Pages

Tuesday 24 October 2017

پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ آيل تبديلي

صاحب خان ڀٽي
بينظير ڀُٽو جي شهادت کانپوءِ جڏهن سنڌ سڄي سوڳ ۾ ورتل هئي ته ان وقت آصف علي زرداري “ پاڪستان کپي” جو نعرو هنيو، جنهن جي ڪري سندس شهرت ۾واڌ ٿي ۽ هر طرف “ کپي کپي ” جا نعرا لڳندا رهيا، اڄ  سندس اهي جملا ميڊيا جي زينت بڻيل آهن پر اهو ممڪن ئي نه پيو ٿي سگهي ته هزارين ماڻهن جي شهادتن کانپوءِ قائم ٿيل جمهوريت قائم ٿئي ڪرپشن جو راڳ هن ملڪ جي عذاب نه بڻجي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ صرف ڪرپشن جو ئي راڳ آهي، ڪهڙي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي ان جي جاچ ٿي رهي آهي  ۽ ان حوالي سان پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ نشاني تي آهن. بس واري ڦرڻ جي دير آهي،
پنجاب ۾ نواز ليگ جي لاءِ ممڻ متل آهي، ڪنهن به وقت پنجاب اندر نواز ليگ  جي سياست اونداهي ڏانهن  پنهنجو رخ ڪري سگهي ٿي، هن وقت نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب جي اثاثن جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ مٿن نيب ريفرنسز ۾ فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو  آهي.  نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو هو ته خبر نه ٿي پئي ته انهن جادوگرن وٽ ڪهڙو جادو آهي، جو جيڪو چون ٿا، اهو ئي ٿي رهيو آهي. مطلب ته انهن جادوگرن کي سڀ خبر آهي، ته اڳتي ڇا ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. بهرحال  ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان  هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته پنجاب ۾ نواز ليگ جي وڪيٽ  ڪري پئي هاڻ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي وڪيٽ ڪرڻ واري آهي ۽ اسان ڏٺوسين ته پهرين عزير بلوچ جا انڪشاف سامهون آيا ۽ ان کانپوءِ شرجيل ميمڻ  کي نيب حراست ۾ ورتو پر کيس  وٺي وڃڻ وارا رينجرز  جا اهلڪار هئا، جيڪي اهلڪار کيس تحفظ فراهم ڪندا هئا،ا هي کيس عدالت مان پڪڙي وٺي وڃي رهيا آهن ۽ ان دوران سندس ڪپرن جا بٽڻ به ٽٽي پيا هئا ۽ سندس چهري تي هڪ خوف به نظر اچي رهيو هو،
جڏهن عدالت ۾ پوڻا ڇهه ارب رپين  جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي هئي ته ڪنهن کي به خبر نه هئي ته کيس حراست ۾ ورتو ويندو، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت هن ملڪ ۾ ٻن پارٽين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ممڪن نظر نه اچي رهي هئي پر اهو اندازو اسان جو غلط نڪتو  ۽ نواز ليگ سان گڏ پيپلزپارٽي کي به پڇاڻي واري عمل ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ضمانت رد ڪئي وئي ته شرجيل ميمڻ گرفتاري کان بچڻ لاءِ 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت عدالت جي اندر ئي رهيو  هو ۽ کيس سهارو ڏيڻ لاءِ ڪجهه پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به پهتا هئا پر جيئن تي رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي وڏي نفري اتي بيٺل هئي، هو  شرجيل ميمڻ جو تحفظ نه ڪري سگهيا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به شرجيل ميمڻ سان فون تي رابطو ڪري حال احوال ورتو هو. جيئن جيئن وقت گذري پيو نيب شرجيل ميمڻ جي مهمانوازي لاءِ در تي بيٺل هئي، جيئن سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار هر وقت تيار رهندي آهي. بس ٻنهي مهمانوازي ۾ فرق ايترو هو ته سنڌ سرڪار ڌارين جي لوڌ کي ڪارڊ به ٺاهي ڏيندي آهي ته انهن  کي نوڪريون به ڏيندي ۽ سنڌ جي اصل وارثن کي روهنگيا جي مسلمانن کان به بدتر سلوڪ ڪيو ويندو آهي،
ان جو مثال ڪراچي ۾ استادن پاران پگهارن لاءِ احتجاج مان به ملي سگهي ٿو، جن تي احتجاج دوران سنڌ سرڪار لٺبازي ۽ واٽرڪينن جي استعمال جو حڪم جاري ڪندي آهي. هن وقت به سنڌ جون ليڊي هيلٿ ورڪرز پگهارن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪيترن ئي مهينن کان خيرپور ناٿن شاهه جون ليڊي هيلٿ ورڪرز احتجاجي ڪئمپ لڳائي احتجاج تي ويٺل آهن پر حڪومت کي نظر نه پيو اچي ۽ نه انهن وٽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ وقت آهي پر جڏهن شرجيل ميمڻ جي گرفتاري جو امڪان ظاهر ٿيو ته سمورن وزيرن ۽ مشيرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ اهي پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي عدالت پهچي ويا هئا ۽ وڏي وزير کي به فون ڪرڻ جو وقت ملي ويو پر ان وڏي وزير وٽ سنڌ جي استادن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز لاءِ نه آهي ته آخر انهن کان پڇي ته هو احتجاج ڇو ڪري رهيا آهن؟
