ڏڪاريل ڏيهه
ٿر جهڙي صورتحال ڪاڇي ۾ به ڪاهي پئي آهي. جتي رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ
جي کوٽ سبب پريشاني جي ور چڙهيل آهن. ڏڪار سبب ڪيترائي خاندان پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور آهن.
ڪي اين شاهه
تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڏڪار واري صورتحال هجڻ ڪري رهواسين
۾ بک سان گڏ بيماريون به عام آهن.
سنڌ جي وڏي
سيد قائم علي شاهه ڪاڇي ۾ پاڻي جي سهولت لاءِ ڪروڙين روپين جي بجيٽ جاري ڪئي تنهن
باوجود به هتان جي رهواسين کي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مليو ۽ نه ئي وري پوکي لاءِ
ٽيوب ويل لڳائي ڏنا ويا.
ڪاڇي واسين
سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته چونڊيل
نمائندن جي آشيروارد سان ڪامورن پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ڳڙڪائي ويا آهن. ... ايس او
ٽي..........
بک ۽ بدحالي
جي ور چڙهيل ڪاڇي جي رهواسين جو چوڻ هو ته هو سهولتون نه هجڻ سبب هو پنهنجا اباڻا
اجها ڇڏي رهيا آهن..............ايس او ٽي...........
ڪي اين شاهه
جي مختيار ڪار سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي رهواسين جي موقف کي رد ڪندي چيو
ته هو عوام جي سهولتن لاءِ قدم کڻي رهيا
آهن.... ايس او ٽي مختيار ڪار............
ڪاڇي واسين
جي حالت کي ڏسندي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ڏڪار جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي ۽ هتان
جي رهواسين کي بک ۽ بيماري کان ڇٽڪارو ڏيارڻ لاءِ
فوري ڪوششون ورتيون وڃن...............
No comments:
Post a Comment