صاحب خان ڀٽي
جڏهن کان سنڌ حڪومت ۾ چهرن جي
تبديلي ٿي آهي تنهن ڏينهن کان نوان نوان اعلان ٻڌڻ لا ملي رهيا آهن، ڪڏهن سنڌي
ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو
ٺهراءُ پيش ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري تعليم ايمرجنسي لڳائي وڃي ٿي پر افسوس جو اهڙن
قدمن سان عوام کي ڪو به لاڀ نه ملي سگهيو آهي، اهو ان ڪري نه ملي رهيو آهي جو حڪومت جڏهن سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي ته ان
وقت اها اميد ڪئي پئي وئي ته سنڌ ۾ تعليمي نظام بهتر ٿيندو پر اهڙي عمل سان ڪا به بهتري نظر نه اچي رهي
آهي، جنهن جا به کوڙ سارا سبب آهن، هڪ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسڪول بند پيل
آهن، انهن کي کولرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ٻيو وري
ڪيترائي اهڙا اسڪولن آهن جيڪي وڏيرن ۽ ڪامورن جون اوطاقتون بڻيل آهن، جن خلاف
مختلف شهرن ۾ احتجاج به ٿيندا رهيا آهن پر ان باوجود ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به نه
چري آهي، جڏهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
تعليمي ايمرجنسي لڳائي ته اهي ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿيا هئا، جيڪي ڪجهه عرصي کان
احتجاج ڪري رهيا هئا ته تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي پر انهن جي مطالبي کي ڪير به
نه مڃي رهيو هو پر هاڻ جڏهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ تعليم ايمرجنسي لاڳو
ڪئي ته اهي تمام گهڻو پر اميد نظر اچي رهيا هئا ۽ اهڙي قدم جي واکاڻ ڪري رهيا هئا،
بهرحال بل ته اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو پر ان تي عمل ٿيندي ڪٿي به نظر نه پيو
اچي ڇاڪاڻ ته هن وقت به سنڌ جا ڪيترائي اهڙا شهر ۽ ڳوٺ آهن، جتي سرڪاري اسڪول بند
پيل آهن، جن کي کولرائڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، روزاني ڪيترن ئي اخبارن
اهي خبرون به رپورٽ ٿينديون رهيون آهن ته ڪيترائي اسڪول مينهن جي واڙن ۾ تبديل ٿي
چڪا آهن جن جون تصويرون به اخبارن جي زينت بڻيل هونديون آهن، سنڌ سرڪار تعليمي
ايمرجنسي ته لڳائي ڇڏي پر انهن خبرن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي وري انهن
اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪي به قدم کنيا ويا آهن.
نوابشاهه، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، قمبرشهدادڪوٽ،
ڪوٽڙي، ڄامشوري، دادو سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ کوڙ سارا اهڙا اسڪول به آهن جن جون
عمارتون زبون حال آهن پر انهن جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جيتوڻيڪ
تعليم کاتي ۾ بائيو ميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود گوسڙو استاد پنهنجو
ڪم ساڳي ريت سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ انهن ۾ ڪا به تبديلي نه اچي سگهي آهي، رهندو
ان بائيو ميٽرڪ نظام سان اهي استاد پريشان ٿي رهيا آهن جيڪي روزانو اسڪول ۾ پڙهائڻ
لاءِ ايندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تعليمي
ايمرجنسي ان وقت لڳائي وئي آهي جڏهن چونڊن ۾ اچي باقي سال ڏيڍ بچيو آهي، وڏو وزير
سيد مراد علي شاهه به اهو ئي چئي رهيو آهي ته مسئلا تمام گهڻا آهن پر وٽس وقت گهٽ
آهي ۽ هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جلد کان جلد مسئلا حل ڪري وٺي، وڏي وزير سيد مراد
علي شاهه اهو به چيو هو ته هو عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿو ۽ سنڌ جي هر هڪ شهر جو
دورو ڪندو ۽ اهڙي اعلان بعد وڏي وزير ڪجهه شهرن جا دورا به ڪيا، ڪڏهن ڪڏهن ته بنا
سيڪيورٽي جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي
جي مختلف علائقن جي دوري تي نڪري پوندو آهي پر افسوس جو وڏو
وزير انهن اسڪولن جو هن وقت تائين دورو نه
ڪيو آهي، جن جون عمارتون زبون حال بڻجي ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي
شاهه چيو هو ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ تدريسي نظام کي بهتر بڻايو ويندو.
