Pages

Monday, 8 February 2016

تعليم کاتي جي نااهلي جو هڪ اهڙو مثال پهرين درجي کان اٺين ڪلاس جي شاگردن کي مفت امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ آهي.

سنڌ ۾ مفت تعليم ڏيڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ رکي وڃي ٿي پر اها ٺيڪ نموني خرچ نه ٿيڻ ڪري تعليم پرائيندڙ شاگردن کي پريشان ٿيڻو پئي ٿو ۽ تعليم به متاثر ٿئي ٿي.
سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري ۽ مفت علم ڏيڻ جا اعلان ته ڪري ٿي پر ڪٿي به عملي طور قدم کڏندي نظر نٿا اچن. 
تعليم کاتي جي نااهلي جو هڪ اهڙو مثال پهرين درجي کان  اٺين ڪلاس جي شاگردن  کي مفت امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ آهي.
خيرپور جي 3 هزار هڪ سئو 40 پرائمري، 71 مڊل ۽  هڪ سئو 20 ايلمينٽري اسڪولن جي 2 لک 15 هزار 3 سئو 26 شاگردن کي امتحاني ڪاپيون نه ملي سگهيون آهن.
امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ ڪري شاگرد ۽ استاد پريشاني جي ور چڙهيل آهن.
حڪومت جي نااهلي بابت ڳالهائيندي خيرپور واسين چيو ته گذريل سال کان سندن ٻارڙن کي سواليا پيپر  ۽ امتحاني ڪاپيون نه پيون ملن ..... ايس او ٽي....
خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪار مفت تعليم ڏيڻ واري اعلان تي عمل نه پئي ڪري.

خيرپور جي شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هتان جي شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ  ڪيل اعلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ فوري طور شاگردن کي امتحاني جي جواب واريون ڪاپيون ۽ سواليا پيپر ڏنا وڃن.

No comments:

Post a Comment