لالي ووڊ فلم انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اداڪار ۽ فنڪار پنهنجيون ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن اداڪارائن ۾ نور بخاري جون به ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
اداڪاره نور ماڊلنگ جو ميدان هجي يا وري فلمن ۾ اداڪاري هر پليٽ فارم تي هنءَ پاڻ مڃرايو آهي.
اداڪاره نور پنجاب جي شهر لاهور ۾ 3 جولاءِ 1982ع ۾ جنم ورتو.کيس ننڊ پڻ کان اداڪاري جو تمام گهڻو شوق هو، سندس پهرين فلم عروسا هئي.
ناليواري اداڪاره 2000ع ۾ شان سان گڏ فلم مجهي چاند چاهيي ۾ ڪم ڪيو، جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو.
ڪجهه عرصي بعد نور بخاري هڪ انڊين شهري سان شادي ڪري دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
ناليواري اداڪاره دبئي ۾ پنهنجي هڪ پروڊڪشن ڪمپني کولي ۽ 2008 ع ۾ هوءِ گهريلو مسئلن سبب واپس ڏيهه آئي ۽ مڙس کان طلاق ورتي.
نور ڪجهه عرصي بعد ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر فاروق مينگل سان شادي ڪئي پر اها به گهڻو عرصو هلي نه سگهي.
ناليواري اداڪاره 2010 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري مداحن جون دليون کٽي ورتيون، کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
نور بخاري جي مشهور فلمن ۾ ڀائي لوگ، آگ ڪا دريا، گهر ڪب آئوگي، تيري پيار ۾ ۽ ٻيون ڪيتريون شامل آهن.
اداڪاره نور پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي پيغام ڏنو آهي ته هميشه ٻين جي مدد ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به شخص جي دل آزاري نه ڪئي وڃي.......او ڪي.......
No comments:
Post a Comment