صاحب
خان ڀٽي
سڄي
دنيا ۾ ڪورونا جا وبا جا چرچا آهن، اسان جي ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان ڪرپشن ۽ سياسي ٻڌ
ڇوڙ واريون خبرون گردش ڪندي نظر اچي رهيون آهن، بينظير جي شهادت کانپوءِ اقتدار
حاصل ڪندڙ پيپلزپارٽي پهريون ڀيرون ملڪ جي چونڊيل پارٽي هئي، جنهن اقتدار جو مدو
پورو ڪيو ۽ هڪ ٻي چونڊيل جماعت جي اقتدار حوالي ڪيو پر مسلم ليگ ن کي خبر نه هئي ته ايندڙ ڏينهن سندن لاءِ تمام گهڻا خطرناڪ هوندا، ته نواز ليگ کي
اڄ اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڏکيائن کي منهن ڏيندڙ جماعت به
نواز ليگ آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف اڻ سڌي ته هن ڀيري به جلا وطني واري زندگي گهاري
رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته نواز ليگ کي انتقامي سياست جو نشانو بڻايوپيو وڃي پر ان وقت
اهو نه ٻڌايو ويو هو ته آخر ڪهڙي جماعت يا ڌر نواز ليگ کي انتقام جو نشانو بڻائي
رهي آهي، اسان ته ڪافي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته سياستدان چور آهن، جن کي صادق امين جا سرٽيفڪيٽ مليل آهن، اهي اڄ ملڪ
جي حڪمراني جي ڏور سنڀالي ويٺا آهن، جن جي اچڻ سان ملڪ ۾ دوائن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو،
ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، ڪروڙين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا، لکين ماڻهن جا
حدددخليون ڄاڻائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، زمينن تي بيٺل فصل کي ڀيلائي خوراڪ جي کوٽ
پيدا ڪئي وئي، اهي حڪمران واقعي صادق امين آهن پر جن ملڪ مان
دهشتگردي ختم ڪئي، دهشتگردن کي جيلن ۾ بند ڪرايو، امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي،
روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، سي پيڪ جهڙا منصوبا ملڪ ۾
آندا، اهي حڪمران واقعي اهڙين ڌرين جي نظر ۾ چور آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊن
وقت سياستدانن کي چور چور چئي اشتهار نشر ڪيا ويا، سياستدانن کي بدنام ڪيو ويو، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هو پاڻ ئي
بي نقاب ٿي ويا، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن حڪومت ۾
مهانگائي وڌي وڃي ته سمجهي وڃجو ته وزيراعظم چور آهي ۽ اسان ڏٺو سين ته عمران خان
جي اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي، بيروزگاري وڌي وئي، ڪيترن ئي ملڪن کان
قرض وٺي قرض وٺڻ جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا پر ملڪ ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو، جڏهن نوازشريف ۽
آصف علي زرداري جي حڪومت هئي، ان وقت ملڪ ۾ روڊن رستن جو ڄار وڇايو پئي ويو، ماڻهن
کي سرڪاري نوڪريون ملي رهيون هيون، ملڪ آهستي آهستي ترقي ڪري رهيو آهي، خاص طور تي
نوازشريف جي دور ۾ ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي هئي پر
صادق ۽ امينن جي اچڻ کانپوءِ ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو، مهانگائي ٿي وئي ۽ صنعتون بند ٿي ويون، اهو ڇو ٿيو، ان
مان صاف اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ امين ۽ صادق ويٺل آهن، جڏهن چور
حڪمران هئا ته ملڪ ترقي ڪري پيو ۽ ماڻهن کي روزگار ملي رهيو هو، جيڪا دوا صادق ۽ امين جي دور پنج سئو روپين ۾ ملي رهي آهي، اها دوا چور
حڪمرانن جي دور ۾ 50 روپين ۾ ملي ويندي هئي.
