Pages

Wednesday 11 October 2017

پي آءِ اي جهاز جي وڪرو جو معاملو حل ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پي آءِ اي ۾ سڌارا آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ايتري قدر جو پي آءِ اي کي خانگائڻ  واري اعلان کانپوءِ ملازمن احتجاج به ڪيا هئا، جنهن دوران فائرنگ جو واقعو به پيش آيو هو، جنهن سبب پي آءِ اي کي خانگائڻ حڪومت لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويو هو، بهرحال ڪجهه ڏينهن اڳ پي آءِ اي جي عملدارن دعويٰ ڪئي هئي ته پي آءِ اي ۾ سڌارا آندا ويا آهن ۽ مسافرن کي به بهتر سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اهڙن بيانن کانپوءِ لڳي رهيو هو ته واقعي ملڪ اندر ادارن ۾ سڌارو اچي رهيو آهي ۽ عوام ۾ اها اميد پيدا ٿي ته ٻيا ادارا به ايئن مضبوط ٿيندا ۽ انهن ۾ سڌارا آندا ويندا، پر افسوس ايئن نه ٿيو ۽ ڪا خاص تبديليون اداري ۾ نظر نه آيون،
ڪجهه عرصو اڳ ايئرپورٽ تي عورت اهلڪارن پاران هڪ مسافر عورت کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تمام گهڻُو ڏيکاري وئي هئي ۽ اهي واقعا ان وقت پيش اچي رهيا هئا، جنهن وقت پي آءِ اي انتظاميا طرفان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اداري ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون ويون آهن، هونئن ته هن ملڪ دنيا جي ڀيٽ پيٽرول، گئس، بجلي ۽ ٻيون شيون وڌيڪ اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، جنهن هتي سستي ڀاڙن جو به ڪو سوچي ئي نه ٿو سگهي، هن وقت جيڪي پي آءِ اي بابت بحث ٿي رهيو  آهي، ان تي پاڪستان سميت دنيا حيران ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي  ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي آءِ اي جهاز جي وڪري واري معاملي تي بحث ٿيو،، پبلڪ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو هو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته پي آءِ اي جهاز جي وڪري وارو معاملو نيب ڏانهن موڪليو ويندو ۽ اها ئي سڄي معاملي جي جاچ ڪندي، جنهن جهاز جي وڪري بابت بحث هن ملڪ ۾ هلي رهيو آهي، ان بابت چيو وڃي ٿو ته ان جهاز جي فلم بندي جو به انڪشاف ٿيو آهي.
خورشيد شاهه چيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ لاءِ نيب حوالي ڪيو ويندو ۽ نيب ئي سڄي معاملي کي ڏسندو، هن وقت ملڪ ۾ سياسي بحران هلي رهيو آهي، سموريون پارٽيون هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۾ رڌل آهن، ان وقت پي آءِ اي جهاز جو معاملو به وڏي اهميت رکي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ڪابه سياسي پارٽي ان معاملي کي پنهنجي مفادن طور استعمال ڪري سگهي ٿي.  جڏهن قومي اسيمبلي جي اجلاس پي آءِ اي جي وڪري بابت  ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو هو ته ان وقت قومي اسيمبلي چيو ويو ته جيڪو پي آءِ اي جو جهاز ڏنو ويو، ان کي فلم بندي لاءِ به استعمال ڪيو ويو، جنهن جو ڪرايو پاڪستان کي ڊالرن بدران رپين ۾ ادا ڪيو ويو هو. جنهن جي جاچ ٿيڻ ضروري آهي.