بهرحال هن وقت تائين جيڪا تعليم ۾ بهتري آهي اها ته سڀني جي سامهون
آهي، سنڌسرڪار طرفان اهو به چيو ويو هو ته بند پيل سمورا اسڪول کولرايا ويندا اهي
هن وقت تائين ناهن کلي سگهيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي
حڪومت هئي ته ان وقت تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ٻارڙن کي مفت ڪتاب ورهايا ويا هئا ۽
شاگردياڻين کي وظيفو به ڏنو ويو هو ۽ ان سان اهو فائدو ٿيو هو ته هر هڪ غريب ماڻهو
پنهنجي نياڻين کي اسڪول پڙهائڻ لاءِ موڪليندو هو ۽ ٻارڙن کي مفت ڪتاب ملڻ سبب ٻار
به اسڪول پڙهڻ لاءِ ويندا هئا پر هاڻ ته مفت ڪتاب ٻارڙن کي ناهن ملي رهيا جنهن سبب
اسڪولن ۾ ٻارڙن جي حاضري گهٽجي وئي آهي. مشرف جهڙو به هو ان سان اسان جو ڪو به
تعلق نه آهي پر سندس تعليم جي بهتري لاءِ کنيل قدم ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهجن، جيتوڻيڪ هن وقت به سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي
لاڳو آهي پر ان باوجود نه ته تعليمي سڌارن
لاءِ ڪي خاص قدم کڄندي نظر اچي رهيا آهن. بهرحال جڏهن کان تعليمي ايمرجنسي لڳي آهي
تنهن ڏينهن کان صرف اسان ايمرجنسي بابت ئي ٻڌي رهيا آهيون هاڻ وري وڏي وزير مراد علي شاهه تعليم کانپوءِ
سنڌ ۾ صحت ايمرجنسي به لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو به اعلان
ڪيو آهي ته ڪميشن پاس 6 هزار ڊاڪٽرز کي ڀرتي ڪيو ويندو.
وڏي وزير ڊاڪٽرز جي ڀرتي ۾ قانوني مونجهارا ختم
ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه اهو به چيو آهي ته هاڻي ڪابه ڪوتاهي برداشت
نه ڪئي ويندي، جيڪو ڊاڪٽر ڪم نه ڪندو اهو گهر هليو ويندو، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ
ختم ڪري عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا
صحت ايمرجنسي به تعليمي ايمرجنسي وانگر
هوندي يا وري هن اعلان مان عوام کي واقعي ڪو
فائدو ملندو يا وري اهو اعلان صرف اعلان ئي رهجي ويندو. هونءَ ته ٻين ملڪن ۾ پرائيوٽ ادارن
کي حڪومتون پنهنجي تحويل ۾ آڻڻ لاءِ
ڪوششون ڪنديون آهن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ سرڪاري ادارن کي خانگايو ويندو آهي، جنهن
سان انهن ادارن ۾ بهتري اچڻ بدران رهندو انهن جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي، اهڙو مثال ڪي
اليڪٽرڪ مان ملي سگهي ٿو، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا خانگايو ويو آهي پر ان اداري ۾ هن
وقت تائين ڪا به تبديلي نه اچي سگهي آهي. هن وقت به سنڌ اندر ڪيترن ئي اسپتالن کي اين جي اوز حوالي ڪيو
ويو آهي، مطلب ته انهن کي خانگايو ويو آهي
جنهن خلاف سنڌ ۾ ڊاڪٽر به سراپا احتجاج بڻيل آهن پر عوام هن وقت به خاموش آهي ۽
عوام جي اهڙي خاموشي جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن،
هڪ ته انهن اسپتالن ۾ عوام کي ڪو به فائدو نه
پهچي سگهيوآهي جنهن سبب عوام سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ واري عمل خلاف سراپا
احتجاج بڻيل نظر نه آيو آهي پر ڊاڪٽر ۽
سرڪاري اسپتالن جو عملو هن وقت به احتجاج ڪري رهيو آهي ته حڪومت اهو فيصلو واپس
وٺي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي ڊاڪٽر ايماري سان ڊيوٽيون ڪن ها ۽ عوام کي ڪو فائدو
فراهم ڪن ته اڄ انهن کي احتجاج ڪرڻ جي ضرورت نه پئي ها ۽ عوام به انهن سان گڏ روڊن
تي نظر اچي ها، بهرحال سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ وارو عمل بهتر نه آهي ۽ نه ئي ان
فيصلي سان عوام کي ڪو فائدو ملي سگهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون
اسپتالون آهن جتان جو عملو سرڪاري دوائون پرائيوٽ اسٽورن تي وڪرو ڪندو آهي ۽ عوام
کي مجبورن دوائون خانگي اسپتالن ۾ وٺڻيون پئجيون
رهيون آهن، جنهن جون خبرون به ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ رپورٽ ٿي رهيون آهن،
ڪجهه اهڙيون اسپتالون به آهن جتي ڊاڪٽر نه موجود هئڻ سبب ڪاروهنوار ڊسپينسر ئي
سنڀالي رهيا آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت
سرڪاري اسپتالن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي. بهرحال هاڻ جڏهن سنڌ
سرڪار تعليمي ۽ صحت ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ته ان وقت اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته
اهڙا فيصلا صرف ايندڙ چونڊن جي تياري لاءِ ڪيا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪامورا
پنهنجيون همدرديون حاصل ڪرڻ اهڙا قدم کڻي رهيا پر اهڙن فيصلن سان شايد هاڻ سنڌ جو
عوام ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو ڇاڪاڻ جيستائين تعليم ۽ صحت ايمرجنسي تي عملي قدم نه
کنيا ويا ته اهڙن فيصلن سان عوام کي نقصان ٿيندو، جنهن لاءِ حڪومت اعلان سان گڏ
اهڙن فيصلن تي عمل به ڪرائي.
No comments:
Post a Comment