Pages

Friday, 7 October 2016

غيرت جي نالي تي قتل خلاف بل تي عمل ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب روز ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن سبب غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙ جوابدارن کي ڪا خاص سزا نه ملي سگهي آهي، جڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ۽ زيادتين جي واقعن کي ٻنجو ڏيڻ وارو بل منظور ڪيو ويو ته اهو محسوس ٿي رهيو هو ته هاڻ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اهڙا واقعا ڪڏهن به پيش نه ايندا پر افسوس جو گذريل رات دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ راضي پنهور ۾ رزاق پنهور نالي شخص پنهنجي گهرواري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي خبر ٻڌڻ بعد اهو لڳو ته واقعي هن ملڪ ۾ بل ته منظور ڪيا وڃن ٿا پر انهن تي عمل ڪرائڻ حڪمرانن جي وس ۾ ئي نه هوندو آهي، جنهن سبب اهڙن ڪڌن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو آهي.
هونءَ ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڌي رسمن سبب عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جون خبرون به اخبارن جون زينت بڻيل رهيو آهن، خيبرپختونخواهه ۾ به ڪجهه عرصو اڳ عورت کي گاڏي ۾ ساڙيو ويو هو، جنهن بابت اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو، مشهور ماڊل قنديل بلوچ کي به مولوي کي بي نقاب ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ غيرت ۾ اچي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي به هن وقت تائين صرف جاچ هلندڙ آهي، ڪجهه دانشورن ۽ اديبن جو خيال آهي ته تعليم جي گهٽتائي سبب جاهل ماڻهو غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه جاهليت سبب عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪندا آهن، بهر حال تعليم جي گهٽتائي به جاهليت جو هڪ وڏو سبب آهي پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ به عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهن، اهڙو  هڪ واقعو پنجاب جي شهر جهلم ۾ به پيش آيو، جتي برطانوي عورت سامعه کي به قتل ڪيو ويو هو، پر افسوس جو انهن جوابدارن کي به هن وقت تائين ڪا عبرتناڪ سزا ناهي ملي سگهي، ڳڙهي خيرو  ۾ به ڪارنهن الزام هيٺ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو هو، هنڱورجا ۾ به پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زبردستي گهرائي نوجوان ڪامران ۽ ناري سباس طاهر کي زهر ڏنو  ويو هو، جن کي ڳڻتي جوڳي ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو،جتي نوجوان ڪامران دم ڏئي ڇڏيو هو پر افسوس جو پوليس انهن جوابدارن خلاف به ڪا خاص ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي. جنهن مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته قانون جا رکوالا ئي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن. هاڻ جڏهن بل به منظور ڪيو ويو  آهي ته هر هڪ جي ذهن تي اهو سوال آهي ته آخر ان بل تي عمل ڪرائيندو ته ڪرائيندو ڪير؟ ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي به بل پاس ٿي چڪا آهن ته عمل زيرو برابر ٿيو آهي،
 بهر حال سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي بل پاس ڪرڻ سان گڏ عملي قدم کڻڻا پوندا ۽ ڪامورن کان به سهڪار به حاصل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڪامورا جرڳا ڪرائيندا آهن ۽ انهن ئي جرڳن ۾ ئي ڪاري ڪاري جي ڪڌي رسم کي ورجايو ويندو آهي، ڪامورن جي انهن جرڳن ۾ ڪنهن نه ڪنهن  عورت کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي يا سڱ چٽي عيوض ننڍڙي عمر جي نينگري کي وڏي عمر واري سان پرڻائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا سنڌ ۾ به ٿي چڪا آهن پر افسوس جو اهڙن جرڳن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا.  سيپٽمبر 2010 ۾ ٽنڊو آدم مان ٻن عورتن سميت چار ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا، جن بابت به اهو ئي ٻڌايو ويو هو ته انهن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو. 8 جون 2011ع ۾ قاضي احمد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪيو ويو هو. 7 مارچ 2015 ع ۾ لاڙڪاڻي ويجهو هڪ شخص پنهنجي ڀيڻوي کي ڪارنهن جي الزام قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون هيون. 16 سيپٽمبر 2016 ۾ ڊرا مراد جمالي جي ڳوٺ گل گهنور ۾ ڪارنهن جي الزام هڪ جوڙي کي قتل ڪيو  ويو هو،29 آگسٽ 2016 ۾ رتوديرو ويجهو وارث ڏنو ٿاڻي جي حد ۾ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو. بخشا پور ويجهو به ڪچي جي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪيو هو. 5 آڪٽوبر 2016 تي به جيڪب آباد ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پوليس گرفتار به ڪيو هو. شهدادڪوٽ ۾ پ پ ايم پي اي نادر مگسي وٽ سام بڻيل ناري کي غيرت جي نالي ۾ بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو، پ پ ايم پي اي نادر مگسي خاطري بعد ناري کي مائٽن حوالي ڪيو هو  پر افسوس جو  ان ناري کي قتل ڪيو ويو هو،
ٻڌڻ ۾ آيو هو ته مقتولا شبانا بروهي جي پيءُ اڳ به پنهنجي سئوٽ کي ڪاري ڄاڻائي قتل ڪيو. بهرحال نادر مگسي به ناري کي قتل جو ڪو نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ آيا هئا، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي جوابدار قانون کان به ڏاڍا  آهن جنهن سبب قانون جا آفيسر انهن جي ڳچي ۾ رسو وجهڻ کان لنوائي رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ ميرپورخاص ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪيو ويو هو، بهرحال اسان جي معاشري هن وقت به غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي فخر سان ڏٺو  پيو وڃي، جيڪڏهن انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ۽ غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته شايد اهڙن عنصرن کي ڪڏهن به غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي همت نه ٿيندي، ڪجهه ماڻهو مذهبي تهمت لڳائي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي قتل ڪندا آهن ته ڪجهه وري غيرت جي نالي تي پريمي جوڙي کي ماري ڇڏيندا آهن، اهڙن واقعن کي ٻنجو لاءِ جيستائين اسان جو سمورو سماج گڏجي هڪ آواز نه ٿيندو تيستائين اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي نه ايندي.ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي ۾ 17 سالن جي ڪنوار کي سندس بي حس، بي رحم ۽ نالي ماتر غير ت جي علمبردار ور شادي جي پهرين رات قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد جوابدار اعتراف ڪيو هو ته هن ڪنور کي ان ڪري قتل ڪيو جو هوءَ ڪنواري نه هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جو سماج به تمام گهڻو بي حس آهي، جنهن سبب اهڙن قسمن جي قتل ڪرڻ ک پنهنجي غيرت ۽ فخر محسوس ڪندا  آهن ۽ اهو به سمجهڻ لڳندا آهن ته اهڙي عمل سان سندن وقار ۽ شان ۾ اضاف ٿيندو. هن ملڪ ۾ اهو الميو رهيو آهي ته اهڙا کوڙ سان قتل ٿيندا رهندا  آهن پر افسوسو جو انهن قتلن کي قانون جو حصو ناهي بڻايو ويو ۽ نه ئي وري ڪو ڪنهن  کي هٿ لائڻ يا قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن قانون جي پاسداري ڪئي وڃي انهن انهن غيرتي ماڻهن کي عبرت ناڪ سزائون ملين وڃن ها ۽ اسان جي معاشري ۾ عورت کي تحفظ ملي وڃي ها.

No comments:

Post a Comment