ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي وسندين ۾ مومنن پاران فرش عزا وڇايو ويو آهي
ملير ۾ به امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثارن جي قربانين جي ذڪر جي سلسلي ۾ مجلسون منعقد ڪيون پيون وڃن.
ضلعي جي سمورن امام بارگاهن ۾ عالم سڳورا مجسلن کي خطاب دوران ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪري اسلام جهڙي عظيم مذهب جي ڏسيل واٽ تي عمل جو درس ڏئي رهيا آهن.
ملير جي جعفر طيار، غازي ٽائون، گلشن حديد، ڀينس ڪالوني، عباس ٽائون، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڪالا بورڊ ، پپري ۽ ٻين علائقن ۾ مومنن پاران علم پاڪن کي سينگارڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.
جلوسن جي لاءِ تعزين کي به سينگارڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي پياس کي ياد ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سبيلون پڻ لڳايون ويون آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي هڪ نوجوان ٻڌايو ته هو سبيل ان ڪري قائم ڪندا آهن ته جيئن ڪربلا جي شهيدن کي سلام پيش ڪري سگهجي.
ايس او ٽي.......................
هڪ عزدار جو چوڻ هو ته امام حسين جي قرباني کين انسانيت جو درس ڏئي ٿي. جنهن تي عمل سان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ايس او ٽي.........................
سيڪيورٽي بابت ملير واسين جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران بهتر حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن.
ايس او ٽي .....................
پوليس آفيسرن سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته عزادارن جي سيڪيورٽي لاءِ ڀرپور انتظام ٿيل آهن،.... ايس او ٽي پوليس آفيسر...........
No comments:
Post a Comment