Pages

Monday, 16 January 2017

عوام تي ڪرايل مهانگائي جو بم

صاحب خان ڀٽي
جمهوريت هجي يا وري آمريتي دور پيٽرول ۽ عام شين جا اگهه وڌائڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي، جيڪو ڪڏهن به گهٽجي به نه سگهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته  ملڪ تمام گهڻي قرض ۾ ٻڏي ويو آهي، حڪمرانن ايترو ته ورلڊ بينڪ کان قرض کنيو آهي جو ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻيل آهي، جيڪو قرض شايد ڪا به حڪومت لاهي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته حڪمران قرض ته ورتو پر اهي پيسا ڪاڏي ويا، ان بابت شايد ڪامورن وٽ به جواب نه هوندو جن عالمي بينڪ کان قرض وٺڻ وقت صحيحون به ڪيون هيون، جڏهن به ملڪ لاءِ قرض ورتو ويو، اهو چيو ويو هو ته ملڪ ۾ هاڻ ترقي ايندي قرض به لهي ويندو پر اهو قرض اڄ تائين ادا ته نه ڪيو ويو پر قرض وٺڻ جو سلسلو هلندو رهيو آهي، جنهن کي ڀوڳڻو عوام کي پوندو آهي، ان قرض کي ادا ڪرڻ لاءِ ئي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪرايو ويندو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو پسجي رهيو آهي ۽ حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ به نه چري رهي آهي، هن ملڪ جو عوام بجيٽ ۾ اهي اميدون لڳائي ويندو آهي ته شايد هن ڀيري مٿن ڪو رحم ڪيو ويندو پر ايوان ۾ ويٺل حڪمران ايترا ته ٽيڪس لڳائي ڇڏيندا آهن، جنهن سان هاري ۽ مزدور جو جيئڻ جنجال بڻجي ويندو آهي،
جيڪڏهن حڪومت کان مهانگائي بابت پڇيو ويندو آهي ته اهي صرف اهو بيان ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏيندا آهن ته عالمي سطح تي به مهانگائي ٿي رهي آهي، رڳو پاڪستانن ۾ مهانگائي نه پئي ٿي. مشرف جو هجي يا وري پيپلزپارٽي ان ٻنهي جي حڪومتي دورن ۾ پيٽرول جا اگهه عالمي سطح تي تيل جي اگهن کان ٻيڻ ٽيڻ تي مقرر ڪيا ويا هئا ۽ کانئن پڇڻ وارو ڪير به نه هو ۽ نه ئي ڪو کانئن اهو پڇي به سگهي پيو، ڇاڪاڻ ته جن کان قرض ورتو ويو، انهن جا حڪم به مڃڻ انهن جو فرض بڻجي وڃي ٿو، مطلب ته مهانگائي جي جڙ وڃي ملڪ لاءِ کنيل قرض کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، جنهن قرض سان نه ملڪ ۾ تعليم ۾ سڌارو اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه روڊ رستا تعمير ڪرايا ويا. اهو قرض حڪمرانن جي ڪرپشن جي نظر ٿي يا وري ڪو فرشتو ڳڙڪائي ويو ان جي به هن وقت تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي، هڪ طرف ملڪ ۾ ڪرپشن اوڏوهي جيان کائي رهيي آهي ته ٻي طرف حڪمران هڪ ٻئي مٿان ڪرپشن جا الزام لڳائي پنهنجي پت به وائکي ڪري رهيا آهن، انهن جي اهڙي بيانن سان اهي ڪرپٽ سياستدانن عوام آڏو ظاهر ٿي رهيا آهن جن ڪرپشن ڪري پنهنجي ملڪيت ٻيڻ ٽيڻ ڪري ڇڏي، جن خلاف جاچ به هلندڙ آهي، ڪجهه سياستدان ته هي ملڪ ڇڏي هليا ويا ته ڪن وري پلي بارگيننگ جو رستو اختيار ڪيو ۽ ڪرپشن مان حصو پتي ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي،
چوڻ جو مطلب ته هن ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ته ڪيترن ئي سياستدانن دعوائون ڪيون پر مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهي به ڪافي حد تائين ناڪام ويا، احتجاج هجن يا وري ڌرڻا نه انهن سان ڪرپشن ڪندڙن تي اثر پيو آهي ۽ نه ئي حڪمرانن جي ڪا پاليسي تبديل ٿي رهي آهي، بس فرق پيو آهي ته عوام تي پيو آهي، ته انهن رڙيو ڪري ڇڏي ڏنيون آهن، بس انهن ڌرڻن ۽ احتجاجن جي آسري تي عوام اهو انتظار ڪرڻ لڳو آهي ته  متان اهي اڳواڻ ڪرپشن کي ختم ڪرائي مهانگائي تي ضابطو آڻين، اسان وٽ وڏو الميو  اهو رهيو آهي ته جڏهن به عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ هڪ روپئي جي به واڌ ٿي آهي ته هن ملڪ ۾ فورن طور قيمت ۾ وڌ ڪئي ويندي پر جڏهن عالمي سطح تي رڪارڊ ٽوڙ گٽتائي ڪئي ويندي آهي ته هن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي آهي ۽ نه ڪو حڪمرانن کان پڇڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هاڻ به نئين سال جي آمد بعد پهرين مهيني جنوري ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وفاي وزير اسحاق ڊار چيو  آهي ته گاسلليٽ ۽ لائيٽ ڊيزلجي قيمت ۾ واڌ نه ٿيندر جڏهن ته پيٽرول جي اگهن م واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،