بهرحال
تازو اي پي سي کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي تقرير کانپوءِ صادق ۽ امينن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، کيس
غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا آهن پر شايد کين اها خبر نه آهي ته ميان
محمد نوازشريف پٺيان عوام آهي، جڏهن اپوزيشن متحد ٿي ته اها جيڪا سياست ۾ ٻڌ ڇوڙ
وارو سلسلو هلي رهيو آهي، اهو ختم ٿي ويندو، پر اپوزيشن متحد ڪڏهن ٿيندي،
اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته اپوزيشن اڳواڻ هڪٻئي کي اڳتي وڌڻ نه ٿا ڏين،
جيئن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته سموريون
پارٽيون هٿ مٿي ڪري بيهي رهيون، اهو رڳو ان ڪري ٿيو مخالف ڌر اڳواڻن کي خبر پئجي
وئي هئي ته جيڪڏهن مولانا ڌرڻي ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اهو به عمران خان جيان وزيراعظم
بڻجي ويندو، تنهن جي ڪري پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيان ڏنو ته هو غير
جمهوري طريقي سان حڪومت کي ڪيرائڻ نه ٿا چاهين، ان کان اڳ بلاول
پاڻ ئي چئي چڪو هو ته عمران خان هڪ سليڪٽيڊ وزيراعظم آهي، ان جو مطلب شايد اهو هو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ئي اصل جمهوريت آهي. ان سان گڏ نواز
ليگ ڪارڪنن به جي يو آءِ جي ڌرڻي ۾ سٺي نموني سان
شرڪت نه ڪئي ۽ ظاهري طور اهو لڳي رهيو هو ته مولانا فضل الرحمان اڪيلو ٿي ويو آهي
۽ پوءِ مولانا کي واپس گهر وڃڻو پيو، هن وقت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته نيب مولانا فضل
الرحمان جا اثاثا هٿ ڪري ورتا آهن پر اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نيب گرفتاري کان
اڳ اثاثا ظاهر ڪيا آهن نه ته ان کان اڳ گرفتاريون پهرين ٿينديون هيون ۽
اثاثا بعد ۾ ڳوليا ويندا هئا.
اي
پي سي کانپوءِ نوازشريف جي تقرير ملڪ ۾ هڪ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، نوازشريف جا اهڙا
بيان به آهن، جيڪي هن وقت تائين ميڊيا تي نشر ناهن ڪيا ويا، جيڪي رڳو سوشل ميڊيا
تي شيئر ٿي رهيا آهن،هي اها سوشل ميڊيا آهي، جنهن کي نوازشريف پنهنجي دور ۾ پٽو
وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سبب اهڙو سخت قانون آندو هو، جيڪو راءِ جي اظهار
خلاف هو.، بهرحال نوازشريف جي تقرير کانپوءِ سندس
ڀاءُ شهباز شريف کي حراست ۾ ورتو ويو، جيڪو ڪافي عرصي کان اڳوڻي صدر آصف علي
زرداري جي مفاهمت واري پاليسي اپنائي ويٺو هو، کيس خبر نه هئي ته سندس وڏي ڀاءُ جي
تقرير سندس مفاهمت واري پاليسي کي ناڪارا بڻائي ڇڏيندي،ان سان گڏ نوازليگ اڳواڻن
کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا، ڪجهه نواز ليگ اڳواڻن نوازشريف جي تقرير ٻڌڻ کانپوءِ
پنهنجو رستو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ڪجهه اڳواڻن ته پي ٽي آءِ سان رابطو ڪرڻ شروع ڪري
ڇڏيو،
پيپلزپارٽي اڳواڻ به خورشيد شاهه به ڪافي عرصي کان جيل ۾ آهن، ان کان اڳ نيب ڪرپشن
جي الزام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري چڪي
آهي، ايتري قدر جو بلاول ڀٽو زرداري کي به راولپنڊي گهرايو ويو هو، تازو ئي نيب ڪرپشن
الزام هيٺ پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي پٽ مخدوم جليل الزمان
عرف حبيب الله کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. نيب سنڌ جي ذريعن موجب اڳوڻي تعلقي ناظم
مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي، کيس طلبي جا 5
نوٽيس جاري ڪيا ويا پر هو پيش نه ٿيو. اڳوڻي ٽريزري آفيسر مشتاق شيخ جاچ دوران
مخدوم حبيب جو نالو ورتو، جنهن بعد مخدوم حبيب الله کي ڪراچي ايندي بحريا ٽائون
وٽان حراست ۾ ورتو ويو. گذريل ڏينهن احتساب عدالت جي جج سيد اصغر
توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي نواز شريف جي
جائيدادن جي ضبطگي جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، نيب جي طرفان لاهور جي نجي بينڪ ۾
نواز شريف جي نالي تي ملڪي ۽ غير ملڪي رقم جا تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا. جنهن
موجب، نواز شريف جي نالي تي لاهور ۾ 1650 ڪنال کان وڌيڪ زمين، پراپرٽيز، گاڏيون ۽
بينڪ اڪائونٽس به شامل آهن. ان کان علاوه نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مري ۾ به
نواز شريف جي نالي تي جڳهه آهي جڏهن ته شيخوپوره ۾ به 102 ڪنال زرعي زمين به نواز
شريف جي نالي تي آهي.
No comments:
Post a Comment