Pages

Tuesday, 18 October 2016

18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن جي خون سان انصاف ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو  هو ته ان وقت کيس ڪنهن سوال ڪيو هو ته توهان سڀ کان پهرين ڪهڙي شهر ۾ قدم رکندو ته ان وقت شهيد بينظير ڀٽو چيو هو ته هو سڀ کان پهرين پنهنجي ڌرتي ۾ قدم رکندي، جنهن سبب هنءَ سڀ کان اڳ سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي اچڻ مناسب سمجهيو هو، شهيد بينظير ڀٽي جي اعلان بعد سندس پارٽي جي لکين ڪارڪنن تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، ايتري قدر جو بينظير ڀٽو لاءِ بليٽ پروف ٽرڪ به ٺاهيو  ويو هو، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ڪراچي ايئرپورٽ پهتي هئي ته لکن جي تعداد سندس پارٽي ڪارڪن آجيان لاءِ بيٺل هئا، جڏهن ته ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه به ٻنهي پاسن کان ماڻهن سان ڀريل نظر اچي رهي هئي، ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا به انهن منظرن کي پنهنجي ڪئميرائن ۾ رڪارڊ ڪري ڪروڙين ماڻهن کي ڏيکاري رهي هئي پر شايد اها ڳالهه مخالفن کي هضم نه ٿي رهي هئي،  جنهن سبب  انهن جي چهرن ۾ مايوس ڇانيل نظر اچي رهي هئي، پر ان باوجود هر طرف جيئي ڀٽو، جيئي بينظير ڀٽو جا نعرا گونجي رهيا هئا، سنڌ ۽ پاڪستان مان لکين پارٽي ڪارڪن پارٽي جا جهنڊا کڻي پارٽي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا هئا، هر طرف ڪارڪنن جا نعرا به  لڳي رهيا هئا، استقبال ۾ آيل لکين ماڻهو ڏسي مخالفن جون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون. ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ڏسي اهو چئي رهي هئي ته بينظير ڀٽو کي بلاول هائوس پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن، جنهن سبب کيس هيلي ڪاپٽر ذريعي بلاول هائوس پهچائڻ گهرجي پر ان باوجود شهيد بينظير ڀٽو عوام کي ڏسي انهن جي نعرن جو جواب ڏيندي رهي، پنهنجي قائد کي ڏسڻ لاءِ آيل لکين ڪارڪن ٽرڪ جي ويجهو پنهنجي نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي ٽرڪ ايئرپورٽ جي حدن مان ٻاهر نڪتي ۽ شاهراهه فيصل تي پهتي ته ان وقت شاهراهه فيصل تي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو، لاڳيتو ڏيهي توڙي ميڊيا ايترا ماڻهو ڏسي حيران ٿي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو ڪنهن پارٽي اڳواڻ جي استقبال لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو پهتا هجن،  محترمه بينظير ڀٽو به عوام جو سمنڊ ڏسي تمام خوش نظر اچي رهي هئي
، سينيئر پارٽي اڳواڻ به محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ هئا، جيڪي به تمام گهڻو پرجوش نظر اچي رهيا هئا، ٽرڪ تي جيڪي جيمر لڳايا ويا هئا اهي به ڪم نه ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي ان وقت جي حڪومت ۾ ويٺل وزيرن، صلاحڪارن ، مشيرن کيس ڪا خاص سيڪيورٽي فراهم ڪئي هئي. جڏهن بينظير ڀٽو جي ٽرڪ ڪار ساز وٽ پهتي ته پنهنجي قائد جي آجيان لاءِ آيل هزارين ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته کين نشانو بڻايو ويندو، 18 آڪٽوبر جي رات جڏهن ڪارساز وٽ لکن جي تعداد ۾ماڻهو بينظير ڀٽو کي نعرن جو جواب ڏئي رهيا هئا ته ان وقت اچانڪ زوردار ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ لڳ ڀٽ 179 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، ڌماڪو ايترو ته وڏو هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو هو، ايتري قدر جو ويجهي وارن عمارتن جا شيشا به ٽٽي ويا هئا، پر افسوس جو حڪومت توڙي ٻين ادارن انهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي هئي،  