ناڻي واري وزير اسحاص ڊار جڏهن ميڊيا سان ڳالهائيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو بيان ڏنو تڏهن ئي هر هڪ اهو ئي چئي رهيو هو ته اهو حڪومت طرفان عوام لاءِ نئين سال جو تحفو آهي، جيڪو بم جي صورت ۾ عوام کي ڏنو ويو آهي، ڪجهه عرصو اڳ ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي رهي هئي پر اسان جي ملڪ ۾ حڪمران تيل جي اگهن مان واڌ ڪري رهيا هئا، هر هڪ ماڻهو ان ڳالهه تي حيران به هو ته آخر حڪومت اهڙا قدم ڇو پئي کڻي جنهن سان عام ماڻهو جي چيلهه چٻي ٿي رهي هجي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ جڏهن به واڌ ٿي آهي، ان جو اثر عام واهپي جي شين تي به پوندو آهي، جڏهن به حڪومت طرفان هڪ روپيا يا وري ٻه روپيا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي تڏهن واپارين عام شين جي اگهن ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو آهي، جنهن سبب هر رخ کان نقصان صرف عام ماڻهو جو ٿيو آهي، پر جڏهن به حڪومت تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو تڏهن نه ته واپارين عام شين جا اگهه گهٽايا ۽ نه ئي وري حڪومت انهن تي زور ڀريو ته اهي اگهن ۾ گهٽتائي ڪن پر حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کنيو، جنهن سبب تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عام ماڻهو کي نه مليو، هن ڀيري به جڏهن هر ماڻهو نئين سال ۾ خوشخبري ٻڌڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته حڪومت انهن کي خوشخبري ڏيڻ بدران مهانگائي جو بم ڪرائي ڇڏيو،
جيڪڏهن هن وقت به حڪمران پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو نه روڪيو ته اهو عوم سان وڏي زيادتي هوندي، هڪ طرف دهشتگردن  ۽ ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ته ٻي طرف مهانگائي جو طوفان آڻي رهيل ڪسر به ڪڍي پئي وڃي، جنهن سان ملڪ ترقي ته نه ڪندو رهندو پوئتي هليو ويندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان ملڪ لاءِ وٺڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ان ڏينهن کان ترقي ٿي آهي ته صرف ڪرپٽ ڪامورن ۽ بااثرن جي ٿي آهي،  ٻاهرن ملڪن ۾ بينڪ بيلنس ۾ واڌ ٿي آهي ته ڪامورن جي بينڪ بيلنس ۾ ٿي آهي، جنهن جو اندازو اسان سياستدانن جي ڏنل بيانن مان به لڳائي سگهون ٿا جيڪي مختلف وقتن تي هڪ ٻئي تي اهي بيان ڏيندا رهندا آهن ته ملڪ  کي لٽي دولت ٻاهرن ملڪن ۾ رکي وئي آهي ۽ آفشور ڪمپنيون به ٺاهيون ويون آهن، جنهن جو ثبوت اسان وٽ پاناما پيپرز  جي صورت ۾ به اچي پهتو آهي، جن به سياستدانن جون آفشور ڪمپنيون نڪتيون آهن اهو وري ٻي سياستدان کي ملڪ جو لٽيندڙ ڪوٺي رهيو آهي، مطلب ته هو پنهنجي آف شور ڪمپنين کي ته درست سمجهي ٿو ته ٻين جي آف شور ڪمپنين کي غير قانوني ڪوٺي رهيو آهي، بهرحال ڪرپشن جي ناسور سبب ئي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏ مهانگائي به چوٽ چڙهي رهي آهي، بس عوام ته حڪمرانن کان اهو ئي مطالبو ڪندو رهيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي رليف فراهم ڪيو وڃي ته جئين عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.


No comments:

Post a Comment