Pages

Monday 30 October 2017

شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ وارو مامرو

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تعليم ايمرجنسي لاڳو آهي ۽ ان ايمرجنسي جا اثر به نظر اچي رهيا آهن، ڪٿي شاگردن کي  حراسان ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي وري شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ڪراچي يونيورسٽي  ۾ ته ڌرتي ڌڻين جي لاءِ  دروازا ڪيتري ئي عرصي کان بند آهن، جيڪي شاگرد  ڪراچي  جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن انهن کي به ڄاڻي واڻي پوئتي ڪرڻ وارا حربا استعمال ٿيندا  رهيا آهن، ڪيترن ئي شاگردن کي ته يونيورسٽين ۾داخلائون ئي نه ملنديون آهن، هن وقت به  اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيڪل  انٽري ٽيسٽ  سٺي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪرائي وئي، جنهن جو پرچو به آئوٽ ٿيڻ وارو معاملو ميڊيا تي آيو، جنهن بعد شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ويا،جنهن مان پڪ ٿي وئي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي لاڳو آهي، جيڪڏهن تعليمي ايمرجنسي لاڳو نه هجي ته اڄ شاگرد روڊن تي نه هجن ها، بهرحال اهو ته انٽري ٽيسٽ جو معاملو هو، ڪڏهن ڪاپي ڪلچر جو بحث ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري  ٻين صوبن جي شاگردن کي سنڌ اندر پيپر ڏياريا ويندا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ ۽ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي  لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر  ان تي عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي،  شابس آهي، مختلف عدالتن جي ججن کي جيڪي   مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻي حڪومت جو ڪارڪردگي کي وائکو ڪري رهيا آهن ۽ بند پيل اسڪول ٻيهر کولرائي رهيا آهن. جنهن سان تعليمي نظام بهتر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا  آهن.
هاڻ ته سنڌ يونيورسٽي اندر به ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ڪلاسن مان کنڀيو  ويندو آهي ته ڪڏهن وري قانون جا رکوالا سنڌي شاگردن  کي پنهنجي ثقافت کي اپنائڻ جو به حق کسي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ  سنڌ يونيورسٽي ۾ قانون جي رکوالن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي پابندي لڳائي جيڪو ماملو ميڊيا تي اچڻ بعد اها پابندي شاگردن تان ختم ٿي  پر اڃا به شاگرن کي هيسائڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ته سنڌ يونيورسٽي اندر  شاگرد تنظيمن تي به اڻ سڌي طرح پابندي لڳل آهي، جنهن سبب اهي  ڪجهه استاد مقدس پيشي  کي بدنام ڪري رهيا آهن،  جيڪي خبرون هن وقت ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن شاگرد تنظيمن تي پابندي نه هجي ها ته اڄ نه ڪنهن شاگردياڻي کي   حراسان ڪيو وڃي ها نه ئي وري ڪو سنڌ سان نفرت ڪندڙ سنڌي شاگردن کان ٽوپي ۽ اجرڪ لاهرائڻ جي جرئت ڪري ها. بهرحال هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي بس ڊرائيور کان ويندي  مقدس پيشو رکندڙ استاد تائين سمورا ماڻهو قانون جي زور تي  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. سپريم ڪورٽ به ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪارروائي جو حڪم به ڏنو آهي، پر اهو معاملو ڪڏهن حل ٿيندو ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. 
جڏهن کان سنڌ سرڪار طرفان تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي تڏهن کان سنڌ اندر ان جا نتيجا به اچڻ شروع ٿيا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ پوليس آفيسر گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي اي ايس پي آصف بهادر بهادري جو ڪارنامو ڏيکاريندي ٻن نياڻين کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن مان ظاهرٿي رهيو آهي ته واقعي سنڌ اندر تعليمي ايمرجنسي تي عمل جاري آهي، هاڻ اها تعليمي ايمرجنسي جا اڃا وڌيڪ ڪيترا نتيجا سامهون ايندا اهو ته وقت ئي ٻڌائندو. هونءَ ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن سبب روزاني اخبارون چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن سان ڀريل هونديون آهن، سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو شهر بچيو هجي جتي دهشتگردي يا ٻيو ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو هجي، پوليس به  امن امان قائم ڪرائڻ جون  وڏيون وڏيون دعوائون ڪندي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جي عوام پوليس خلاف دانهيندي رهي آهي، ڪٿي بلڊر مافيا سان سهڪار ڪري ڳوٺ ڊاٿا ويندا آهن ته ڪٿي وري بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي، پر چوندا آهن ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، هتي به اهو سلسلو هلي رهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين هزارين ماڻهو پوليس گردي جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو ته پوليس گردي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
هونءَ ته پوليس طرفان امن امان قائم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ڪٿي به چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، جنهن سبب روزاني اهڙين خبرن سان اخبارون ڀريل هونديون  آهن، بهرحال جيڪي پوليس پنهنجن علائقن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾گهٽتائي نه ڪري سگهي، اها اڳتي هلي دهشتگردي جي ڪاررواين کي ڪهڙي ريت روڪيندي، بهرحال هن وقت پوليس پنهنجو رخ تعليمي ادارن ڏانهن ڪيو آهي، جنهن سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف واري فضا قائم ٿي چڪي آهي پر اهڙي عمل خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي، جنهن سبب سنڌ اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن کان سنڌ اندر نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، پوليس اهلڪارن پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي امتحاني سينٽرن جو رخ ڪيو آهي، ايتري قدر جو ڊي سي ۽ ٻيا عملدار به گارڊ ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري رهيا آهن، جن کي ڏسي شاگرد اڃا وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ٿا،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع ٿيا  ته هر طرف کان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪجهه شهرن مان ته اهي به خبرون مليون ته ڪجهه ماڻهو صحافتي ذميواريون پوريون ڪرڻ بهاني اٺ ڏهه ماڻهو ساڻ ڪري امتحاني سينٽرن جي  دورو ڪيو، ايتري قدر جو  پاڻ کي چڱو مڙس سڏرائيندڙ به امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ لڳا پر افسوس جو تعليمي بورڊن طرفان جوڙيل ٽيمون ڪٿي  به نظر نه آيون، جنهن جو اصل ڪم سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ هو، جيڪو ڪم تعليمي بورڊ جي ٽيمن کي ڪرڻو هو ، اهو ڪم ڪامورا ۽ پوليس اهلڪار ڪري رهيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ به هڪ عورت پوليس اهلڪار وڏي بهادري جو ڪم ڪيو هو، جنهن پاڻ سان گڏ گارڊ ساڻ ڪري هڪ امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو، جنهن سبب شاگرد تمام خوف ۾ وٺي ويا هئا، ان عورت پوليس اهلڪار جي ڇاپي دوران واري وڊيو ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن وڏن وڏن دهشتگردن کي پڪڙي  رهي هئي، بهرحال ان وقت به تعليم واري کاتي طرفان  ڪو به ردعمل سامهون نه آيو هو ، جنهن سبب هڪ ٻيو واقعو حيدرآباد کان پوءِ گهوٽڪي ۾پيش آيو،
هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن جي بينڪن ۾ رکندڙن خلاف جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن هن وقت تعليم جي بهتري لاءِ حڪومت قدم کڻي ته شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ خبرون  آهن ته آءِ جي سنڌ گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ ٽيم به جوڙي ڇڏي  آهي، بهرحال اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته جنهن به معاملي کي لئه مٽي ڪرڻو هوندو آهي ته ان جي لاءِ جاچ ٽيم جوڙي ويندي آهي ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل نياڻين سان ناانصافي واري واقعي جو به حشر به اهو ئي ٿيندو، جيڪو ماضي ۾ جوڙي جاچ ٽيمن ڪيو آهي. هن وقت هر طرف اهو بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ اندر ڪاپي جي ڌم متل آهي پر هن وقت تائين اهم مسئلي بابت ڪو به بحث نه ڪيو آهي ته جيڪي اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرائڻ جو ڪم ڪنهن جو آهي ۽ جيڪي استاد اسڪول نه ٿا وڃن انهن کي اسڪول اچڻ لاءِ ڪهڙي ريت پابند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پر حڪومت بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ نه ورتا آهن، ظاهري طور ته  تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي آهي پر  اها ايمرجنسي امتحاني سينٽرن تي  ڇاپا هڻي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي گرفتار ڪرڻ تائين محدود نه ڪيو وڃي، ڪاپي کي روڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ٻارڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين  تعليمي نظام ۾ ڪا خاص بهتري اچي نه سگهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومت چاهي ته سنڌ اندر تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عملي طور قدم کنيا وڃن باقي اعلانن سان ڪجهه به نه ٿيندو. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته تعليمي ايمرجنسي گڏ عملي قدم کڻڻ لاءِ به وک وڌائي ته جيئن سنڌ جا مقدس تعليمي ادارا محفوظ رهي سگهن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مسقبل به بچي سگهي.

No comments:

Post a Comment