Pages

Monday 8 February 2016

سعودي عرب جو ڇهون باڊشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز 91 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سعودي عرب جو  ڇهون باڊشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز 91 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
شاهه عبدالله پهرين آگسٽ 1924ع ۾ شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ جنم ورتو.
شاهه عبدالله  شروعاتي تعليم سعودي عرب مان حاصل ڪئي ۽ کيس فوجي معاملن تي عبور حاصل هو.
شاهه عبدالله سعودي عرب جي نيشنل ڊفينس ڪمانڊ جو سربراهه پڻ رهيو، جنهن دوران هن سعودي فوج کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ فوجي جوانن کي جديد تربيت ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شاهه عبدالله کي 16 ٻارڙن جو اولاد آهي، سعودي جي پنجين بادشاهه شاهه فهد جي دور ۾ شاهه عبدالله ملڪ جي ترقي لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شاهه فهد جي دور ۾ شاهه عبدالله مختلف ملڪن سان رابطه بهتر بڻايا ۽ هن هميشه  پاڙيسيري ملڪ سان گڏ مسلمان ملڪن سان بهتر واسطا رکڻ  کي ترجيح ڏني.
شاهه عبدالله پهرين آگسٽ 2005ع ۾ شاهه فهد جي لاڏاڻي بعد سعودي عرب جي بادشاهي سنڀالي ۽ هو ڇهون فرمان روا  بڻيو.
شاهه عبدالله پنهنجي حڪومتي دور ۾ سخت مخالف ملڪن سان به بهتر لاڳاپا قائم ڪيا سندس دور ۾  ايران سان واسطا وڌيا ۽ هن جي ڪوشش هئي ته سمورن مسلمان ملڪن کي متحده ڪري اسلامي دنيا کي ترقي ڏيارجي.
شاهه عبدالله جي دور ۾ سعودي اندر بادشاهي خلاف بغاوت جو اثر به نظر آيو پر هن ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي عوام کي ڪجهه وڌيڪ حق ڏنا.
شاهه عبدالله جي دور ۾ سعودي ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو ۽ راندين ۾ حصو وٺڻ جي به اجازت ڏني وئي.
شاهه عبدالله آمريڪا سميت دنيا جي طاقتور ملڪن سان به ڪلهو ڪلهي سان ملايو .
شاهه عبدالله بادشاهي دوران مختلف وقتن تي  سخت بيمار پڻ ٿيو، 2013 ۾ کيس آمريڪا جي اسپتال ۾ گڙدن جي تڪليف سبب  کيس داخل ڪيو ويو جتي هو تقريبن ٻن مهينن تائين علاج هيٺ رهيو.
2013 بعد شاهه عبدالله جي طبيعت گهڻي ٺيڪ نه رهندي هئي، ڊسمبر 2014 ۾ گهڻو بيمار ٿيڻ سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن علاج دوران 23 جنوري 2015 تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي اڄ دنيا سوڳوار آهي، سعودي  عرب جي عوام سميت اڪثر مسلمان ملڪن جا ماڻهو سندس خدمتن کي ساراهي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment