Pages

Monday, 8 February 2016

ٿر ۾ ڏڪار سبب صورتحال انتهائي خراب بڻيل آهي

ٿر ۾ ڏڪار سبب صورتحال انتهائي خراب بڻيل آهي، حڪومت جي اعلانن باوجود رهواسي ڪيترن ئي هنڌن تي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولت کان مڪمل وانجهيل آهن.
ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ ڏڪار رهواسين کان خوشيون کسي ورتيون آهن، هر طرف ڏک ۽  پريشاني وارو ماحول آهي.
صحت جي سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙا موت جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڳوٺ رڙاڪر ۾ صحت مرڪز فعال نه هجڻ سبب رهواسي پريشاني جو شڪار آهن. 
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري کين سخت مشڪلاتون آهن. .... ايس او ٽي.................
ڏاهلي ۽ ڇاڇري تعلقن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون اڻ لڀ هئڻ ڪري بيمار ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. 
انسپيڪٽنگ جج به صحت جي سهولتن جي کوٽ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو....... ايس او ٽي....................
کيسر اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خليل اسپتال جي صورتحال بابت ٻڌايو ته صحت مرڪز ۾ بنيادي سهولتون موجود نه آهن...... ايس او ٽي.. ڊاڪٽر.....
مختلف ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ هجڻ باوجود  فعال نه هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ رهواسي پريشان آهن.
ٿر واسين مطالبو ڪيو آهي ته کين بنيادي سهولتون فراهم ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.......... 

No comments:

Post a Comment