سنڌ ۾
انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ايتري ته وڌي وئي آهي جو صوفين جي سرزمين کي روزانو ڪٿي نه
ڪٿي بي گناهه ماڻهن جي رت سان وهنجاريو پيو وڃي.
اهڙو ئي
هڪ واقعو مذهبي رواداري جي حوالي سان
سڃاتو ويندڙ شهر شڪارپور ۾ پيش آيو، جتي ڪربلا موليٰ مسجد ۾ بم ڌماڪو ڪري 61 نمازين
کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪيترائي هن وقت به زخمي حالت ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل
آهن.
سانحي خلاف
سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ هر طرف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف نعرا بلند ٿي
رهيا آهن.
شڪارپور جي
شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شهر جي نوجوانن پاران هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن
کان ٿيندي مرڪزي امام بارگاهه پهتي جتي نوجوانن پنهنجي هٿن ۾ ڏيئا کڻي شهيدن کي سلام پيش ڪيو.
ان موقعي تي
سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ فرقيواريت پکيڙي پئي وڃي جنهن سازش کي
هو ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. ... ايس او ٽيز..............
نوجوانن جو
چوڻ هو ته سنڌ ۾ مذهبن ۽ فرقن جو ڪو به فرق ناهي، سڀ امن ۽ ڀائيچاري سان زندگي
گذاري رهيا آهيون.... ايس او ٽي...........
نوجوانن
مطالبو ڪيو ته سانحي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف
ڪارروائي ڪري سنڌ کي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي مان ڇٽڪارو ڏياريو وڃي....
No comments:
Post a Comment