پ پ ۽
ٻين مخالف پارٽين سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ
ميان رضا رباني کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام
آباد ۾ زرداري هائوس تي آصف علي زرداري جي
صدارت هيٺ مخالف پارٽين جو اجلاس ٿيو،
جنهن ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم، اي اين پي سميت ٻين مخالف پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيا.
اجلاس
بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اي اين پي
سربراهه اسفند يار ولي چيو ته هنن سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ رضا رباني کي نامزد
ڪيو آهي جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين جو عهدو بلوچستان حوالي ڪيو ويندو. .....ايس او ٽي
اسفند يار ولي پارٽ ون....
اسفند
يار ولي چيو ته هنن وٽ نواز ليگ وفد آيو جنهن کي هنن مشورو ڏنو ته سينيٽ ۾ اڪثريت
رکندڙ ٻئي وڏيون پارٽيون پاڻ ۾ ويهي معاملا حل ڪن. پهرين نمبر پارٽي چيئرمين ۽ ٻيو
نمبر جماعت ڊپٽي چيئرمين جو عهدو کڻي..... ايس او ٽي اسفند يار ولي پارٽ ٽو........
اي اين
پي سربراهه چيو ته فاٽا جا ٽي ميمبر ساڻن گڏ آهن. .... اسفند يار ولي ايس او ٽي
پارٽ ٿري..........
ان موقعي
تي ايم ڪيوا يم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته سينيٽ چيئرمين لاءِ هو مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏ آهن ۽ ايندڙ وقت
۾ هر قانونسازي ۽ ٺهرائن جي منظوري ۾ ساڻن
گڏ هوندا...... ايس او ٽي پارٽ ون فاروق ستار........
فاروق
ستار چيو ته سينيٽ ۾ سمورن صوبن جي هڪ جيتري نمائيندگي آهي.... ايس او ٽي ....
پارٽ ٽو.... فاروق ستار.....
ايم ڪيو
ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته هنن جا پ پ سان 60 ۽ 40 سيڪڙو واري معاملي تي ڳالهيون
ٿيون آهن ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين ساڻن مڪاني حڪومتون قائم ڪرڻ جو به واعدو ڪيو
آهي... اي او ٽي پارٽ ٿري ... فاروق ستار......
ان موقعي
تي مخالف ڌر جي سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد
ڪيل اميدوار رضا رباني سمورين پارٽين جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو اڳواڻن جي اعتماد
تي پورو لهندو. ... ايس اوٽي رضا رباني........
No comments:
Post a Comment