Pages

Monday, 8 February 2016

مصطفيٰ قريشي کي ولن جو ڪردار تمام بهتر انداز ۾ ادا ڪرڻ سبب وڏي شهرت ملي

اداڪاري اهڙو فن آهي جنهن جي ادائگي سان ڪنهن ڪردار کي ان جي اصل روپ ۾ نروار ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي ئي ڏکي فن ۾ ڪيترن ئي اداڪارن ڪردارن ۾ حقيقي روح ڦوڪي تمام وڏو نالو  ڪمايو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو مصطفيٰ قريشي کي ولن جو ڪردار تمام بهتر انداز ۾ ادا ڪرڻ سبب وڏي شهرت ملي آهي.
مصطفيٰ قريشي پاڪستان جي قيام کان اڳ 14 مئي 1940ع  ۾ سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
مصطفي قريشي 1967ع ۾  فلم ” لاکون ۾ ايڪ “ ذريعي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هن ڊرامن ۾ پڻ پنهنجي  فن جا جوهر ڏيکاريا.
مصطفي قريشي 1979ع  ڌاري پنجابي فلم مولا جٽ ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن بعد سلطان راهي ۽ مصطفي قريشي جي جوڙي تمام گهڻي شهرت  ماڻي.
مولا جٽ فلم ۾ مصطفي قريشي جي ولن جي ڪردار کي ايتري ته شهرت ملي جو سندس ادا ڪيل (ڊائلاگ نيان آيائي سوڻيا ) هر هنڌ گونجڻ لڳو ۽ فلمي نالو نوري نات سندس سڃاڻپ بڻجي ويو.
هن کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو بهترين اداڪار سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ پڻ آهي ۽ هو هميشه
ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.
مصطفيٰ قريشي جي ڪامياب فلمن ۾ شير خان، ڪمانڊر، لوهار، دشمني، سرگم، چيف صاحب، ماروي، نانگ ديوتا، سوها جوڙا شامل آهن، جن ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي کيس ايوارڊ پڻ مليا.
مصطفي قريشي سنڌي، اردو ۽ پنجابي فلمن سان گڏ ڊرامن ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن، سندس سنڌي فلم وڏيرو سائين به تمام گهڻي پسند ڪئي وئي.

مصطفي قريشي اڄ پنهنجي 75هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي ۽ سندس مداح به مختلف شهرن ۾ سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن. 

No comments:

Post a Comment