Pages

Monday 9 October 2017

حامد ڪرزئي جا الزام ۽ آمريڪا

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ  دنيا جي وڏين طاقتن فوجي اتحاد  جوڙيو ته جيئن دهشتگردي کي پاڙو ختم ڪيو وڃي پر  ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ جنگ ۾ دهشتگرد ته ختم نه ٿي سگهيا پر ڪيترائي معصوم ماڻهو پنهنجيون جانيون وڃائي ويٺا آهن، ڪڏهن ڊرون حملا ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو ته ڪڏهن وري اتحادي فوجين جي  زميني ڪارروائن ۾ معصوم شهري توڙي معصوم ٻارڙا مارجي ويا، گڏيل قومن پاران صرف مذمت ڪئي وئي  ۽ جاچ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن سبب اتحادي فوج اڄ به اهڙيون ڪارروايون ڪندي رهي آهي، اهڙي طرح آمريڪا به جتي چاهي ٿو ته بنا اجازت جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي،
پاڪستان ۾ به آمريڪا پاران ڊرون حملا ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته  هنن پاڪستان ۾ دهشتگردن کي ماريو ويو، آمريڪا پاران جنهن به علائقي ۾ ڊرون حملو ڪيو ويو آهي، ان جي ته نه ويڊو جاري ڪئي وئي آهي ۽ نه متاثر علائقي ڪنهن ميڊيا  وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا به ان حساس معاملي ۾ پنهنجي اٽڪائڻ جي ڪوشش نه ڪندي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن، جيڪڏهن اهڙن حساس معاملن کي رپورٽ ڪيو ويو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ به ناراض ٿيندي ۽ سپر پاور به  مڇرجي سگهجي  ٿو، جنهن سبب جيستائين هتان جا ادارا تصديق نه ڪندا آهن، تيستائين ڪو به ٽِ وي چينل يا اخبار اهڙين خبرن کي شايع ڪرڻ کان لنوائيندو آهي،
 بهرحال هن وقت آمريڪا پاران پاڪستان اندر ڪارروايون گهٽجي ويون آهن ۽ سي پيڪ سبب ڀارت توڙي افغانستان به  ٿورو پاڪستان کان ڊنل نظر اچي رهيا آهن، پيپلزپارٽي جو سينيٽر رحمان ملڪ چئي رهيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن پر آمريڪا ڀارت جي زبان طوطي جيان استعمال ڪري رهيو  آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان سي پيڪ منصوبو شروع ٿيو آهي ته ان بابت ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي ۽ چيو پيو وڃي هو سي پيڪ کي ڪالا باغ ڊيم جيان سياست جي ور چڙهڻ نه ڏيندا ۽ اهي لفظ ڪنهن ٻئي ملڪ جا نه آهن پر اهي لفظ پنجاب سان تعلق رکندڙ وزيرن جا آهن، جيڪڏهن اهي وزير سي پيڪ جي ڀيٽ ڪالا باغ ڊيم سان ڀيٽ ڪن ٿا ته ان جو به نقصان هن ملڪ کي ٿيندو ۽ اهي نٿا چاهين ته سي پيڪ منصوبو  ڪامياب ٿئي، ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم ۽ سي پيڪ الڳ الڳ معاملا آهن، ڪالا باغ ڊيم سنڌ، بلوچستان جي تباهي آهي،اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪالا باغ ڊيم جي حمايت نه ڪندو  ۽ اهي وزير جيڪي ڪالا باغ ڊيم جا حامي آهن ۽ سمجهن ٿا ته اهي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن ته پوءِ اها انهن جي ڀُل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالا باغ ڊيم صرف هڪ صوبي کي نوازڻ جو منصوبو آهي، جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ۽ نه ئي ڪو ان ڳالهه تي اعتراض ڪري سگهي ٿو، صرف پنجاب ئي وڏا پاڻي جا ذخيرا  ٺاهي مستقل لاءِ پنهنجي زمينون آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، جنهن سان ٻين صوبن کي ڪو به فائدو نه رسندو،
بهرحال سي پيڪ ڄاڻي ۽ هتان جي حڪومت ڄاڻي، جيڪو وڻين سو ڪن، پر ان جي ڀيٽ ڪالا باغ ڊيم سان ڪري وڌيڪ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بهرحال اڄ پاڪستان دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، ان جو سبب ٻيو ڪجهه به نه هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙن جي غلط فيصلن جو نتيجو آهي، جيڪڏهن افغانستان جي جنگ ۾ حصو نه ورتو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها ۽ نه اڄ افغان مهاجرن جو بار هن ملڪ تي پئي ها، اڄ هن ملڪ ۾ جيترا افغاني ترسيل آهن، شايد ايتري لڏپلاڻ پاڪستان ٺهڻ وقت به نه ٿي هئي، جيتري افغانستان ۾ آمريڪا جي حملي کانپوءِ ٿي آهي.
افسوس ته ان ڳالهه جو به آهي جو اسان جي اسٽيبلشمينٽ افغان جنگ ۾ حصو ته ورتو پر  انهن افغان مهاجرن کي به قبول ڪيو، جيڪي  پنهنجا علائقا ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، اهي افغان مهاجر هن ملڪ ۾ تي آيا پر انهن سان گڏ جيڪا طالبانائيزيشن سوچ هن ملڪ ۾ داخل ٿي ان جو هن ملڪ جي ڪامورن سوچيو نه هو، اڄ پاڪستان ۾ صوفي بزرگن جون درگاهون به محفوظ نه آهن ان جو سبب به افغان مان لڏ پلاڻ ڪري آيل طالبانائيزيشن سوچ  ئي آهي، جن پنهنجو هڪ مذهب بڻائي ڇڏيو آهي، جن جو پنهنجو هڪ قانون آهي، جيڪي چاهين ته ڪڏهن مسجدن ۾ آپگهاتي ڌماڪا ڪندا آهن ته ڪڏهن وري  چاهين ته صوفي بزرگن جي مزارن کي نشانو بڻائيندا آهن. اڄ به هن ملڪ ۾ لکين افغان مهاجر  ترسيل آهن، جن جو تعداد شايد هاڻ ڪروڙ کان به وڌي ويو هجي، جنهن جو اندازو شايد ڪنهن کي به نه هوندو، حڪومت به آدمشماري درست نموني نه ڪئي آهي، جنهن سبب سنڌ حڪومت پاران به آدمشماري نتيجن کي رد ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ افغانين کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ۽ انهن هتي ملڪيتون به ورتيون آهن پر افسوس جو انهن خلاف ڳالهائيندڙ کي آمريڪا جا حامي غدار چئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو افغان مهاجرن خلاف کي تڙي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن کي ملڪ دشمن  قرار ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ ملڪ دشمن اهي ئي آهن جيڪي افغان پرڏيهين جي آڙ ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيا آهن.
بهرحال هن وقت اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي جيڪو پاڻ به آمريڪا جو حمايتي ۽  دوست رهيو آهي، اڄ ڪلهه اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي جو دنيا حيران ٿي وئي آهي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي چيو هو ته آمريڪا بندش پيل تنظيم داعش سان رابطي ۾ آهي ۽ ان جي مدد به ڪري رهيو آهي.ايتري قدر جو حامد ڪرزئي اهو به چيو ته آمريڪي اڏن تان هيليڪاپٽرن ذريعي داعش کي مدد فراهم ڪئي ڪئي ويندي آهي، اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي ته اهو به چيو هو ته اڳ ۾ افغانستان اندر طالبان ۽ القاعده هئي، هاڻي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تنظيم داعش آهي، جڏهن ته آمريڪي انٽيليجنس جي موجودگيءَ ۾ ئي داعش جو افغانستان ۾ وجود قائم ٿيو. اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي جي اهڙن انڪشافن کان پوءِ ملڪ اندر هڪ وڏو بحث شروع ٿي ويو آهي ته واقعي آمريڪا دهشتگردن  تنظيمن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه آمريڪا به  ڀارت جهڙي ٻولي ڪالهائي رهيو آهي ۽ پاڪستان کان ” ڊومور“ جو مطالبو ڪري رهيو آهي،
آمريڪي دفاع واري وزير جيمس ميٽس ته اهو به الزام لڳايو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ موجود آهن، جڏهن آمريڪا جو اهڙو بيان سامهون آيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجا اصف چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو به ٺڪاڻو نه آهي، جيڪڏهن آمريڪا معلومات ڏيندو ته هو تي ڪارروائي ڪندا. بهرحال هن وقت آمريڪا سي پيڪ سبب ٿورو ناراض آهي، جنهن سبب آمريڪا جو ڀارت سان رويو نرم آهي ۽ پاڪستان خلاف زهر جهڙا  لفظ ڳالهايا پيا وڃن. بهرحال اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي کان اڳ تحريڪ طالبان ۽ جماعت احرار جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان مختلف حملن جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اعتراف ڪيو هو ته ٽي ٽي پي کي ڀارت ۽ افغانستان استعمال ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو احسان الله احسان جي اعترافي ويڊيو به جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ احسان الله احسان چيو هو ته ٽي ٽي پي ”را“ کي معلومات ۽ هدف فراهم ڪندي رهي آهي،  قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه چيو هو ته سي پيڪ خطي جي لاءِ معاشي خوشحالي جو منصوبو آهي
، آمريڪي دفاع واري وزير جنرل جيمز ميٽس جي سي پيڪ جي حوالي سان تڪراري بيان تي ردعمل ڏيندي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه جو چوڻ هيو ته سي پيڪ خطي جي لاءِ معاشي خوشحالي جو منصوبو آهي، بهرحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعليٰ سفارتڪار ۽ فوجي صلاحڪارن به پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس آهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن بعد بچاءَ وارو وزير جيمس ميٽس به ايندو. هن دوري جو اعلان وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن خطي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ويڇا وڌي هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچي رهيا آهن.  بهرحال هن وقت آمريڪا تي جيڪي به الزام لڳا آهن، ان کي ثابت ڪرڻ به انهن جي ئي ذميواري آهي، هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته آمريڪا ڪهڙي داعش کي مدد فراهم ڪرڻ وارن الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري.


No comments:

Post a Comment