 18 آڪٽوبر سانحو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان رات ڪراچي شهر جي ڪارساز وٽ 179 ڄڻن پنهنجي جانين جو نظرانو ڏنو هو، جن مان ڪيترن ئي ماڻهن جي سڃاڻپ ئي نه ٿي سگهي هئي. 18 آڪٽوبر سانحي ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو معذور به ٿي ويا هئا، 18 آڪٽوبر سانحي ۾ مارجي ويلن مان جن ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي انهن بابت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن طرفان چيو ويو هو ته هو انهن جا وارث آهن، مختلف وقتن تي پيپلزپارٽي طرفان اهو به چيو ويو ته هو تمام جلد 18 آڪٽوبر سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺندا، پر افسوس جو 2007ع  ۾ ٿيل سانحي کي 9 سال گذري وڃڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر سانحي کان پوءِ چيو هو ته هو  سانحي ملوث جوابدارن کي aجي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا ، ڪارساز کي اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هيو ته پيپلزپارٽي طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته ڌماڪي کان اڳ شاهراهه فيصل جي بجلي بند ڪئي هئي پر اهڙن خبرن جي به ڪا خاص ترديد نه ڪئي وئي هئي، اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذاولفقار مرزا چيو هو ته هو معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ تمام جلد ماسٽر مائيند  وٽ پهچي ويندا پر افسوس جو  ان کي گهرو وزارت  تان هٽايو ويو هو،
جڏهن ڪارساز وٽ ڌماڪو ٿيو ته ان وقت وقت 179 کان وڌيڪ ماڻهوشهيد ٿي ويا هئا ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هي ڌماڪو ضياءَ الحق جي باقيات ڪيو آهي،بهرحال ان وڏي سانحي کان پوءِ ان وقت جي صدر به ڪا ڪارروائي نه ڪئي رهندو اهي بيان ڏنا ويا ته بينظير ڀٽو ڏيهه واپس آئي ته آخر آئي ڇو آ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو هو ته سيڪيورٽي رسڪ هو پر ان باوجود بينظير ڀٽو ڏيهه آئي، بينظير ڀٽي جي استقبال لاءِ آيل لکين ماڻهن کي ڏسي ايم ڪيو ايم وارن جون ننڊيون حرام ٿي ويون هيون، ڇاڪاڻ ته ان وقت واحد پارٽي ايم ڪيو ايم ئي هي جيڪا اها دعويٰ ڪندي هئي ته ڪراچي سندن جو آهي ۽ اهي ڪراچي جا مالڪ آهن، جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي ريلي يا جلسو ڪڍڻو پوندو هو ته سندن مرضي کانسواءِ نه ڪڍندا هئا، سٽي وارڊ کان ويندي سٽي حڪومت تائين انهي پارٽي جا ماڻهو ويٺل هوندا هئا، مطلب ته ڪراچي جي حڪمراني انهن جي ئي هٿ ۾ ئي هئي، ايترو حڪم ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير جو نه هلندو هو جيترو سٽي حڪومت ۾ ويٺل عملدارن جو هلندو هو. 18 آڪٽوبر جي سانحي کان پوءِ ڪجهه پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اهو چئي رهيا هئا ته هو جلد کان جلد سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻيندا، پر افسوس جو هن وقت تائين نه ته 18 آڪٽوبر سانحي جي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ نه ئي وري ان ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن بينظير ڀٽو کي لاهور جي لياقت پارڪ شهيد ڪيو ويو ته ان وقت ملڪ اندر باهه ٻري وئي هئي ۽ آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو جنهن بعد کيس چونڊن ۾ڪاميابي ملي،
