صاحب خان ڀٽي
وفاقي بجيٽ اچڻ بعد سنڌ سرڪار اهي دانهون ڪيون هيون ته صوبي
کي وفاقي حڪومت طرفان نظر انداز ڪيو ويو آهي، وفاقي بجيٽ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد
قائم علي شاهه به بيان ڏنو هو ته هو وفاق آڏو بجيٽ ۾ سنڌ کي نظر انداز خلاف آواز
اٿاريندا. بهر حال وفاقي بجيٽ ته منظور ٿي وئي ان وقت نه ته پيپلزپارٽي ڪو خاص
احتجاج ڪيو ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن پارٽي کي وفاقي بجيٽ تي اعتراض اٿارڻ جي هميت ٿي.
جماعت اسلامي جي سربراهه به ڪجهه ميڙاڪن ۾ خطاب ڪري ايترو چيو هو ته اها بجيٽ عوام
دوست نه آهي. وفاقي بجيٽ کان پوءِ جڏهن سنڌ سرڪار
صوبائي بجيٽ 2016-2017ع پيش ڪرڻ جو
اعلان ڪيو ته ان وقت ئي سنڌ جو عوام اهو سمجهي ويو هو ته اها بجيٽ به وفاقي
حڪومت ئي جيان ئي هوندي. ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ان مان صاف ظاهر
ٿي ويو هو ته هاڻ سنڌ سرڪار جڏهن صوبائي بجيٽ پيش ڪندي ته ان ۾ عوام کي ڪو به خاص
رليف نه ملي سگهندو.
هن ڀلاري مهيني ۾ جڏهن سنڌ سرڪار صوبائي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اهي اميدون ڪيون ويون
هيون ته شايد هن ڀيري عوام کي ڪو خاص رليف ملي سگهي، پر ائين ڪجهه به ٿيندي نظر نه
پيو اچي، سنڌ جي ڪامورن سنڌ اسيمبلي جي سيڪيورٽي جا انتظام ته سخت ڪيا آهن پر عوام هن وقت به محفوظ نه آهي، ڇاڪاڻ ته
ڪراچي ۾ هن وقت به پوليس توڙي واپارين کي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار ته هميشه اهي
دعوائون ڪندي رهي آهي ته هنن عوام جي
ڀلائي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، پر انهن
پروگرامن مان هن وقت تائين عوام کي ڪهڙو فائدو مليو آهي، جنهن بابت حڪومت
ڪو به جواب نه ڏئي سگهي آهي. وفاقي بجيٽ ۾ به تعليم لاءِ ڪا خاص بجيٽ پيش نه ڪئي وئي ۽ هاڻ صوبائي حڪومت
به ان جو عڪس ڏيکاريو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار هر ڀيري اهي ئي دعوائون ڪندي رهي آهي
ته هنن تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ منظور ڪئي آهي پر ان باوجود سنڌ ۾ نه ته تعليم
عام ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪا بهتري اچي سگهي آهي.
هن وقت به سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن، جيڪي بند پيا
آهن، جن کي کولرائڻ لاءِ حڪومت هن وقت تائين ڪو به قدم نه کڻي سگهي آهي. ڪيترائي
اهڙا اسڪول آهن، جيڪي ظاهري طور ته کليل
آهن پر اتي نه ٻار پڙهڻ اچن ۽ نه ئي وري اتي ڪو عملو موجود آهي، ڪيترائي
اسڪول هن وقت سنڌ کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ سرڪار تعليم طرف ڌيان نه
ڏئي رهي آهي، جنهن جي ڪري هتان جا وڏيرا ته ڪامورا پنهنجي من ماني ڪندي سنڌ جي
تعليم تباهه ڪري رهيا آهن. شاگردن کي جيڪي مفت ڪتاب ڏنا ويندا هئا اهي به هاڻ انهن
کي وقت سر نه ملي رهيا آهن، هر سال بجيٽ ۾
عوام اهي اميدون ڪندي آهي ته شايد
هن ڀيري سندن ٻارڙن کي وقت تي ڪتاب ملي ويندا پر اهو گذريل 2010ع کان وٺي نه ٿي
رهيو آهي، جنهن سبب عوام هن وقت به اهي
دانهون ڪري رهيو آهي ته ٻچڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڪجهه شهرن ۾ ته استادن کي
پگهارون نه ملڻ سبب تباهه ٿي رهي آهي، استاد احتجاج ڪندا آهن ته پويان اسڪول بند
ٿي ويندا آهن ۽ ان جو ذميوار به سنڌ سرڪار ئي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته واحد سنڌ صوبو ئي آهي
جتي هر شعبي ۾ ڀرتيون ته ڪيون وينديون آهن
۽ ان جي منظوري به سنڌ سرڪار ئي ڏيندي آهي
پر افسوس جو حڪومت انهن ئي پگهار نه ڏئي
سگهندي آهي ۽ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غيرقانوني ڀرتين جو راڳ ڳائي انهن کي
نوڪرين مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، صرف
سنڌ سرڪار ئي اهڙي ڪم جي پڳ ٻڌي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف حڪومت وڏا وڏا اعلان ڪري
نوجوان کي نوڪريون ڏيندي آهي ته وري انهن نوڪرين کي جعلي قرار ڏئي انهن کي ڌڪا
کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سبب هن وقت به سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي بيروزگار
نوجوان سراپاءُ احتجاج آهن، جنهن جو هن
وقت تائين نه بلاول ڀٽي زرداري نوٽيس ورتو آهي ۽ ئي وري آصف علي زرداري
انهن جي ڪا دانهن ٻڌي آهي.
