صاحب خان ڀٽي
آگسٽ جي
شروع ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڌرڻن ۽ جلسن جي شروعات ٿي وئي ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه
پاران آزادي مارچ ۽ عوامي تحريڪ پاران انقلاب مارچ شروع ڪيو ويو، لڳي پيو ته ملڪ
اندر هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي پر تبديلي ته نه آئي رهندو ملڪي معيشيت کي وڏو
نقصان رسيو. عمران خان ۽ طاهرالقادري چيو ته نوازشريف جي استعيفيٰ تائين ڌرڻو جاري
رهندو. عمران خان اهو به چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حڪومت نواز شريف کان
بهتر هئي. عمران خان جا اهي لفظ ٻڌي لڳي پيو ته عمران خان زرداري جي حمايت حاصل
ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي. شروعات ۾ ته پيپلزپارٽي خاموش رهي پر اچانڪ
پيپلزپارٽي جي قيادت پاران بيان ڏنو ويو ته ڇا به ٿي پئي هو جمهوريت کي ڊيل ريل
ٿيڻ نه ڏيندا. پيپلزپارٽي جي قيادت جو اهو به چوڻ هو ته هو نواز شريف جي مدد نه پر
جمهوريت کي بچائي رهيا آهن. پيپزپارٽي جي اهڙي بيان بعد سنڌ اندر هڪ نئون ڌماڪو
ٿيو اهو ڌماڪو بارو جو نه هو پر اهو ڌماڪو لنڊن جي شهري الطاف حسين پاران ڪيو ويو، جنهن سنڌ ۾ پناهگيرين لاءِ الڳ
صوبي جو مطالبو ڪيو، متحده سربراهه الطاف حسين جي سنڌ ورهاڱي بعد پيپلزپارٽي جي
اڳواڻن قومي جذبو ڏيکاريندي قومپرستي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، لڳي ڪڏهن بلاول چيو ته
مرسون مرسون سنڌ ڏسيون ته ڪڏهن ٻين اڳواڻن
چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. ڪراچي سنڌ جي ورڱي
جي چاڪنگ پڻ ڪئي وئي ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جا جذباتي بيان پڻ ٻڌڻ ۾ آيا. لڳي پيو ته سنڌ جي آجپي لاءِ شهادت ماڻيندر ته
ڪجهه ناهي ڪيو سڀ ڪجهه سنڌ لاءِ ته هي ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ننڍي کان وٺي پيرسن
تائين هر شخص کي خبر آهي ته ماضي ۾ ڪيترن ئي سياسي پارٽين اقتدار جي خاطر سنڌ ڪارد
کيڏيو آهي. الطاف حسين جو هي بيان به انهن جي هڪ ڪڙي آهي، الطاف جي بيان کان پوءِ
بلاول جي بيانن جي برسات ۽ گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي. سڄي سنڌ اهو هو ته پيپلزپارٽي وفاق
سان گڏ سنڌ سان به تمام گهڻي محبت ڪري ٿي جنهن سبب بلاول اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.
بحرحال مان صرف انهن ماڻهن کي ايترو ضرور چوندس خدارا پنهنجي سياست ۾ اسان جي پاڪ
ڌرتي ماءُ کي نه آندو. الطاف حسين کي جڏهن پنهنجي ڳالهه مڃراڻي هوندي آهي ته اهو
سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري مڃرائي وٺندو آهي جيڪو درست عمل نه آهي، پنهنجا مطالبا
مڃرائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي رستا آهن، اهڙا بيان ڏيڻ سان اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽
سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ ويڇا وڌي ويندا جنهن سان ٻنهي ڌرين کي تمام گهڻو نقصان به
پهچي سگهي ٿو. الطاف حسين جي بيانن بعد پيپلزپارٽي پڻ جلسي جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي
سياسي طاقت ڏيکارڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو بهتر عمل آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري
چيو هو ته عمران خان ۽ طاهر القادري جلسن ۽ ڌرڻن تي ڪيترا پئسا خرچ ڪيا ويا؟ اڳوڻي
صدر ٻنهي اڳواڻن کي چيو هو ته توهان جي ڌرڻن ۽ جلسن سبب عوام پريشان ٿي وئي آهي ۽
ملڪ جي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. اهو ته ماضي هيو پر حال ۾ پ پ پاران ڪراچي ۾
18 آڪٽوبر جناح جي مزار تي جلسو منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن بعد سنڌ
اندر وڏي پيماني تي مهم هلائي وئي آهي. اعليٰ قيادت پاران پارٽي جي چونڊيل نمائيندن کي عوام جي شرڪت کي
يقيني بڻائڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پ پ قيادت پاران اهو اعلان به ڪيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر
تي باضابطه سياست ۾ پير رکڻ جو اعلان ڪندو ۽ سندس هي جلسو تاريخي هوندو جنهن ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو شريڪ ٿيندا. پ پ قيادت
عوام جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ وال
چاڪنگ ۽ روڊن رستن تي بينر پڻ لڳايا ويا آهن، اها سٺي ڳالهه ته پ پ پنهنجي سياسي
سگهه جو مظاهرو ڪري رهي آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جلسو جنهن هنڌ ڪيو پيو اڃي ان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٻين
رستن کي سيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر وڏي ناانصافي آهي، ڪيترائي ماڻهو
پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ پريشان ٿي ويندا ۽ نوڪرين تي ويندڙ به سخت پريشاني کي
منهن ڏيندا. رستا سيل ڪرڻ ته ٺهيو سول اسپتال جي او پي ڊي به بند رکڻ جو ٻڌڻ ۾ اچي
رهيو آهي، جيڪڏهن او پي ڊي بند ٿي ته هزارين
مريض پريشان ٿي ويندا. پيپلزپارٽي کي صرف
ايتري گذارش ڪبي ته جيڪي رستا بند ڪيا وڃن انهن جو متبادل رستو ضرور ڏنو ته جيئن
عوام پريشان نه ٿئي. سڄي صدر کي سيل ڪرڻ سان هزارين ماڻهو پريشان ٿي ويندا جيڪا
سراسر ناانصافي آهي. جلسا ۽ ڌرڻا ڪرڻ هر
هڪ سياسي پارٽي جو حق آهي جنهن کان ڪير به روڪي نٿو سگهي پر متبادل رستو نه ڏيڻ
اسپتالن جي او پي ڊي بند ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
جلسي کي
ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي شهرن مان
قافلا ڪراچي پهچي رهيا آهن، پيپلزپارٽي جي جلسي جي ڪاميابي لاءِ اسان جون به نيڪ خواهشون آهن ۽ پيپلزپارٽي جي
قيادت کي هڪ نماڻي گذارش به آهي ته جيڪو اسان کي ٻڌڻ پيو اچي ته سول اسپتال جي او
پي ڊي بند ۽ سڄي صدر کي سيل ڪيو ويندو اهو نه ٿيندو.
No comments:
Post a Comment