Pages

Monday, 8 February 2016

مداحن جي دلين ۾ زنده رهندڙ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره نرگس دت پ

مداحن جي دلين ۾ زنده رهندڙ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره نرگس دت پنهنجي اداڪاري ۾ اهڙو ته رنگ ڀريو جو سندس ڪيل ادا ڪاري اڄ به مثال بڻيل آهي.
بالي ووڊ فلم انڊسٽري  ۾ وڏو نانءُ ڪمائيندڙ  اداڪاره  نرگس پهرين جون 1929 ۾  ڀارت جي شهر ڪولڪتا ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو فاطمه رشيد هو.
اداڪاره نرگس کي قدرت اهڙي ته ڏات ڏني جو هوءَ هر ڪردار کي تمام بهتر نموني سان ادا ڪندي هئي، جنهن سبب  ماڻهو کيس سنجيده ڪردار جو رول ماڊل به سمجهندا هئا.
اداڪاره نرگس کي ننڊ پڻ کان ئي اداڪاري جو تمام گهڻو شوق هو، هنءَ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1935ع ۾ تلاش عشق فلم ذريعي  ڪئي.
اداڪاره نرگس 1957 ۾ ريلز ٿيل فلم مدر انڊيا ۾ پنهنجي فن جا اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو هوءَ ڪاميابي جي بلندين تائين پهچي وئي ۽ کيس ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
اداڪاره نرگس 1958ع ۾ سنيل دت سان شادي ڪئي، ۽کيس ٽن ٻارن جي اولاد ٿي، سندس پٽ سنجي دت پڻ بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي.
اداڪاره  نرگس جي مشهور فلمن ۾ مدر انڊيا، برسات، انداز، آوارا، ديدار ، شري، چوري چوري  ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شامل آهن.
اداڪاره نرگس  کي بهترين اداڪاري ڪرڻ تي فلم بيسٽ ايڪٽريس ايوارڊ، نيشنل فلم ايوارڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.
اداڪاره نرگس 1980ع ۾ راجيح سڀا جي ميمبر طور به چونڊيي وئي ۽ ان دوران ئي هوءِ  ڪينسر جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
 اداڪاره نرگس جو هر انداز الڳ هو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ۽ سندس فن لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به ياد ڪيون وڃن ٿيون..
اداڪاره نرگس جي  سالگرهه جي موقعي تي  سندس مداح ڀارت سميت سڄي دنيا اڄ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن............

No comments:

Post a Comment