جڏهن پيپلزپارٽي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته ان وقت سڀني کي اها اميد  پيدا ٿي هئي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار  ٿي ويندا پر افسوس جو ان وقت جي گهرو وزير رحمان  ملڪ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو،جئين  جئين پيپلزپارٽي پنهنجو مدو پورو ڪري رهي هئي تئين هر هڪ اهو ئي سوال ڪري رهيو ته آخر بينظير ڀٽو جو قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ان وقت وفاق ۾ به پيپلزپارٽي اڪثريت ۾  هئي ۽ صوبائي حڪومت به سڀ کان وڌيڪ سيٽون کنيون هيون پر افسوس جو نه ته صوبائي سطح تي ڪا خاص جاچ ڪئي ۽ نه ئي وري وفاقي سطح تي ڪو اهڙو قدم کنيو ويو جنهن سان ماڻهومطئمن ٿي سگهن. پر ان وقت هڪ ڳالهه سبب آصف علي زرداري تمام گهڻو ڪاوڙجي ويندو هو جڏهن ڪو صحافي کائنس سوال ڪندو هو ته آخر بينظير جا قاتل ڪير آهن ۽ ڪڏهن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پر افسوس جو آصف علي زرداري ان جو جواب نه ڏيندو هو، پر هڪ ڏينهن جڏهن ڪنهن صحافي اهو ئي سوال ورجايو ته اچانڪ آصف علي زرداري ڪاوڙجي پيو هو ۽ چيو ته کيس خبر آهي ته قاتل ڪير آهن ۽ هو وقت اچڻ تي ٻڌائندو، هاڻ جڏهن پيپلزپارٽي صوبائي سطح تي حڪومت ۾ آهي ته ان وقت به سندن اهو ئي سوال ڪري رهيا آهن ته آخر ڪڏهن 18 آڪٽوبر سانحي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ آخر ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، افسوس جو هن وقت تائين بينظير جا قاتل ته نه گرفتار ٿيا آهن پر پيپلزپارٽي طرفان اهو واضع ڪيو هو ته جمهوريت بهترين انتقام  آهي، جنهن بعد ته هاڻ بينظير جي قاتلن بابت پيپلزپارٽي کان سوال ڪرڻ بهتر نٿو لڳي،
هاڻ بچيو اهي ڪار ساز سانحو ته ان بابت پيپلزپارٽي جو موقف ڪهڙو آهي اها اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ريليون ڪڍي رهي آهي ته ان وقت به سندن مخالفن جون وايون بتال ٿي  ويون آهن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سنڌ کي ٽوڙي الڳ صوبو ٺاهڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن جن تي غداري جو الزام لڳي چڪو آهي، جن کي راءِ جو ايجنٽ چيو پيو وڃي، رينجرز توڙي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي اڳ ۾ نائن زيرو ويجهو وارن علائقن ڏانهن وڃڻ کان به لنوائيندا  هئا سو اڄڪلهه نيٽو جا هٿيار ۽ راءِ جا ايجنٽ گرفتار ڪري رهيا آهن، بهرحال اهي را جا ايجنٽ آهن يا نه، اهو ڪم قانون لاڳو ڪندڙ ادارنن جو آهي، اسان ته صرف اهو ئي چاهيون ٿا ته صرف جمهوريت جي پنج سالن جي اقتدار لاءِ هڪ پارٽي سربراهه جي قاتل ۽  لڳ ڀڳ 2 سئو ماڻهن کي شهيد ڪندڙ کي ايترو آساني سان نه ڇڏڻ گهرجي، انهن جون به ننڊون حرام ڪرڻ گهرجن جن 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ سوين ماڻهن جا گهر اجاڙيا هئا، جيڪڏهن کي صرف جمهوريت بهترين انتقام آهي چئي ڇڏي ڏنو ته پوءِ  مستقبل ۾اهي دهشتگرد ٻيهر پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪندا رهندا.

No comments:

Post a Comment