Pages

Tuesday 31 October 2017

ملڪي حالتن ۽ سياسي پارٽين ۾ ايندڙ تبديلي

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، ان سان گڏ ڪرپشن خلاف به وٺ پڪڙ هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي جو اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ به گرفتار آهي، جنهن کان به پڇا ڳاڇا هلي رهي آهي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف سعودي ۾ پنهنجي امڙ سان ملي واپس لنڊن روانو ٿي ويو، ملڪ واپس نه آيو، جنهن بعد نواز ليگ اڳواڻن عدالت ۽ فوج خلاف پنهنجو ورتاءُ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ادارن سان ٽڪراءُ  بدران خاموشي اختيار ڪئي آهي، ان جو اندازو تازو عدالتن جي فيصلن مان به لڳائي سگهجي ٿو،
 اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، سندس پٽ حسين نواز به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو عدالت ۾ پيش ٿيندو پر هو سعودي عرب تائين پهتو پر پاڪستان ڏانهن رخ نه ڪيو، جڏهن نوازشريف سعودي عرب ۾ پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪري واپس لنڊن پهتو ته  ليگي اڳواڻن ۽ وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ احتساب عدالت ۾ پيشي بابت مشاورت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته ساڻس فيئر ٽرائل نه ٿيو آهي. ۽ هو 2 نومبر تي واپس پاڪستان وڃي رهيو آهي، ڪو به مائنس نواز فارمولا ناهي، پارٽي ۾ ڪا ورهاست نه ٿي رهي آهي، عدالت ۾ جيڪو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اهو سڀني سامهون آهي،
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به  ليگي وزيرن جي لنڊن ياترا جي خرچ بابت عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آخر ليگي اڳواڻن جي لنڊن ياترا جو خرچ ڪير ڪري رهيو آهي؟ بهرحال نوازليگ جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ساک  خراب ٿي رهي آهي، هڪ ته نوازليگ اڳواڻن  مقدس ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي سياست جا دروازا هن ملڪ ۾  هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن، جيئن لنڊن ۾ ويٺل شخص هتان جي ادارن خلاف ڳالهائي پنهنجي نالي  تي ئي پابندي لڳرائي ڇڏي آهي، نواز ليگ خلاف به اهو ڪجهه ٿي سگهي پيو پر وقت سر نواز ليگ اڳواڻن پنهنجي زبان تي ضابطو آندو، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته نواز ليگ هاڻ سمجهي وئي آهي ته هو ادارن سان ٽڪراءَ واري پوزيشن ۾ نه آهي ۽ نه ڪا هن وقت پارٽي سندس ساٿ ڏيندي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ به ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جو به سڄو ڌيان نيب تي ئي آهي، رهي ڳالهه جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي جي ته انهن جو مطالبو آهي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، صرف هڪ جو نه ٿيڻ گهرجي،
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ته مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاناما پيپرز ۾ جن به ماڻهن جا شامل آهن، انهن سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر انهن جو مطالبو ڪير به نه مڃي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ جا اڳواڻ سرعام ڳالهائي رهيا آهن ته فيئر ٽرائل نه پيو ٿئي، ايتري قدر جو نواز ليگ اڳواڻن اهو به چيو  آهي ته ڪجهه ماڻهو عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن ۽ چيلهه جو بهانو ڪري پرڏيهه هليا ويا آهن پر انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿئي پر جيڪي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت به نه پئي ڏني. بهرحال نواز ليگ جا لاءِ هاڻ رستا تنگ ٿيندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف نواز ليگ  کي ٽيڪ اوور ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن  ته اهي به افواهون آهن ته احتساب عدالت جي فيصلي اچڻ کانپوءِ نواز ليگ جا ڪجهه ايم پي ايز پارٽي ڇڏي ويندا،  اهڙو انڪشاف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به ڪري چڪوآهي.
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چئي رهي آهي ته شريف ڪٽنب جي خلاف ثبوت ٺاهيا پيا وڃن، جڏهن پاناما پيپرز جي ٻڌڻي شروع ٿي هئي ته ان وقت  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وڇ ۾ ايترا ويڇا نه هئا، جيڪي اڄ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن،  پر جڏهن سپريم ڪورٽ نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ کان ٿورو پري ٿي وئي ۽ اهو فاصلو اڄ به قائم ۽ دائم آهي ۽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي فتح قرار ڏنو، نااهل ٿيڻ کانپوءِ نوازشريف جيڪا زبان ادارن خلاف استعمال ڪئي، ان سبب سندس معيار ٿورو گهٽجي وئي، ڇاڪاڻ ته مقدس ادارن سان ٽڪراءِ ۾ نواز ليگ جو ڪو به ماڻهو ساٿ نه ڏئي ها ۽ نه ئي هاڻ ڏيندو، اهو ئي سبب آهي جو  اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا آهن ۽ نواز ليگ کي مشورا ڏئي رهيو آهي ته ادارن سان ٽڪراءَ واري سياست سان پارٽي جوئي نقصان ٿيندو، جنهن سبب ادارن سان ٽڪراءَ کان  پاسو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو پر ان باوجود نواز ليگ چوڌري نثار جي  اها صلاح نه مڃي ، نوازشريف جي ناٺي رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جيڪي ڳالهيون ڪيون ان سان نواز ليگ  لاءِ وڏيون تڪليفون پيدا ڪري ڇڏيون ۽ عدالتن جا فيصلا تڪڙا  اچڻ لڳا،  جنهن تي  نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو ته  فيصلو پهرين ٻڌايو ويو ۽ ٻڌڻي هاڻ ٿي رهي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي،  جو هڪ پارٽي اڪثريت سان حڪومت ۾ هئي ۽ ان ئي پارٽي جو سربراهه عدالت پاران  نااهل قرار ڏنو ويوآهي، مطلب ته اهو پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون واقعو آهي ته ڪنهن پنجاب جي  پارٽي اڳواڻ خلاف عدالت جو فيصلو آيو هجي، هاڻ ته نواز ليگ لاءِ  ملڪ اندر حالتون تبديل ٿي چڪيو آهن ۽ نواز ليگ وٽ  هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي. ڪجهه ماڻهو ته ملڪ ۾ مارشل لا جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن  ته ڪجهه وري ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ اپ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ اندر حالتون تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهن پر ان باوجود پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف  پارٽي چئي رهي آهي ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون  ۽ هن ڀيري وڏي تبديلي ايندي.
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيوآهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سندن پارٽي کٽيندي ته ٻي طرف وري پيپلزپارٽي به ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي کٽرائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو،   جيڪڏهن جمهوريت جي  ريل گاڏي پٽڙي تان نه لٿي. هونئن ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضع طور چئي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي نيشنل يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ برداشت نه ڪندي،  جڏهن ته احتساب ۾ ڪو فرق ن هئڻ گهرجي، پارٽي ۾ ڪو بدعنواني ۾ ملوث مليو ته ان جو ساٿ نه ڏنو ويندو. بهرحال اهو سٺو فيصلو آهي پر نوازشريف جو سياسي ڪيريئر  داءُ  تي لڳل آهي ۽ لڳي نٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪو نوازشريف حصو وٺي سگهندو، ڇاڪاڻ ته جيئن دهشتگرد مختلف وقتن تي پنهنجيون ڪارروايون ڪري معصوم ماڻهن جون حياتيون کسي رهيا آهن، ايئن ڪرپشن ڪرپٽ ماڻهن جو پيڇو نه ڇڏيندي ۽ جن به وزيرن  ۽ مشيرن ڪرپشن ڪئي آهي، اهي هن ڀيري سياست کان ٿورو ٻاهر ئي نظر ايندا.  

No comments:

Post a Comment