند ٿي ويون، ان مان ئي اندازو
لڳائي سگهجي ٿو ته عرب شڪارين کي هتان جي طاقتور ڌرين جو به آشيروارد به حاصل آهي،
جنهن سبب جوهي جهڙا واقعا پيش اچڻ شرووع ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف
عمران خان به خيبرپختونخواهه ۾ پکين جي شڪار تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو، جنهن مان
اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عرب سڳورن سنڌ کان علاوه ٻين صوبن ڏانهن به رخ ڪيو
آهي پر عرب شڪارين جي وڏي لوڌ صرف سنڌ ۾
لٿل آهي، جن جو رخ ريگستاني علائقن ڏانهن آهي، ڪجهه عرب شڪارين وري تلائن ۽ ڍنڍن ڏانهن
هليا ويا آهن، جتي اهي معصوم بي زبان پکين جو شڪارڪري رهيا آهن.هاڻ اها هتان جي
ساڃاهه وندن ۽ فلاحي تنظيمن جي ذميواري آهي ته اهي عرب شڪارين جي لوڌ کي سنڌ مان
ڀڄائڻ لاءِ روڊن تي نڪري اچي ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي ته جئين هتان جي حڪومت عرب
شڪارين جي شڪار تي پابندي لڳائي.
جيڪڏهن عرب سڳورن جي شڪار تي پابندي نه لڳي ته اهو شڪار
اڳتي هلي انسانن جي شڪار ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ هن ملڪ ۾ به شام ۽ لبنان جهڙيون
حالتون پيدا ٿي وينديون ڇاڪاڻ ته عرب شڪارين جتي پير رکيو آهي اتي اهڙيون ئي
حالتون پيدا ٿيون آهن، جنهن جو اندازو عرب شڪارين جي شڪار مان به لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت
کي گهرجي ته عرب سڳورن کي شڪار دوران معصوم ٻارڙن تي تشدد کان روڪي ته جئين جوهي
جهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن ۽ ڪنهن کي به عرب شڪارين کي شڪار جي دعوت ڏيڻ جي جرئت
نه ٿي ڇاڪاڻ ته اهي عرب سڳورا هتان جي بااثر شخصيتن جي دعوت سبب ئي شڪار تي ايندا
آهن، جيڪڏهن انهن جي ڳچين ۾ هٿ وڌا ويندا ته پکي ناياب ٿيڻ کان بچي ويندا ۽ مهمان
پکين جو ڪو به بندوقن سان استقبال نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن کي همت ٿيندي ته اهي ناياب
پکين جو شڪار ڪري، ڪجهه ڪامورا ته عرب شڪارين جي مهمان نوازي لاءِ پکين جي واڌ
ويجهه جا مشوارا ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن پکين جو تحفظ ڪري انهن جو نسل وڌايو
ويندو ته جئين عرب سڳورا اچي شڪار ڪن ۽ ڪو احتجاج به نه ڪري. اسان ته صرف سپريم
ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هتان جي طاقتور ڌرين کي اهو مطالبو ڪنداسين ته عرب سڳورن جي
شڪار تي فوري طور پابندي لڳائي انهن ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي عرب سڳورن
سان شڪار دوران معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪندا
آهن.
No comments:
Post a Comment