Pages

Monday 8 February 2016

سوناڪشي 2 جون 1987 ع ۾ بالي ووڊ اداڪار شترگهن سنها جي گهر ۾ جنم ورتو

ننڍي کنڊ کي فلمي دنيا جي لحاظ کان به هڪ الڳ مقام حاصل آهي، هن کنڊ ۾ هر دور ۾ اهڙا ته اداڪار اڀرندا رهيا آهن، جن اداڪاري جا منفرد جوهر ڏيکاري وڏو نانءُ ڪمايو آهي.
انهن اداڪارن مان سونا ڪشي سنها به هڪ آهي، جنهن گهٽ وقت ۾ اداڪاري ذريعي وڏو نالو  ڪمايو آهي.
سوناڪشي 2 جون 1987 ع ۾ بالي ووڊ اداڪار شترگهن سنها جي گهر ۾ جنم ورتو.
سوناڪشي 2010ع ۾ فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، سندس پهرين سلمان خان سان گڏ دبنگ هئي آهي. جنهن ۾ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
سوناڪشي اداڪاري جي هر شعبي ۾ ايتري ته مهارت رکندڙ آهي، جو کيس ڪهڙو به ڪردار ڏنو ويندو  آهي ته ان کي هوءَ حقيقي روپ ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
سونا ڪشي جي ڪامياب فلمن ۾ سن آف سردار، رائوڊي راٺوڙ، بوس، بليٽ راجا، ايڪشن جيڪسن، لنگا، تيور شامل آهي.
سوناڪشي کي بهترين اداڪاري ڪرڻ جي مڃتا طور مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي .

سوناڪشي سنها اڄ پنهنجي 28 هين سالگرهه ملهائي رهي، جڏهن ته سندس مداح به مختلف ملڪن ۾ سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن......

No comments:

Post a Comment