Pages

Saturday 14 October 2017

آمريڪا جي نئين ايران پاليسي ۽ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ته وڏيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن پر ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن پاران انهن هٿيارن کي ٺاهڻ ۽ وڪري ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، آمريڪا ، جاپان، روس، اترڪوريا، چين، پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهن پر ان باوجود آمريڪا ڪڏهن عراق تي خطرناڪ هٿيارن جو الزام لڳائيندو آهي ته ڪڏهن وري مختلف ملڪن تي  خطرناڪ هٿيار رکڻ جو الزام لڳائي انهن تي ڪاهه ڪندو آهي، جيڪو سلسلو هن وقت نه رڪجي سگهيو آهي، هن وقت شام، ايران، عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوجي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئي رهيو آهي ته اها جنگ آمريڪا جي بقا جي جنگ آهي،
گڏيل قومون به آمريڪا جي هر هڪ لفظ تي لبيڪ چئي رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيترائي ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهي ويا آهن، ان جو ذميوار جيڪڏهن آمريڪا کي قرار ڏيجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان آمريڪا عراق قدم رکيا، تڏهن کان اتي امن قائم نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهڙي ئي حالت افغانستان جي به آهي، جتي به امن امان جو ڪو به نشان موجود  آهي، جنهن جا اثر هن ملڪ تي به پئجي رهيا آهن، افغانستان مان دهشتگرد اچي هن ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري افغانستان فرار ٿي وڃن ٿا، ايتري قدر جو اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي به اهو ئي چيو آهي ته آمريڪا دهشتگرد تنظيم جي مدد ڪري رهيا آهن، حامد ڪرزئي ته آمريڪا تي داعش کي مدد فراهم ڪرڻ جو به الزام لڳايو آهي، جيتوڻيڪ آمريڪا پاران هن وقت تائين افغان صدر حامد ڪرزئي جي بيان جو ڪو به جواب نه ڏنو آهي  ۽ خاموش آهي ۽ آمريڪا جي اها خاموشي هڪ وڏو سوال بڻجي وئي آهي ته آخر آمريڪا حامد ڪرزئي جي الزام جو جواب ڪهڙي ريت ٿو ڏئي،
 بهرحال آمريڪا اڄ طالبان کي دهشتگرد قرار ڏئي رهيو آهي پر اهي دهشتگرد آمريڪا جي ئي پيداوار آهن، جيڪو مائنڊ سيٽ آمريڪا پيدا ڪيو، اهي هن سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن ۽ آمريڪا پاڻ به انهن کي منهن ڏئي سگهي رهيو آهي، جنهن تي به آمريڪا تي تمام گهڻو تنقيد ٿي رهي آهي. پر ان باوجود آمريڪا جو سڄُو ڌيان ايشيا کنڊ تي لڳو پيو آهي ۽ پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪري رهيو آهي. هن وقت آمريڪا ته پاڪستان ۾ به دهشتگردن جي ٺڪاڻن جا الزام لڳائي رهيو آهي. جنهن جو هن ملڪ ۾ سخت رد عمل سامهون آيو آهي، پرڏيهي وزير خواجا آصف کي به نيويارڪ ۾ ڏنل بيان ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته خواجا آصف چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا نشاندهي ڪري ته هو پاڻ ئي انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندا ۽ ان بيان تي به مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي هئي.
هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نئين ايران پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايران بابت پاليسي تي نظرثاني ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ملڪ ايران جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ايران ايٽمي معاهدي جي پاسداري ڪري رهيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته اهو به چيو ته ايران ايٽمي معاهدي تان هو هٿ نه کڻي رهيا آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته ايران کي ميارون به ڏنيون آهن ته هو  1979 ۾ تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني جي واقعي کي وساري نٿا سگهن، ايران وچ اوڀر ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته ايران سان معاهدي کي بدترين فيصلو به قرار ڏنو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به وقت ايران سان ٿيل معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو ته ان وقت ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ آمريڪا هاڻ ايران تي به ڪاهه ڪندو پر جڏهن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کيس فون تي رابطو ڪري ايران جي ايٽمي معاهدي تي سنجيدگي سان ويچارڻ جي صلاح ڏني ته ان وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٿورو ٿڌو ٿيو ۽ ايران خلاف ڪو به قدم نه کنيو پر هاڻ جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت نئين پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن لڳي رهيو آهي ته آمريڪا دنيا جي مختلف ملڪن پاران ايران جي حمايت ڪرڻ تي کيس پوئتي هٽڻو پئجي رهيو آهي،
جيتوڻيڪ آمريڪا پنهنجي نئين پاليسي ۾ اهو اظهار ڪيو آهي ته 2015ع ۾ ٿيل ايران سان ايٽمي معاهدو سندن بدترين فيصلو هو. بهرحال آمريڪا پهريون ڀيرو پنهنجي فيصلي کي بدترين فيصلو قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت آمريڪا، اترڪوريا ۽ ايران سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪري چڪو آهي، ايتري قدر جو ترڪي سان لاڳاپا به بهتر نه رهيا آهن. ان جا به فوجي بغاوت سميت مختلف ڪارڻ آهن. هن وقت آمريڪا اترڪوريا ۽ روس سان به مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي، اترڪوريا جي صدر به کيس ڀرپور جواب ڏنو آهي، جنهن بعد آمريڪا اترڪوريا کان پاسو ورتو آهي، جڏهن ته ايران بابت اڃا به سندس ساڳيو رويو برقرار آهي، هونئن ته آمريڪا ايران تي پابنديون لڳائڻ سان گڏ روس تي الزام لڳائيندو رهيو آهي پر هاڻ روس سان به ماضي جي ڀيٽ ۾ لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي چڪا آهن،
روس جا جهنڊا لاهڻ تي روس آمريڪا تي تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا چيو آهي ته آمريڪا ۾ روسي آفيسن جي عمارتن تان پنهنجي ملڪ جو جهنڊو لاهڻ واري آمريڪي قدم درست نه آهي، روسي پرڏيهي وزير ته اهوبه چيو آهي ته آمريڪا ڄاڻي واڻي پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. روس اهڙي قدم تي آمريڪي اختيارين اڳيان سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ جوابي قدم لاءِ تڪڙو فيصلو ڪيو ويندو.
بهرحال روس جي آمريڪا ۾ قائم آفيس تان جهنڊا لاهڻ واري معاملي تي روس ۽ آمريڪا وچ لاڳاپا تمام گهڻو خراب ٿي رهيا آهن.  آمريڪا جي نئين ايران پاليسي  تي ايران جو به سخت رد عمل سامهو آيوآهي. ايران طرفان چيو ويوآهي ته جيڪڏهن سندن فوج کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ايران چيو آهي ته واشنگٽن عالمي ايٽمي معاهدي جي روح کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،
بهرحال هن وقت آمريڪا پاران دنيا اندر ڇڪتاڻ کي وڌائڻ وارن قدمن ۾ تيزي اچي وئي آهي، هڪ طرف اترڪوريا کي ڌمڪيون ته ٻئي طرف ايران تي پابنديون لڳائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.  آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته ايران تي فوري طور پابنديون نه لڳايون وينديون.  هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر آمريڪا ڪهڙي ريت ايران سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو، هونئن ته سعودي عرب به اتحادي فوج تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ به ڪيترائي ملڪ شامل آهن، صرف ايران کي شامل نه ڪيو ويو آهي، هن وقت هڪ طرف سعودي عرب ايران تي ڪاوڙيل آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا جون پابنديون به ايران لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا اندر صرف خطرو آمريڪا لاءِ اچي بچيو آهي ته ٻيا ملڪ صرف آمريڪا کي تباهه ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن ۽ آمريڪا سوچي رهيو آهي ته صرف ايشيائي ملڪ ئي دهشتگردي جو ڳڙهه آهن. جيڪڏهن آمريڪا جي اهڙي پاليسي رهي ته هن خطي ۾ امن امان جي صورتحال ڪڏهن به بحال نه ٿيندي، هونئن ته آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي، جنهن جو نتيجو هن وقت آمريڪا پاران نه ڪڍيو ويو آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا آخر ڪهڙي ريت ايٽمي هٿيارن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا صرف ايران ۽ اترڪوريا کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي  ۽ دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنهن سبب دنيا جا سمورا ملڪ دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن سمورا ملڪ امن جي لاءِ هڪ پيج تي بيهن ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا پر افسوس  اهو ڪڏهن نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڻ کي ٻين ملڪن کان چڱو سمجهي رهيو آهي.  

No comments:

Post a Comment