خيرپورناٿن
شاهه جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال شدت اختيار ڪري وئي آهي، حڪومت جي
اعلانن باوجود رهواسي ڪيترن ئي هنڌن تي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي
سهولت کان مڪمل طور وانجهيل آهن.
ڪيتري ئي
عرصي کان برساتون نه پوڻ ۽ حمل ڍنڍ جو پاڻي بچاءُ بند طرف نه ڇڏڻ سبب ڪاڇي واسين
جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن.
ڪاڇي ۾ صحت
جي سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ سندن مال متاءُ به
مرڻ لڳو آهي، جنهن سبب هو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور
ٿي ويا آهن.
پاڪستان رليف
فائونڊيشن جي چيئرمين حليم عادل شيخ ڪاڇي
جي حيدر لغاري، مصري جو کوهه، راڄي جو
کوهه، صوبياڻي ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽
ڪاڇي واسين جا مسئلا ٻڌا.
ان موقعي تي
حليم عادل شيخ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي پر حڪومت هن وقت
تائين سندن ڪا به واهر نه ڪئي آهي........ايس او ٽي..........
ايم پي اي
لياقت جتوئي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال هئڻ باوجود سنڌ
سرڪار متاثرن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ميان نصير محمد تائين
پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪاڇي واسين سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن......ايس
او ٽي لياقت جتوئي..............
ڏڪار سٽيل ڪاڇي واسين سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو
ته برساتون نه پوڻ ۽ حمل ڍنڍ جو پاڻي بچاءُ بند طرف نه ڇوڙ ڪرڻ سبب ڏڪار واري
صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن سبب چوپايو مال پڻ مرڻ لڳو آهي، هتي ٿر کان وڌيڪ صورتحال ڳنڀير آهي پر
حڪومت ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي..........ايس او ٽي....
ڳوٺاڻن سنڌ
ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته هڪ طرف ڪاڇي جي اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ آهي۽ روڊ
رستا ٽٽل آهن ته وري ٻئي طرف بااثرن سندن پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي..... ايس او
ٽي.....
هاڻ ضرورت
ان ڳالهه جي آهي حڪومت ڪاڇي جي ڏڪار سٽيل علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي رليف ڪيئمپون
قائم ڪري ۽ حمل ڍنڍ کان بند ڪيل پاڻي جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪاڇي واسين ۾ پکڙيل
بيچيني واري صورتحال ختم ٿي سگهي.
No comments:
Post a Comment