Pages

Wednesday, 1 June 2016

آخر ڪيستائين انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪندو رهندو؟

صاحب خان ڀٽي
ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هيو ته هن صوفين جي ڌرتي ۾ مذهبي انتهاپسندي  ايتري ته پکڙجي ويندي جو پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏيندڙ سنڌ ڌرتي تي به وحشي صفت ماڻهن جو راڄ قائم ٿي ويندو. جن جي ڪڌن ڪمن کي ڪو به روڪي نه سگهندو. شايد هن صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي کي ڪنهن جي ته نظر لڳي آهي جو هتي مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ملي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي. هونءَ ته سنڌ ۾ روزاني اهڙا واقعا پيش اچن ٿا جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان ئي جهڪي وڃي ٿو، پر حيدرآباد، دادو، پنگرئي، کپري ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ روزاني  عورتن توڙي ٻارڙن کي وحشيت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، جنهن کي روڪڻ لاءِ هن وقت تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي، پنگريي وارو واقعو اڃا به ماڻهن کي ياد آهي، ڇاڪاڻ ته ڀوري ڀيل جي لاش سان ٿيل بي حرمتي کي هتان جا ساڃاهه وند هن وقت تائين ويساري نه سگهيا  آهن، جن ڀوري ڀيل کي جدوجهد جي علامت قرار ڏنو هو، جنهن تي مذهبي ٺيڪيدارن کي ٿوڙي ڪاوڙ به لڳي هئي، ڪجهه صحافين ڀوري ڀيل جي لاش سان ٿيل بي حرمتي جي مذمت به ڪئي هئي ۽ وڏي پئماني تي احتجاج به رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن تي به وقت جي حڪمرانن جون اکيون نه کليون هيون. ان وقت هر طرف اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته سنڌ  اندر مذهبي انتهاپسندي پکرجي رهي آهي، جنهن سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ڀوري ڀيل وارو واقعي کان پوءِ حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نينگر اندر  ونيت کي وحشي ماڻهن سوئمنگ پول ۾قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي به سول سوسائيٽي توڙي قومپرست جماعتن پاران ڪو خاص آواز نه اٿاريو ويو، جنهن جي ڪري هن وقت ان جي قتل سان به انصاف ناهي ٿي سگهيو ۽ نه آءِ جي سنڌ توڙي ٻين عملدارن اندر ونيت جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪو قدم کنيو آهي. اندر ونيت واري صدمي مان اڃا سنڌ نڪتي نه هئي ته مٿان وري سجاول ۾ هڪ مدرسي اندر مولوي  معصوم نينگر هدايت الله سوڍر کي حوس جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڇرو هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪا خبر سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ اهون خبرون ميڊيا جون هيڊ لائنز بڻجي ويون پر حڪومت توڙي ٻين ادارن اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو، جنهن تي به سنڌ ۾ صرف نالي ماتر ئي احتجاج ٿيو هو.
 نوشهروفيروز ۾ هڪ بااثر وڏيري معمولي غلطي جي اهڙي ته سزا ڏني جنهن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم ۾ جهڪي وڃي ٿو، ان ظالم بااثر وڏيري محمد بخش مبيجو جون جڏهن تصويرون ميڊيا تي آيون ته وقت جي حڪمرانن جون به اکيون کليون ۽ انهن  کيس فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم به ڏنو، وڏيري محمد بخش مبيجو صرف ٻن پورهيتن اياز ميمڻ ۽ سهيل ميمڻ کي ان ڪري وات ۾ جوتو وجهي معافي وٺرائي جو سندس عاليشان گاڏي سان انهن جو گڏهه گاڏو ٽڪرائجي ويو هو ۽ ان وڏيري انهن ٻنهي پورهيت ڀائرن کي اهڙي ته تذليل جو نشانو بڻايو جنهن تي سوشل ميڊيا تي نوجوانن پاران وڏيري کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڪجهه ته وري فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي اهي پوسٽون به شيئر ڪيون ته ان وڏيري کي ان و قت معاف ڪيو وڃي جنهن وقت هو پنهنجي منهن ۾ جوتو وجهي انهن ٻنهي غريب پورهيت ڀائرن کان معافي وٺي، جنهن جي اسلام اندر به اجازت آهي. جئين چوندا آهن، آڱر بدران آڱر، هٿ بدران هٿ. