Pages

Monday, 8 February 2016

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪٽنب جي ڪهاڻي اهڙي آهي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪٽنب جي ڪهاڻي اهڙي آهي جو ان جي ڳالهه ڪندي ماڻهو ۾ حقن جي حاصلا ت لاءِ اتساهه پيدا ٿئي ٿو.
ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي مظلوم ۽ محقوم ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ ظالمن کي للڪاريندي ڦاهي چڙهيو اها ڳالهه ته ڪنهن کان به وسري نٿي سگهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جدوجهد ۾ سندس گهر واري بيگم نصرت ڀٽو جو جيڪو ڪردار آهي اهو به ڪنهن لحاظ کان گهٽ ناهي.
بيگم نصرت ڀٽو  پنهنجي ور جون خوشيون ڏٺيون ۽ ساڻس شيئر به ڪيون پر جيڪي نصرت ڀٽو پنهنجي ور جي 1977ع ۾ گرفتاري کان پوءِ جيڪي ڏک ڏٺا اهي سندس مرڻ گهڙي تائين جاري رهيا.
پر  انهن ڏکن سان گڏوگڏ بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي مظلوم عوام جي حقن ۽ جمهوريت خاطر جيڪا جدوجهد ڪئي اها به  وسارڻ جي نه آهي.
بيگم نصرت ڀٽو 4 اپريل 1989 تي پنهنجي ور شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي چڙهڻ کان پوءِ خاموش نه ويٺي ۽  ملڪ جي لاچار ۽ بي پهچ ماڻهن  کي حق وٺي ڏيارڻ لاءِ نئين سر تحريڪ جو آعاز ڪيو.
بيگم نصرت ڀٽو مڙس جي وڇوڙي کانپوءِ نوجوان پٽ شاهنواز  ڀٽي جو  موت ڏٺو  تنهن باوجود به هن عوامي جدوجهد تان هٿ نه کنيو.
بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي  ور جي ڏسيل راهه تي هلندي پاڪستاني قوم لاءِ سياسي ميدان ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي نياڻي بينظير کي به عوام جي خدمت  جاري رکڻ لاءِ  همٿايو.
بيگم نصرت ڀٽو بينظير ڀٽو کي وزارت عظميٰ ۾ به ڏٺو ۽ وري ان جي ئي حڪومت ۾ پنهنجي پٽ مرتضيٰ ڀٽو جو سرعام قتل جو به سور سانڍيو.
مرتضيٰ ڀٽي جي بي رحماڻي قتل بعد بيگم نصرت ڀٽو ڪوما ۾ هلي وئي ۽  ڪيتري ئي عرصي تائين بيماري جي بستري تي پيل رهي .
بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي نياڻي بينظير ڀٽو جي شهادت جو درد به پنهنجي زندگي ئي ۾ هنج ورتو.
بيگم نصرت ڀٽو 23 آڪٽوبر 2011 تي دبئي جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن جي مڙهه کي ڳڙهي خدابخش ۾  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
بيگم نصرت ڀٽو عوامي جدوجهد ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو  صدين تائين ياد رکيو ويندو.
عوام سميت اڪثر مسلمان ملڪن جا ماڻهو سندس خدمتن کي ساراهي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment