Pages

Friday 20 October 2017

قانون جي پڪڙ ۾ آيل مفتي عبدالقوي

صاحب خان ڀٽي
ڏکڻ پنجاب ۾ پهرين مارچ 1990 ع ۾ جنم وٺندڙ قنديل بلوچ جنهن جو اصل نالو فوزيا عظيم هو، کيس ڇهه ڀائر ۽ ڇهه ڀينرون هيو، جنهن سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي شهرت ماڻي هئي ، هوءَ هڪ ماڊل ۽ اداڪار به هئي، جيڪي ماڻهو کيس نه سڃاڻيندا هئا، انهن به کيس 2013ع ۾ پاڪستان آئڊل نالي هڪ پروگرام  ۾ ڏٺو ۽ سندس اهو آڊيشن انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وائرل ٿي وئي هئي ۽ قنديل بلوچ انهن ڏهن ماڻهن ۾ شمار ٿي وئي، جيڪي هن ملڪ ۾ تمام گهڻو انٽرنيٽ تي سرچ ٿيندا آهن، هوءَ جڏهن به فيس بڪ تي ڪا تصوير رکندي هئي يا وري ڪا پوسٽ شيئر ڪندي هئي ته ان تي لائيڪس ۽ ڪمنٽس تمام گهڻا اچي ويندا هئا.
جون 2016ع  ۾ جڏهن ماڊل قنديل بلوچ  جي ملاقات مفتي عبدالقوي سان ٿي ته سندس زندگي ئي تبديل ٿي وئي ۽ سڄي  ملڪ جو ڌيان صرف قنديل بلوچ ڏانهن هو، هر ٽِي وي پروگرام تي صرف قنديل بلوچ جو  چرچو هلي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هن مفتي عبدالقوي  سان نڪتل تصويرون شيئر ڪيون هيو، جن کي ماڻهن کي تمام گهڻو ڏٺو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي صرف قنديل بلوچ ۽ مفتي عبدالقوي جون خبرون هلي رهيون پر  اها  قنديل بلوچ لاءِ ته شهرت ثابت ٿي رهي  هئي پر مفتي عبدالقوي لاءِ  سماج اندر هڪ اهڙو تاثر پيدا ڪري ڇڏيو هو جو هو ڪنهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جي لائق به نه رهو،
جڏهن مفتي عبدالقوي  کي هڪ ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن فون تي رابطو ڪري پڇيس ته قنديل بلوچ کي اوهان ڇو گهرايو  هو ته ان وقت جواب ڏنو هو ته هوءَ ديني درس وٺڻ آئي هئي، ايتري قدر جو اينڪر پرسن اهو به کانئنس سوال ڪيو هو ته  مفتي صاحب اوهان جي ٽوپي قنديل بلوچ ڪيئن  پاتي آهي ته هن جواب ڏنو هو ته جڏهن  هو  واش روم ويو ته ٽيبل تي پيل سندس ٽوپي هن پاتي هئي، بهرحال سوشل ميڊيا تي مفتي عبدالقوي جون ماڊل قنديل بلوچ سان نڪتل سيلفيون کيس مهانگيون پئجي ويون هو کيس چنڊ ڏسڻي ڪميٽي مان ڪڍيو ويو هو، مطلب ته ميمبرشپ معطل ڪئي وئي هئي.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف، مفتي عبدالقوي جي قنديل بلوچ سان سيلفي جو نوٽيس به ورتو هو، ڇاڪاڻ ته قنديل بلوچ هڪ ماڊل هئي ۽ مفتي عبدالقوي هن سماج جو نيڪ ۽ پاڪ دامن شخص سڏيو ويندو هو ۽ سندس تصويرون هڪ ماڊل سان گڏ ڪنهن کان به برداشت نه ٿي رهيون ۽ مفتي عبدالقوي کي مذهبي اڳواڻ هئڻ جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ مفتي عبدالقوي جو جيئڻ حرام ٿي ويو هو، هرطرف کيس غلط نگاهه سان ڏسي رهيا هئا، ايتري قدر جو مفتي عبدالقوي  ميڊيا سان به نه ڳالهائي رهيو هو. جيئن جيئن وقت گذري رهيو هو، تيئن تيئن مفتي عبدالقوي لاءِ ڏکيائون وڌنديون پئي  ويون، مختلف چينلن جي مختلف پروگرامن ۾ قنديل بلوچ کي گهرائي مفتي عبدالقوي جي تصويرن تي بحث ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، سڀ ان ڪري دلچسپي وٺي رهيا هئا ته قنديل بلوچ هڪ ماڊل هئي ۽ هو هڪ مولوي هو، جيڪو پاڻ کي هن سماج جو نيڪ دامن شخص سمجهندو هو،
هونئن ته قنديل بلوچ ڪافي عرصي کان ماڊلنگ ڪري رهئي هئي ۽ کيس ڪو به ڌمڪيون نه ڏئي رهيو هو ۽ نه سندس مائٽ ڪجهه چئي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هو سڄي گهر جو خرچ به برداشت ڪندي هئي ۽ مائٽن کي به تمام گهڻو پياري هوندي هئي، پر  کيس خبر ئي نه هئي ته مفتي عبدالقوي سان ٺاهيل سيلفون سندس موت جو ڪارڻ بڻجي وينديون.
قنديل بلوچ جڏهن ملتان وئي ته 15 جولاءِ 2016ع تي سندس ڀاءُ وسيم گهر ۾ رات جي وقت کيس نشي واري دوا پياري گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سڀ کان پهرين قنديل بلوچ قتل جو اطلاع سندس پيءُ پوليس کي ڏنو هو، شروعاتي جاچ ۾ کيس گولي هڻي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو هو پر جڏهن قنديل بلوچ جي لاش جو  پوسٽ مارٽم ٿيو  ته ڊاڪٽرن چيو ته قنديل بلوچ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس قنديل بلوچ قتل ڪيس جي ايف آءِ آر به داخل ڪئي، جنهن ۾ قنديل بلوچ جي ڀاءُ وسيم ۽ اسلم شاهين کي نامزد ڪيو ويوهو ۽ انهن قتل جو اعتراف به ڪيو هو ۽ واقعي کي غيرت قرار ڏنو هو، پر  ڪنهن به ماڻهو انهن جي ڳالهين يقين نه ڪيو ته اهو ڪو قتل غيرت جي ڪري ٿيو هجي، ڇاڪاڻ ته سڄو خاندان ئي قنديل بلوچ جي ڪمائي تي پلجي رهيو هو ،
جڏهن قنديل بلوچ انهن کي پنهنجي ڪمائي ڏيندي هئي ته ان وقت انهن کي ڪا غيرت نه آئي هئي پر جڏهن مفتي عبدالقوي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ۽ هڪ پاڪ دامن شخص جو اصل چهرو دنيا سامهون آيو ته سندن غيرت جاڳي پئي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال پوليس پنهنجي جاچ ڪر رهي آهي ۽ قنديل قتل ڪيس عدالت ۾ به هلي رهيو آهي، قنديل بلوچ ڪا وڏي ماڊل يا اداڪارا نه هئي، جنهن سبب سندس قتل ڪيس ملتان جي هڪ مقامي عدالت ۾ هلي رهيو آهي پر مفتي عبدالقوي جيئن ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو ميمبر هو ۽  هڪ ناليواري شخصيت هو، جنهن سبب عوام جو ڌيان قنديل قتل ڪيس ڏانهن ئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به قنديل بلوچ قتل ڪيس جي جاچ هلي رهي آهي ۽  ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار مفتي عبدالقوي  کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي،
مفتي عبدالقوي ته قنديل قتل ڪيس مان جند آجي ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ضمانت جي درخواست ڏني هئي پر ملتان جي مقامي عدالت مفتي عبدالقوي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد هو عدالت جي احاطي مان فرار ٿي ويو هو، جنهن سبب سندس گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا هئا ۽ پوليس وڏي بهادري سان کيس فرار ٿيڻ وقت گرفتار ڪري ورتو هو ۽ کيس گذريل خميس تي جوڊيشل مئجسٽريٽ پرويز خان جي عدالت ۾ پيش ڪيوهو جتي پوليس پاران جوابدار جي ۱۴ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي وئي هئي پر عدالت مفتي عبدالقوي کي ۴ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو. شروع ۾ جڏهن جاچ ٿي رهئي ته ان وقت مفتي عبدالقوي کي قنديل قتل ڪيس جي جاچ کان پري رکيو ويو هو پر نيٺ هو قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويو، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو آهي ته قنديل بلوچ جي قتل سان انصاف ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قنديل بلوچ پهرين عورت نه آهي، جيڪا قتل ٿي هجي، اڳ به ڪيتريون عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته عورتن تي حملا ۽ انهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا واقعا هن ملڪ ۾ معمول بڻجي ويا آهن، جنهن سبب ڪيتريون حوا ڄايون قتل ٿي رهيون آهن، پر اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ نه ته حڪومت ڪي خاص قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري پوليس اهڙن واقعن لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڙو ڪري رهي آهي، سنڌ کان ويندي  ڏکڻ پنجاب تائين وڏيري، سرداري ۽ چوڌرائپ جي ڪري فتوائون جاري ڪرڻ ۽ جرڳا ڪرڻ وارا واقعا ٿيندا رهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته معاشري جو ٺيڪو کڻندڙ بااثرن پاران اهڙيون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن جو انهن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي،
ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنجاب ۾ هڪ جرڳي دوران  پنچائپ پاران  لڄالٽ جو جرڳو ڪيو هو، جنهن ۾ فتويٰ جاري ڪئي هئي ته لڄالٽ جي شڪار ناري جو ڀاءُ جوابدار جي ڀاءُ سان ساڳيو سلوڪ ڪندو ته حساب برابر ٿي ويندو، جنهن بعد ان شخص  جرڳي جي فيصلي کي قبول ڪندي اهو قدم کنيو، جنهن بعد ان عورت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن بعد هوءَ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي، ان کان اڳ به ڪيترائي جرڳا پنجاب اندر ٿي چڪا آهن، اهڙو حشر سنڌ ۾ به آهي، بس فرق ايترو آهي جو ڏکڻ پنجاب ۾ اڻ پڙهيل جاهيل بااثر چوڌري جرڳا ڪندا آهن، سنڌ اندر وزير، مشير ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ بااثر ماڻهو ڪندا آهن، جن کي سنڌ جا وڏيرا چئون ته ان ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌ ۾ به ڪجهه ڏينهن اڳ شمائلا عباسي کي قتل ڪيو ويو هو،  ان کان اڳ تانيا خاصخيلي کي به هڪ بااثر شخص قتل ڪيو، مطلب ته سنڌ ۾ به اهڙا واقعا ٿيندا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر مفتي عبدالقوي قنديل بلوچ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ٿو يا وري اهو ڪيس به ماضي جيان ٻين ڪيسن وانگر لڙهي ويندو.



No comments:

Post a Comment