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا تي اهي به خبرون هيون ته بااثر وڏيري محمد بخش مبيجو خلاف ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ بااثر ڌريون ميدان تي لهي  آيون آهن، جيڪي حڪومت تي به دٻاءُ وجهي رهيون آهن ۽ نوشهروفيروز جي بااثرن هڪ ٻيو به جرڳو ڪيو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ڀائرن  کي ڪنهن به صورت ۾ عدالت ۾ بيان ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهو معاملو هو پاڻ ئي طئي ڪري وٺندا جنهن ۾ حڪومت توڙي عدالت مداخلت نه ڪندي، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ انهن سان شايد ئي انصاف ٿئي ڇو ته بااثر ڌمڪين ذريعي ٻنهي پورهيتن کان بيان ڏياري ڇڏيندو ته هنن کيس معاف ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وڏيري خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي، جنهن لاءِ  ساڃاهه وندن توڙي سياسي سماجي تنظيمن کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ان وڏيري کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان وڏيري کي هن وقت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته اهڙا ٻيا به بااثر وڏيرا ان کان به وڌيڪ ڪڌا ڪم ڪندا جنهن سان اڃا به وڌيڪ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويندو. افسوس جي ڳالهه آهي ته نوشهروفيروز جي واقعي تي هن وقت  تائين ڪنهن به قومپرست جماعت جي اڳواڻ طرفان ڪا خاص مذمت نه ڪئي وئي آهي ۽  نه ئي ان وڏيري خلاف احتجاجي بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا. جيتوڻيڪ نوشهروفيروز جي بااثر وڏيري کي هن وقت تائين ڪا خاص سزا ناهي ملي سگهي پر  صوفين جي ڌرتي تي هن وقت اهڙا ڪڌا ڪم ٿي رهيا آهن، جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي وڃي ٿو. اهڙو ئي واقعو کپرو ۾ به پيش آيو آهي، جتي هڪ بااثر پوليس اهلڪار جي پٽ مظهر  بوزار هڪ سنڌي نياڻي کي لڄالٽ جي ڪوشش دوران مزاحمت  ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن  جي قتل سان به هن وقت تائين انصاف ناهي ٿي سگهيو.
هونءَ ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو تجويز ڪيل بل اڃا تائين منظور ناهي ٿيو پر ان کان اڳ ئي سنڌ ۾ عورتن کي قتل ڪرڻ واقعا زور وٺي ويا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ حڪومت توڙي سماجي تنظيمن پاران هن وقت تائين ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن مذهبي جماعت طرفان ڪو احتجاج  ڪيو ويو آهي. جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ شايد ئي عورتن جي حقن بابت ڪو آواز اٿاري، هڪ طرف عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنطيمون وڏا وڏا بيان ڏئي رهيون آهن ته ٻي طرف وري وحشي صفت ماڻهو حوا  ڄائن کي لڄالٽ جو شڪار بڻائي قتل ڪري رهيا آهن. هونءَ ته سنڌ اندر عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪيتريون ئي اين جي اوز ڪم ڪري رهيو آهن پر انهن بابت شايد عام کي ڪا به ڄاڻ نه هجي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون اين جي اوز صرف وڏن شهرن ۾ آهن، جتي اهي صرف وڏا وڏا سيمينار ڪوٺائي عورتن بابت مٺڙا لفظ ڳالهائي پنهنجو فرض پورو سمجهنديون آهن،  جيتوڻيڪ انهن اين جي اوز ۾ عورتون به هونديون آهن پر شايد انهن کي ٻهراڙين وارين عورتن جي حال احوال جي خبر نه هوندي آهي، تنهن جي ڪري اهي اين جي اوز واريون عورتون ڪڏهن به انهن علائقن ڏانهن ناهن ويندو جنهن سبب انهن جي اهنجن بابت کين ڪا به خبر نه هوندي آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال کپرو آهي، جتي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وحشي صفت انسان سنڌي نياڻي کي لڄالٽ جي ڪوشش دوران عزت بچائڻ تي گوليون هڻي جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏيو، جنهن تي اهي اين جي اوز جيڪي عورتن جي حقن بابت وڏيون رڙيون ڪنديون آهن، خاموش رهيون.  شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو شهر بچيو هوندو، جتي عورتن تي تشدد نه ٿيندو هجي ۽ انهن جي عزتن سان کيڏيو نه ويو هجي. سياڻن سچ چيو آهي ته جيڪڏهن قانون جا رکوالا ئي ظالمن سان گڏجي وڃن ته پوءِ انصاف ملڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن مهراڻ جي وادي ۾ به ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ڪجهه ڏينهن اڳ کپرو ۾ سنڌي نياڻي کي هڪ پوليس اهلڪار جي پٽ پنهنجي وحشيت جو  نشانو بڻايو ۽ لڄالٽ جي ڪوشش تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تي نه ته هن وقت تائين سول سوسائيٽي طرفان ڪو خاص احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪي قدم کنيا ويا آهن، جنهن سبب جوابدار جو هن وقت تائين ڪو وار به ونگو نه ٿي سگهيو آهي.
 سوشل ميڊيا ته به ڪجهه دوستن جرئت جو مظاهرو ڪندي پوليس اهلڪار جي پٽ مظهر بوزدار خلاف پوسٽون شيئر ڪيون آهن، جيڪي ساراهه جوڳي ڳالهه آهي پر اهو عمل ڪافي ناهي، سڀني کي گڏجي ان ظالم ۽ وحشي شخص کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ عملي احتجاج ڪرڻو پوندو ته جئين هن ستل حڪمرانن کي جاڳائي سگهجي ۽ سنڌ جي نياڻي کي حق ڏياري سگهجي. اهڙو احتجاج رڪارڊ ڪرائجي ته جئين ڪو مستقبل ۾اهڙو وحشي عمل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.  جيڪڏهن هن ڀيري ان وحشي صفت انسان کي سزا نه ملي ته پوءِ روزاني اهڙن پوليس اهلڪارن جا پٽ اهڙن ڪڌن ڪمن کان پاسو نه ڪندا ۽ پنهنجي من مستي ۾ مصروف رهندا. جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ سنڌ جي نياڻي گڏي ڀيل کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ته ڪيو ويو آهي پر اهو ڪافي نه آهي، جيڪڏهن هن وقت سول سوسائيٽي توڙي سماجي تنظيمن هڪ پليٽ فارم تي گڏجي پوليس اهلڪار جي پٽ هٿان قتل ٿيل ناري گڏي ڀيل  جي وارثن کي انصاف نه ڏياريو ته مستقبل ۾ انهن تي ڪو به ڀروسو نه ڪندو  ۽ هن  صوفين جي ڌرتي ۾ اهڙن وحشي صفت ماڻهن جو ئي راڄ قائم ٿي ويندو. هڪ طرف دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جن تمام ٿورڙي عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي، جنهن جو اصل ڪارڻ به عورت ئي ٻڌايو  ويو آهي. پر افسوس جو اسان جي ملڪ اندر عورت تي تشدد ڪري قتل ڪيو پيو وڃي پر هتان جا ساڃاهه وند توڙي طاقتور ڌريون خاموش نظر اچي رهيون آهن. اهي ملڪ ان ڪري ترقي ڪري رهيا آهن ته جو انهن ملڪن ۾ عورتن کي سمورا حق ڏنا ويندا آهن، انهن ملڪن ۾ عورتن توڙي مردن کي انصاف به فراهم ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ انسان کي انصاف فراهم ڪري امير ۽ غريب کي برابر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اهي ملڪ عورتن جي حقن جو خاص خيال رکندا آهن ۽ انهن کي تحفظ سان گڏ سمورا بنيادي حق ڏنا ويندا آهن پر افسوس جو ملڪ جي قيام کان هن وقت تائين سنڌ ۾ نه ته عورتن کي حق ملي سگهيا ۽ نه ئي هن ملڪ اندر جهاليت ختم ٿي سگهي آهي، جنهن سبب روز ڪنهن نه ڪنهن هنڌان عورتن تي تشدد ۽ قتل جون خبرون نشر ٿي رهيون آهن، ان باوجود نه ته هتان جون سماجي تنظيمون ڪو عملي قدم کڻي رهيون آهن ۽ نه ئي حڪومت طرفان انهن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سنڌ ۾ عورتن کي حق ته ڇا انهن کي تعليم جهڙي زيور کان به محروم رکيو پيو وڃي.  جنهن سبب سنڌ ۾ عورتن جو قتل معمول بڻيل  آهي، جيڪڏهن هن صوفين جي ڌرتي کي امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو درسگاهه بڻائڻ وارو  خواب پورو نه ٿي سگهيو ته پوءِ  هتي مذهبي انتهاپسندي وڌي ويندي، اندر ونيت ۽ هدايت الله سوڍر جهڙا نينگر قتل ٿيندا رهندا جن کي انصاف شايد ئي ملي سگهي ۽ اهڙا واقعا روز پيش ايندا رهندا، جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويندو.

No comments:

Post a Comment