بهرحال سنڌ جي وزيرن وٽ ڀلي وقت نه هجي ته اهي عوام جا مسئلا حل ڪن پر هاڻ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به پڇاڻي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جن  وزيرن ڌارين کي نوڪريون کپايون هاڻ اهي به تمام جلد قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ وارا آهن، پير مظهر الحق جي دور  ۾ جن استادن کي ڀرتي ڪيو ويو، انهن کي نه ته پگهارون مليون نه ئي وري انهن کي نوڪرين تي بحال ڪيو ويو، حڪومت ته انهن ڀرتين کي جعلي ڪري  سمورن استادن کي ڪڍي ڇڏيو، جن ويچارن پسا ڀري نوڪري ورتي هئي،  ماضي ۾ ته حڪومتون تبديل ٿينديون هيون ته پوءِ سرڪاري نوڪرين تان مخالف پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي برطرف ڪيو ويندو هو پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن  هر صوبي ۾ الڳ الڳ پارٽيون آهن، جيڪي اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪن ٿيون پر شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ان ڳالهه جو  ثبوت آهي ته سنڌ ۾ پنجاب جيان تبديلي اچي رهي آهي ۽ اهستي آهستي  اهي سمورا ماڻهو  پڪڙ ۾ ايندا جن ڪرپشن ڪئي هوندي.
بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جون اڳڪٿيون تمام جلد سچ ٿي رهيون آهن ۽ شرجيل ميمڻ جي گرفتاري پيپلزپارٽي جي لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي وئي آهي، هونئن ته اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي سڌسماءَ واري کاتي پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن کي ثابت ڪرڻ يا نه ڪرڻ هاڻ نيب جو ڪم آهي، ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگردي عروج تي هئي ۽ هڪ پارٽي جو راڄ هوندو هو ۽ ان جي اجازت کانسواءِ هن شهر ۾ ڪو جلسو به نڪري سگهندو هو ۽ سيڪيورٽي ادارا به انهن خلاف ڪارروائي کان لنوائيندا هئا ، انهن خلاف به ڪارروائي ان وقت ٿي جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ۽ رينجرز هن شهر هڪ سياسي پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ويجهو وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر  اهي هٿيار ڪهڙي سياسي پارٽي جا هئا ۽ انهن هٿيارن جو مالڪ ڪير هو؟ ۽ انهن جي ماسٽر مائنڊ ۽ اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو يا نه؟ ان جي ڪا به عوام کي خبر نه آهي، اهي چهرا جيڪي ماضي ۾ اسان مختلف ٽي وي چينلن تي ڏسندا هئاسين اهي اڄ به ڏسي رهيا آهيون، بس فرق ايترو ٿيو آهي جو هاڻ هڪ دائري ۾ رهي ڳالهايو پيو وڃي پر ماضي ته اهي ئي اڳواڻ اهڙو ڳالهائيندا هئا جو هن ملڪ ۾ حڪومت رٽ ڪٿي به نظر نه ايندي هئي. هاڻ ته هن شهر ۾ ڪافي حد تائين امن ٿي چڪو آهي ۽ صفائي جو عمل به جاري آهي پر  هاڻ دهشتگردي کانپوءِ سنڌ ۾ ڪرپشن جي خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي، جنهن جي ڪري شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اهم جوابدارن جي خلاف جاچ شروع ٿيڻ جو امڪان به وڌي ويو آهي.
 هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر پيپلزپارٽي سان به ساڳيو ورتا ڪيو ويندو ، جيڪو نواز ليگ سان ٿي رهيو آهي جا وري پيپلزپارٽي تي هٿ هلڪو رکيو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت پيپلزپارٽي صرف سنڌ تائين محدود ٿيندي پئي وڃي ۽ سنڌ ۾ ئي تحريڪ انصاف جا وڏا جلسا ٿي رهيا آهن. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته هاڻ عوام سجاڳ ٿي چڪي آهي، وڏيرن، ڀوتارن جو ساٿ ڏيڻ بدران انصاف جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏي ڪرپشن ٿي آهي ۽ تمام جلد پيپلزپارٽي جو وارو اچڻ وارو آهي.



No comments:

Post a Comment