بالي ووڊ دنيا جي ٻيو نمبر وڏي فلم انڊسٽري آهي، جتي ٺهندڙ فلمون سڄي دنيا ۾ ڏٺيون ۽ تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون.
هونئن ته ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪنهن به اداڪار يا اداڪارا
لاءِ جاءِ ٺاهڻ وڏو چئلينج آهي، جنهن لاءِ
تمام گهڻي محنت سان گڏوگڏ قسمت جو به هٿ هجي ٿو.
فلم انڊسٽري ۾ ڪيترن
ئي اداڪارن توڙي اداڪارائن پنهنجي بهترين اداڪاري ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ لکين
مداح بڻايا آهن.
اهڙين ئي مشهور ۽ ڪامياب اداڪارائن ۾ ارميلا مٽونڊڪر
به آهي، جنهن پنهنجي بهترين فن جا جوهر ڏيکاري وڏو نانءُ ڪمايو آهي.
ارميلا مٽونڊڪر 4
فيبروري 1974ع ۾ ڀارت ۾ جنم ورتو، کيس ننڊپڻ کان اداڪاري سان تمام گهڻي دلچسپي
هئي.
ارميلا مٽونڊڪر
جڏهن 6 ورهين جي هئي ته کيس ڪليوگ فلم ۾ اداڪاري جو موقعو مليو، جنهن دوران
هن پنهنجي بهترين فن جو مظاهرو ڪيو.
ارميلا 1995ع ۾ رنگيلا فلم ۾ ڪم ڪيو، جيڪا تمام گهڻي مشهور
ٿي، جنهن سبب هن تمام گهڻو نالو ڪمايو.
ارميلا بالي ووڊ
فلم انڊسٽري کي جدائي، بڙي گهر ڪي بيٽي،
چمتڪار، قانون، چائنه گيٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪامياب فلمون ڏنيون جن کي مداحن تمام
گهڻو پسند ڪيو.
بالي ووڊ اداڪاره ارميلا
اڄ جڏهن پنهنجي 41 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي تڏهن سندس مداح به مختلف
ملڪن سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن.
No comments:
Post a Comment