صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان آمريڪا ۾ هٿيارن جي روڪٿام لاءِ گن
ڪنٽرول ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر ان تي عمل نه ٿيڻ سبب فلوريڊا
جي شهر اورلينڊو ۾ هم جنس پرستن جي نائيٽ ڪلب ۾ هڪ جنوني شخص فائرنگ ڪري 53 کان
وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪا خبر
دنيا ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، خاص طور تي ايشيا جا ملڪ ان انتظار ۾ هئا ته متان ان
حملي آور جو تعلق سندن ملڪ سان نه هجي، اهو
خوف هر ملڪ کي هيو ۽ سمورن ملڪن جي به نظر
آمريڪا تي هئي ته ڪهڙو بيان ٿو اچي، پر سڀني کي اها پڪ هئي ته ان حملي آور
جو ڪنهن نه ڪنهن ريت تعلق مسلمان ملڪ سان ضرور ڄاڻايو ويندو، ڇاڪاڻ هي ڪو آمريڪا ۾
پهريون واقعو نه هو، اڳ به ڪيترائي فائرنگ جهڙا واقعا پيش آهن جنهن ۾ 207 کان وڌيڪ
ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڪجهه عرصو اڳ به معذورن جي سينٽر تي حملو ڪيو ويو
هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ جن حملو ڪيو هو، انهن جو تعلق پاڪستان
سان ڄاڻايو ويو هو، هن ڀيري به اسان سڀني کي اهو ئي خوف هيو ته متان ان حملي آور
جو تعلق اسان جي ملڪ سان ئي نه جوڙيو وڃي، پر سٺو ٿيو، ان جو تعلق پاڪستان سان نه
نڪتو، جيڪڏهن اهو حملي آور پاڪستاني نڪري پئي ها ته پوءِ اڃا وڌيڪ دٻاءُ پاڪستان
تي وڌو وڃي ها ۽ شايد ڀارت کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ ۾ به شامل ڪرڻ جو هڪ ٻيو
جواز آمريڪا کي ملي وڃي ها، جڏهن آمريڪي ميڊيا اهي خبرون نشر ڪيون ته حملي آور عمر
متين جي خاندان جو تعلق افغانستان سان آهي ۽ عمر متين آمريڪا ۾ ئي جنم ورتو هو، تنهن
بعد وڃي سمورن پاڪستانين وڃي سڪون جو ساهه
کنيو، پر اهو سڪون افغانستان کي هضم نه ٿيو ۽ افغان فورسز خيبرايجنسي جي طورخم
سرحد وٽ بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن سميت
ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا،
پاڪستان پاران
افغانستان جارحيت جي مذمت به ڪئي وئي ۽ وزيراعظم نوازشريف به بيان ڏنو پر
افغانستان پنهنجي من مستي ڪندو رهيو، جنهن سبب علائقي واسين کي لڏپلاڻ به ڪرڻي
پئي. افغانستان جي اهڙي رويي تي بچاءُ واري وزير خواجا آصف ۽ وزيراعظم نوازشريف به
طورخم فائرنگ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ افغان اختيارن کان فوري گڏيل جاچ جو به مطالبو
ڪيو، هاڻ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته آخر افغانستان کي اچانڪ ڀارت وارو رويو اختيار
ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي، هونءِ عالمي سطح تي جڏهن افغانستان بدامني سان مشهور آهي
ته پوءِ ان وقت افغان فورسز کي ڪنهن مڇرايو جو هنن ايڏي همت ڪري هڪ ايٽمي ملڪ تي
وار ڪيو، جنهن جي پٺيان به وڏا سوال لڪيل
آهن، هڪ ٻيو سوال اتي اهي به ٿئي ٿو ته افغانستان ان وقت پاڪستان سرحد تي
فائرنگ ڇو ڪئي جنهن وقت آمريڪا ۾ هم جنس پرستن جي نائيٽ ڪلب تي حملو ڪري 53 کان
وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ان حملي آور
جو تعلق به افغانستان سان هو، هاڻ افغانستان کي صرف ايترو ٻڌائڻو پوندو ته آخر هن ڪنهن
جي چرچ تي پاڪستان جي سرحدي علائقي ۾
فائرنگ ڪئي۽ ڇا لاءِ ڪئي؟. بهر حال افغانستان جي اهڙي جارحيت جا سبب ڪجهه وقت ۾ سامهون
اچي ويندا پر آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر
اوورلينڊو ۾ ٿيل سانحي جي ڳالهه ڪنداسين ته ان پٺيان به ڪيترائي سوال اٿن ٿا، ڇاڪاڻ ته هي واقعو ان وقت پيش آيو
آهي، جنهن وقت آمريڪي صدارتي چونڊون عروج تي پهتل هيون. هم طرف هيلري ڪلنٽن جي
حمايت ۾ اضافو ٿي رهيو هو ته ٻي طرف وري آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۾ هيلري ڪلنٽن جي