جيڪڏهن آبپاشي کاتي ڏانهن به نظر گهمائينداسين ته اتي به
ساڳيو ئي حال آهي، صرف فرق ايترو آهي ته ٻين کاتن ۾ ملازم احتجاج ڪندا آهن پر
هن کاتي جي ملازمن خلاف عوام احتجاج ڪندي
آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي به آبپاشي کاتي جا عملدار آهن، اهي پنهنجيون ڊيوٽيون درست
نموني نه نڀائي رهيا آهن، جنهن سبب روزاني سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا لڳي رهيا آهن پر انهن کي
بند ڪرڻ لاءِ نه ته عملو پهچندو آهي ۽ نه ئي ان کي بند ڪرڻ لاءِ ڪا واهر ڪئي ويندي
آهن. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ آبپاشي عملو
پهچي به ويندو آهي ته انهن وٽ مشينري نه هوندي آهي جو اهي بر وقت
گهاري کي بند ڪري سگهن. هن ڀيري به جڏهن سنڌ حڪومت صوبائي بجيٽ جو اعلان ڪيو ته
اها اميد ڪئي پئي وئي ته شايد حڪومت زراعت
لاءِ به ڪا خاص بجيٽ رکي به اهو ممڪن ڪئين ٿي پيو سگهي، ڇاڪاڻ ته وفاقي
بجيٽ جهڙي نموني پيش ڪئي وئي هئي تهڙي ئي سنڌ سرڪار کي به پيش ڪرڻي پئي. هونءَ به وفاقي سرڪار شاهي
خرچن تي وڏي بجيٽ رکي ته صوبائي سرڪار ته اثر ضرور پوڻو هو. هونءَ به سنڌ سرڪار
پاڻ ئي اعتراف به ڪري چڪي آهي ته هو ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل بجيٽ خرچ نه ڪري سگهي
آهي. الائي جو ڪهڙو سبب هو حڪمران عوام جي
ڀلائي لاءِ رکيل پئسو خرچ ناهن ڪندا، لڳندو ائين آهي ته ڪامورا
پئسو ان ڪري خرچ نه ڪري رهيا آهن جو انهن جي گهران وڃي پيو، ڪيترائي اهڙا کاتا آهن جن جي بجيٽ خرچ نه ٿي سگهي آهي، هڪ طرف پگهارون نه ملڻ خلاف ملازم
احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ جو اهو ڪو به شهر نه آهي جتي روڊ رستا ٽٽل نه هجن. هر طرف گندگي جا ڍير آهن ، ڪن
علائقن ۾ پاڻي ناهي پر ان باوجود ڪامورا سنڌ جي عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ
تيار ئي نه آهن، جنن سبب عوام ۾ هن وقت به بيچيني پکڙيل آهي.
جڏهن صوبائي بجيٽ جو اعلان ٿيو ته ان وقت سرڪاري ملازمن جي پگهارن
۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ، پوليس ۾ 20 هزار ڀرتين
سميت 25 کان 30 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جي اعلان ٻڌڻ ۾ آيو هو پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته جيڪي
ريزرو پوليس جا اهلڪار هن وقت به احتجاج ڪري رهيا آهن انهن کي ئي صوبائي سرڪار
نوڪري نه ڏئي رهي آهي، انهن کي برطرف ڪيو ويو آهي ته وڌيڪ پوليس اهلڪار سنڌ سرڪار ڪئين ڀرتي ڪري سگهي ٿي، اڳ ئي
ڪيترائي استاد آهن جيڪي پگهارن لاءِ رڙيون ڪري رهيا آهن پر انهن کي به هن وقت
تائين پگهارون نه ڏنيون ويون آهن ته پوءِ جيڪي ٻين ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون
ته انهن کي حڪومت ڪٿان پئسا ڏئي سگهندي. نئين مالي سال 2016-2017ع
جي بجيٽ 8 کرب 69 ارب رپين جي بجيٽ ۾ 14 ارب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي، هن سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 225 ارب رپيا مخصوص
ڪرڻ به ٻڌو هو، خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي مد
۾ 78 ارب رپيا اوڳاڙي ڪرڻ جو حدف مقرر ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو. پر جيڪو به حڪومت ڪري پر عوام کي رليف فراهم ڪرڻ به
حڪومت جي ذميواري ئي آهي. جنهن لاءِ حڪومت کي هميشه عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ گهرجي ۽ بجيٽ ۾ غريب عوام کي رليف
فراهم ڪيو وڃي ته جئين انهن جا اهنج گهٽجي
سگهجن.
No comments:
Post a Comment