بهرحال قومي اسيمبلي ۾ قومي ايئر لائن  جي جهاز وڪري بابت ته بحث ٿيو ئي ٿيو پر ان سان گڏ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ سيڪريٽري اي ايشن  چيو  ته جهاز جو ڍانچو وڪرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انجڻ وڪرو ناهي ڪئي، جيڪا واپس آندي ويندي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين خورشيد شاهه جرمني ۾ جهاز جي غير قانوني وڪري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جهاز هليو ويو ته انجڻ واپس ڪيئن ايندي، نيب سميت لاڳاپيل ادارا ٻڌائين ته پي آءِ اي جي اڳوڻي چيئرمين جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو وڌو ويو، ايتري قدر جو  خورشيد شاهه نيب کي ايندڙ هفتي تائين رپورٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خورشيد شاهه ته اهو به چيو ته هڪ سزا مليل شخص کي چيف ليگل ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو ته ان وقت خورشيد شاهه چيو ته ايم ڊي پي آءِ اي اجلاس ۾ ڇو نه آيو آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري ايوي ايشن ايم ڊي نه اچڻ تي معذرت ڪئي هئي،
اجلاس ۾ خورشيد شاهه ڳالهائيندي چيو هو ته پاڪستان ۾ اهو نظام ٺهي ويو آهي ته  چور ڪامياب ۽ صاف سٿرا ماڻهو  ناڪام آهن، بوئنگ ٽرپ سيون جي اپ گرڊيشن ۾ ڪنٽريڪٽر کي 100 سيڪڙو ايڊوانس ڏنو ويو آهي، ايئن اسان جي ملڪ ۾ ئي ٿيندو آهي،  سمورو ايڊوانس ڏنو وڃي ته پوءِ ڪم ڪير ڪندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  ڪو به ڪم هجي  جيڪڏهن ان جا پيسا اڳ ۾ ادا ڪيا وڃن ته ڪم ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. بهرحال هن وقت ادارن کي خانگائڻ واري مان صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته حڪومت نٿي چاهي ته ادارا مضبوط ٿين، جيڪڏهن حڪومت چاهي ها ته ڪڏهن به اسٽيل مل  کي خانگائڻ جون ڪوششون نه ڪيون وڃن ها ۽ نه ئي ملازمن کي پگهارن لاءِ تڙپايو وڃي ها. هن وقت صرف پي آءِ اي جهاز جي وڪري وارو معاملو اٿيو آهي، اڳتي هلي شايد ٻيا به وڏا مسئلا اٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ادارن کي خانگائڻ سان  مسئلا حل  ٿي وڃن ها ته پوءِ چين سميت سمورا ملڪ ان جي حمايت ڪن ها ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو ادارو سرڪاري نه هجي ها، صرف خانگي ادارا  هجن ها، بهرحال هن ملڪ ۾ ته ناڻو ڪمائيندڙ ادارن کي  ئي خانگايو ويندو آهي، جنهن سان ملڪ کي ڪو فائدو نه پوندو آهي، رهندو ماڻهن کي بي روزگار ڪيو  ويندو آهي.
جيڪڏهن ادارن تي وفاقي سرڪار مڪمل ڌيان ڏئي ها ته اڄ  قومي ايئر لائن جي جهاز جي فلم بندي ڪڏهن به نه ٿي هئي ۽ نه ڀڳڙن مٺ عيوض جهاز کي وڪرو ڪيو وڃي ها، ڀلي کڻي سول ايوي ايشن چئي رهي آهي ته جهاز جو ڍانچو وڪرو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود خورشيد شاهه ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي، جهاز وڪرو ڪرڻ سان هن ملڪ کي فائدو نه نقصان ئي ٿيوآهي، جيڪڏهن فائدو ٿئي ها ته نه ئي پبلڪ اڪائونٽس جي اجلاس ۾ پي آءِ اي جي جهاز جو ذڪر ٿئي ها نه ئي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو وڃي ها.
 بهرحال هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته  قومي ايئر لائن جي جهاز جي وڪري ۽ فلم بندي واري معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي اداري کي بچايو وڃي، نه ته اڳتي هلي ٻيو ڪجهه  وڪرو نه ڪيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي هر وقت سجاڳ ئي رهڻ گهرجي ۽ هن  اداري کي بچائڻ سان گڏ سمورن ادارن کي محفوظ بڻايو وڃي ۽ انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي هن ملڪ جو مستقبل روشن ڪري سگهن ٿا،  هونئن ته خورشيد شاهه اهو سٺو معاملو نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي تمام جلد حتمي  رپورٽ پيش ڪرڻ  جي هدايت ڪئي وئي  آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر جيڪو جهاز وڪرو ٿيو آهي، ان جي انجڻ واپس ايندي يا وري  اهو صرف معاملي کي ٽارڻ لاءِ بيان ڏنو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment