Pages

Thursday 5 October 2017

عورتن تي چاقن سان حملا ، جوابدار سوگها ٿيندا؟

صاحب خان ڀٽي
هونئن ته سڄي سنڌ ۾ عورتن تي حملا ٿيندا رهندا آهن،  ڪڏهن عورتن تي تيزاب هاريو ويندو آهي ته  ڪڏهن وري انهن کي اغوا  ڪري قتل ڪيو ويندو آهي، جيڪو  سلسلو ڪافي سلسلي کان هلندو پيو اچي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا به پيش ايندا آهن جو انهن کي ٻڌي انسان جو ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي ويندو آهي پر  انهن واقعن  جي روڪٿام لاءِ ڪو به  ماڻهو عملي طور  ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ڪڏهن عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن  وري ملڪيت جي تڪرار تي  نشانو بڻايو ويندو آهي،  ڪڏهن ڪڏهن ته عورتن کي سڱ چٽي عيوض به ڏنو ويندو آهي،  هونئن ته عورتن جي حقن لاءِ ڪيتريون  تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر هن وقت تائين عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.
بهرحال هن وقت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان حالتون تمام گهڻو تبديل ٿي چڪيون آهن. اڳ ۾ عورتون ڪراچي ۾ پاڻ کي آزاد سمجهنديون هيون پر هاڻ هڪ چاقو بردار گروپ سامهون آيو آهي، جيڪو عورتن کي اڪيلو ڏسندي انهن تي وار ڪري زخمي ڪري فرار ٿي وڃي ٿو. اهو سلسو  هڪ ٻه ڏينهن نه پر ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهيو آهي پر هن وقت تائين پوليس ان جوابدار تائين هٿ وجهي نه سگهي آهي، هونئن ته پوليس ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري چڪي آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جو به سلسلو جاري آهي پر اصل جوابدار  هن وقت تائين وائکا نه ٿي سگهيا آهن. جنهن سبب ڪراچي اندر هڪ خوف واري فضا قائم ٿي چُڪي آهي. پوليس به روايتي انداز ۾ بيان ڏئي معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي پئي آهي پر ان باوجود چاقو بردار شخص عورتن تي حملن ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته چاقو بردار  ٽولو گلشن جمال، نيپا چورنگي، گلستان جوهر ۽ يونيورسٽي روڊ تي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جيئن ته عورتن تي حملن جو سلسلو گلستان جوهرکان شروع ٿيو، اهو هاڻ آهستي وڌندو پيو وڃي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر  انهن جوابدارن جو مقصد ڇا آهي، چاقو بردار ٽولو صرف رستي تي اڪيلي ويندڙ عورت کي ئي نشانو بڻائين ٿا ۽ فرار ٿي وڃن ۽ انهن جون وڊيو رپورٽون به  منظرعام تي اچي رهيون آهن ۽ جوابدار هيلمٽ جي آڙ ۾ بچي رهيو آهي ۽ سي سي ٽي  وي فوٽيجز به ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن. هڪ ٻه ڏينهن اڳ به گلشن جمال جي رهائشي عورت کي  اڻڄاتل جوابدار ان وقت چاقو هنيو، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر جي دروازي تي بيٺي هئي.  واقعي بعد چاقو بردار جوابدار ته فرار ٿي ويو پر عورت معمولي زخمي ٿي پئي هئي.
جيئن ته هي ڪو پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ پوليس ته جوابدار جي سرَ جي قيمت به مقرر ڪري چڪي آهي پر جوابدار هن وقت تائين قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهيو آهي. جنهن سبب شهر ۾ خوف وڌندو پيو وڃي، پوليس جو موقف آهي ته جوابدار پنهنجو علائقو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ۾ هو گلستان جوهر ۾ ڪارروايون ڪندو هو ۽ هاڻ علائقو تبديل ڪري پوليس کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو. بهرحال ڪراچي ۾ عوام جي تحفظ لاءِ صرف پوليس نه پر ٻيا ادارا آهن، جن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ان باوجود عوام جي نه جان محفوظ آهي ۽ نه مال محفوظ آهي. ڪراچي ۾ ڦرن جون وارداتون به عام ٿي ويون آهن ۽ ماڻهن جون جانيون به داءُ تي لڳل آهن، پر حڪومت صرف پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهي آهي،
ڪراچي اندر هيڏي وڏي سيڪيورٽي باوجود به طالبان جهڙي ذهنيت رکندڙ چاقو بردار ٽولي کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جيڪو به سڪيورٽي ادارن تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪا پوليس هڪ چاقو بردار شخص کي گرفتار نه سگهي ۽ اها پوليس آخر هن شهر ۾ خطرناڪ دهشتگردن کي ڪيئن گرفتار ڪندي، جن کي عالمي دهشتگرد به قرار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن  هن وقت به عالمي دهشتگرد ايئن پنهنجيون ڪارروايون ڪندا رهندا ته امن امان بحال ڪرائڻ واري حڪومتي دعويٰ  صرف دعويٰ ئي رهجي ويندي.
هن وقت حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد سمورن سڪيورٽي ادارن کي حڪم جاري ڪري ته  جيڪي جوابدار عورتن تي چاقو سان حملا ڪري رهيا آهن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته طالبان  جهڙي ذهنيت رکندڙ چاقو بردار شخص هن شهر جو امن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ  هن شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي، ان امن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت کي  فوري طور شهر جي سڪيورٽي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، جنهن سان  خوف ختم ٿي ويندو ۽ سمورا ماڻهو خوشي خوشي سان هن شهر ۾ گذاريندا، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن هتان جا ڪامورا چاهين ۽ رينجرز سميت سمورن ادارن کي حڪم جاري ڪن ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو.
هن شهر ۾ عورتن تي حملا ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر هي معاملو ٿورو سنجيده آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف داعش نالي خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جو وجود سامهون آهي ته ٻي طرف وري ملڪ اندر  سياسي ڇڪتاڻ  هلي رهي آهي، جنهن سبب عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي، حڪومت کي ئي ان نقصان جو ازالو ڪرڻو آهي. بهرحال هن شهر ۾ ته ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ  جون وارداتون عام هيون،اها ئي ساڳي پوليس هئي، اها ئي ساڳي رينجرز هئي ۽ اهي ئي ساڳيا اختيار انهن وٽ هئا، جڏهن  مٿان کان حڪم ٿيو ته اهي ئي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار ڀتي خورن، دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن لاءِ موت بڻجي سامهون  آيا. جيڪڏهن هن وقت به پوليس تي دٻاءُ وڌو وڃي ته  چاقو بردار جوابدار تمام جلد گرفتار ٿي سگهن ٿا
. شهر ۾ اهي به افواهون آهن ته اهو ڪم ڪنهن عالمي دهشتگرد تنظيم جو به ٿي سگهي ٿو، جيڪي امام بارگاهن، مزارن  ۽ اسڪولن تي حملن ۾  ملوث هونديون آهن، پر  ڪراچي پوليس چئي رهي آهي ته اهو ڪنهن ذهني مريض جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هڪ ئي شخص  آهي، جيڪو عورتن تي حملا ڪري رهيو آهي. ڀلي کڻي پوليس اهو چئي ته جوابدار ذهني مريض ٿي سگهي ٿو، پر ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي  ته ڪراچي ۾ دهشتگرد تنظيمون  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سرگرم آهن، جيڪي مذهب جي نالي تي هن شهر ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيون آهن،  ڪجهه عرصو اڳ گلستان جوهر ۾ ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪئي هئي،
جڏهن  وردي پهريل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آڌي رات  جو چڙهائي ڪئي  هئي ته ڪيترائي ڪلاڪ جوابدارن سان مقابلو ٿيو هو ۽ عمارتن جي ڀتن ۾ گولين جا سوراخ بڻجي ويا هئا. بهرحال قانون لاڳو ڪندڙ  جنهن مقصد لاءِ آيا هئا، اهو پورو ڪري ويا هئا.  هن وقت به جڏهن چاقوبردار شخص عورتن تي حملا ڪري رهيوآهي، ته ان مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڪيلي رستي ويندڙ عورتن حملا ذهني مريض جا نه پر  هڪ مذهبي دهشتگرد  تنظيم جي ڪارڪن جا ئي ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته معاملي کي سنجيدگي سان وٺي عورتن جي جان  جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي وڃي، جيڪا جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري  کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.



No comments:

Post a Comment