صدارتي اميدوار طور منظوري ڏئي ڇڏي هئي. جنهن تي ڊونلٽ ٽرمپ به آمريڪي صدر بارڪ
اوباما کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو. فلوريڊا جي شهر اورلينڊ فائرنگ واقعي جي آمريڪي
مسلم اڳواڻن پاران به مذمت ڪئي وئي هئي، جنهن دوران مسلمانن کي رت جو عطيو ڏيڻ جي
اپيل به ڪئي وئي هئي. آمريڪي مسلم اڳواڻ طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته اسلام انساني جانين جي احترام جو درس
ڏئي ٿو، فلوريڊا ڪلب فائرنگ واقعو مذمت جوڳو آهي، آمريڪي مسلم اڳواڻن پريس ڪانفرنس
ڪندي چيو ته اسلام ڪنهن به ريت اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿو ڏي، گن ڪنٽرول لاءِ قدم
کنيا وڃن ته اهڙن واقعن کان ڇوٽڪارو ملي
سگهي ٿو.
ٻي طرف وري ڊونلڊ
ٽرمپ اورلينڊ فائرنگ واقعي بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو
آهي، جنهن تي مختلف اڳواڻن پاران ڊونلٽ ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو. ڊونلڊ
ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ بنياد پرست جو لفظ
استعمال نه ڪيو، صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو چيو ته حڪمران
ڪمزور آهن، جنهن سبب اهڙا وقعا پيش اچن ٿا، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو جانيون بچائڻ ۽
مستقبل ۾ حملن کي روڪڻ چاهي ٿو پر ڊيموڪريٽ نيشنل سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهي. فائرنگ
واري واقعي بعد عمر متين جي اڳوڻي گهر واري ستاره يوسفي به ميڊيا سان ڳالهائيندي
چيو ته عمير متين جو ذهني توازن درست نه هو ۽ ننڍي ننڍي ڳالهه تي کيس تشدد جو
نشانو بڻائيندو هو. هنءَ ميڊيا کي اهو به ٻڌايو ته عمر متين هر وقت ڪاوڙيل
رهندو هو ۽ کيس پوليس آفيسر ٿيڻ جو
تمام گهڻو شوق هوندو هو. عمر متين جي اڳوڻي گهر واري اهو به ٻڌايو ته عمر
متين پوليس اڪيڊمي درخواست به ڏني هئي. جيتوڻيڪ
آمريڪي ميڊيا اها به دعويٰ به ڪئي آهي ته داعش اورلينڊ فائرنگ واقعي جي زميواري
قبولي ورتي آهي پر ان جي تصديق هن وقت ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن ملڪ جي
ميڊيا تي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته داعش
ان حملي م ملوث آهي، ڇاڪاڻ ته عمر متين جي
والد به اهو ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ته
سندن پٽ جو ڪنهن به مذهبي تنظيم سان تعلق نه آهي. عمر متين جي پيءُ واقعي جي مذمت
ڪندي چيو سڄي ملڪ جيان هو به صدمي ۾ آهي، فائرنگ واري واقعي تي هو معافي وٺي ٿو. اهڙي
بيان بعد صاف ظاهر آهي ته عمر متين ذهني مريض هو، سندس اڳوڻي گهر واري جي بيان ۾
ڪيتري صداقت آهي، اهو وقت ئي ٻڌائيندو. آمريڪي اخبار به اها ئي دعويٰ ڪئي آهي داعش ويب سائيٽ تي حملي جي ذميواري قبول
ڪئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ داعش جا ويڙهاڪ هئا، پر ان جي
به هن وقت تائين صداقت ناهي ملي سگهي. اورلينڊ پوليس ۽ ايف بي آءِ به
عمر متين جي داعش سربراهه سان بيت جا اطلاع هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو. سندن چوڻ آهي ته
عمر متين کي هنن اڳ به گرفتار ڪيو هو، پڇاڳاڇا ۽ ثبوت نه ملڻ سبب کيس آزاد ڪيو ويو
هو. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به واقعي جي
مذمت ڪندي چيو آهي ته فلوريڊا واقعو آمريڪا جو بدترين ڏينهن آهي، ايف بي آءِ حملي
آور جي دهشتگردن جي جاچ ڪري رهي آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما پوليس ۽
سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي خراج پيش
ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار روز قربانيون ڏئي رهيا آهن، متاثرن جي مدد
ڪئي ويندي. ٻي طرف آمريڪي نائب صدر جو بائيڊن به حملي جي مذمت ڪئي، جنهن چيو ته
آمريڪي صدر واقعي جي جاچ بابت باخبر رکڻ جي کين هدايت ڪئي آهي.
هڪ طرف آمريڪا
فلوريڊا واقعي جي جاچ ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته ٻي طرف افغانستان به سڄو غصو پاڪستان تي
ڪڍي رهيو آهي، نوشڪي ۾ آمريڪي ڊرون حملي بعد افغانستان کي به ايتري جرئت ٿي وئي
آهي جو هو هاڻ پاڪستاني سرحدن کي نشانو بڻايو
رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿيندي نظر اچي پيو، جڏهن فلوريڊا واقعي جي مرڪزي ڪردار جي خاندان جون ڪڙيون افعانستان ملن
ٿيون. بهر هي معاملو ته حل ٿي ويندو پر ڊونلڊ ٽرمپ کي به وڌيڪ موقعو ملي ويو آهي. ڇاڪاڻ
ته هڪ طرف آمريڪي صدارتي اميدوار جون چونڊون ويجهو اينديون پيون وڃن ته ٻي طرف وري
اهڙي واقعي سبب انهن جي ملتوي ٿيڻ جو به خدشو پيدا ٿي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ هن وقت
تائين اهڙو اعلان ته نه ڪيو ويو آهي پر ڊيموڪريٽ
جي هيلري ڪلنٽن اربع ڏهاڙي رٿيل چونڊ ريلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ريلي ۾
آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي به شرڪت ڪرڻي هئي. هونءَ ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر بارڪ اوباما تي ڏمريل آهي، اهو ان ڪري ڏمريل
آهي جو بارڪ اوباما هيلري ڪلنٽن جي صدارتي اميدوار جي منظوري ڏني هئي. اهو ئي سبب هو جو ڊونلڊ ٽرمپ ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي هر
هنڌ خراب ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن فلوريڊا نائيٽ ڪلب واقعو پيش آيو ته ان
وقت ته ڊونلڊ ٽرمپ کي زهر اوڳاڇڻ جو موقعو ملي ويو، هن اٿندي مسلمانن خلاف بيان ڏنا آهن ۽ آمريڪي صدر بارڪ
اوباما کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن بعد لڳي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي اميدوار ٿيڻ جا
امڪان وڌندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته سندس اسلام
مخالف پاليسي کان آمريڪي انتهاپسند کانئنس
متاثر ٿي رهيا آهن. جيڪي پڻ هيلري ڪلنٽن
جا مخالف ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن ته فلويڊا سانحو ٿڌو نه ٿيو ته پوءِ هيلري
ڪلنٽن جي آمريڪي صدر ٿيڻ جا امڪان گهٽجي
ويندا. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ هيلري ڪلنٽن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو هو، جنهن
تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿين کي تمام گهڻي ڳڻتي هئي پر جڏهن فلوريڊا فائرنگ واقعو
پيش آيو ته ڊونلڊ ٽرمپ واقعي جي مذمت ڪرڻ بدران آمريڪي صدر بارڪ اوباما کان
استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ۽ مسلمانن خلاف به بيان ڏنو، جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر سمورن
اسلامي ملڪن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ويا. هاڻ ڏسڻو
اهو آهي ته هيلري ڪلنٽن فلوريڊا
واقعي بعد پنهنجي مقبوليت کي ڪئين بچائي سگهندي ۽ آمريڪي عوام ڊونلڊ ٽرمپ جو ساٿ
ڏيندو يا وري هيلري ڪلنٽن کي بطور صدار ڏسڻ پسند ڪندي، جنهن لاءِ اڃان اسان کي
انتظار ڪرڻو پوندو.
No comments:
Post a Comment