Pages

Friday 27 October 2017

ملڪي سياسي بحران ۽ ڪرپشن جو رينگٽ

صاحب خان ڀٽي
جمهوري حڪومت  ۾ ڪرپشن هڪ عذاب بڻجي ويندو آهي، جيڪي به ترقياتي منصوبا هلي رهيا هوندا آهن، انهن ۾ ڪو نه ڪو نقص ڪڍي ان کي اڌ ۾ روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڪڏهن چونڊيل نمائندن  کي ڪرپشن جي الزام ۾ سوگهو ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري حڪومت جو تختو ئي اونڌو ڪيو ويندو آهي، پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، ترڪي جي ناڪام بغاوت جي ڪوشش کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ به مشرف جي وڃڻ کان پوءِ جمهوريت کي هڪ ڊگهو عرصو مليو آهي ۽ اڃا به جمهوريت جي ريل گاڏي پٽڙي تي هلي رهي آهي،
 مختلف وقتن تي سياستدان پاڻ کي جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ناڪام ويا، ڪن سياستدانن ته غير جمهوري قوتن کي اچڻ جي دعوت به ڏني، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ غير جمهوري قوتن کي اچڻ جي دعوت جا بينر به لڳايا ويا پر ان باوجود جمهوريت جي ٽرين لوڏن سان پنهنجو سفر ڪري رهي آهي، پر  ڪجهه سياسي پارٽين کي جمهوريت هضم نه ٿي رهي آهي، ان جي ڪري اهي اهڙا قدم کڻي رهيون آهن، جنهن سان ملڪ اندر جمهوريت کي نقصان پهچي سگهي ٿو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن به جمهوريت ايندي آهي ته ان وقت ترقياتي ڪم ته ٿيندا آهن پر انهن ۾ ڪرپشن جو ذڪر به ٿيندو آهي،
نواز ليگ جي حڪومت آئي ته ان پنجاب ۾ تمام گهڻا  ڪم ڪرايا پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ٽڪي جو ڪم به نظر نه اچي رهيو آهي. پيپلزپارٽي به ڪيترو ئي عرصو اقتدار ۾ رهي آهي ۽ لاڙڪاڻي کي پيرس بڻائي ڇڏيو آهي، جتي وڃي عوام کي واقعي لڳندو آهي ته هي شهر سنڌ جو سڀ کان خوشحال شهر آهي، جتي نه ته بيروزگاري آهي ۽ نه ئي وري اتي وڌيڪ سهولتن جي گهرُج آهي. اهو مان نه پر چونڊيل نمائندا چوندا آهن ته  هنن سنڌ کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،
جيڪڏهن اسان صرف سنڌ جي روڊن رستن تي ئي نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي سنڌ جا روڊ قاتل نظر ايندي، جن تي روزاني روڊ حادثا ٿين ٿا ۽ قيمتون جانيون زيان ٿين ٿيون، ان جو سبب اهو ئي آهي جو سنڌ جي روڊن رستن جي  حالت بهتر نه آهي، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. جيڪڏهن ڪٿي روڊ ٺهيل به آهي ته اهو ايترو ننڍو آهي  جو  گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن  ٿيون، ڄامشورو کان سيوهڻ ۽ دادو تائين روڊ به ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي، انهيءَ روڊ کي قاتل روڊ به چئي سگهجي ٿو، انهي ءَ روڊ تي هزارين قيتون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ان روڊ کي ويڪرو ڪري ون وي به ڪري سگهي ٿي پر اهڙو قدم نه پيو کنيو.
بهرحال جمهوري نظام ۾ اهو  سڀ ڪجهه هلندو رهندو آهي، پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ترقياتي ڪم تمام گهڻا ٿيا آهن ۽ ان صوبي ۾ زراعت به بهتر آهي ۽ اتي روزگار جا موقعا به مُهيا ڪيا ويندا آهن پر سنڌ ۾سنڌين جي حڪومت هوندي به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نه ٿيون ملن ۽ نه ئي وري انهن کي ڪي روزگار جا ڪي موقعا مُهيا ڪن وڃن ٿا، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ به سنڌين وسندين کي ڊاٿو پيو و ڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کان اجها ڦريا پيا وڃن، جنهن تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري.  
نواز ليگ چئي رهي آهي ته انهن پنهنجي حڪومت ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ امن امان جي صورتحال به بهتر بڻائي آهي ۽  نوازشريف خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي رهي آهي، اهو به صرف ان ڪري ٿي رهي آهي ته نوازشريف ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي، ايتري قدر جو  ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائڻ جو ڪريڊٽ به نواز ليگ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو،  جڏهن کان نواز ليگ حڪومت جون واڳيون سنڀاليون آهن، ان ڏينهن کان تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ، عوامي تحريڪ، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون جماعتون سندس مخالف ٿي ويون آهن، پر ان باوجود پيپلزپارٽي نوازليگ جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو آهي،  جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ هئي ته ان وقت نواز ليگ پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو پر بعد ۾ اهو سلسلو ختم ٿي ويو هو، جڏهن يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار  ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو، ان وقت به پيپلزپارٽي هڪ قدم به پوئتي نه ڪيو هو ۽ نئون وزيراعظم چونڊرايو هو.
جيئن ته هن وقت ملڪ اندر جمهوري حڪومت قائم آهي ۽ ملڪ اندر “ ملڪ اندر مائنس ون “ فارمولي تي به ڪم هلي رهيو آهي، ڪراچي کي پاڪ ڪرايو ويو آهي، دهشتگردي، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ پارٽي تي اڻ سڌي ريت پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن سبب ٻن تنظيمن جنم ورتو آهي، هڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ٻي پي ايس پي شامل آهي، جيڪي پڻ ان تنظيم مان پيدا ٿيون آهن، جنهن جو سربراهه ماضي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ميڊيا تي ملڪ کي  يرغمال بڻائندو هو ۽ هتان جا ادارا خاموش تماشائي بڻيل رهندا هئا، ايئن لڳندو هو ته هر ادارو جي حضوري ۾ آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن تي ڪڙي نظر رکڻ سبب ان جون سرگرميون به محدود ٿي ويون آهن. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ به اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم  لنڊن، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي ختم ٿي وينديون ۽ هڪ نئين تنظيم تنظيم ٿيندي، مطلب ته ان جو  اشارو دبئي ۾ ويٺل شخص ڏانهن هو. جيڪو چيلهه جي تڪليف  سبب اتي ترسيل آهي.
پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ جي اڳڪٿي کانپوءِ  آل پاڪستان مسلم ليگ جي صدر پرويز مشرف   پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي  چيو ته ڪراچي ۾ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو هو سياسي اتحاد قائم ڪري ڀريندو، اڳوڻي آمر پرويز مشرف ته اهو به چيو آهي ته موجوده حالتن مان ٽن قسمن جي صورتحال جنم وٺي سگھي ٿي، هڪ صورت حڪومت کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ آهي ٻي صورت قومي حڪومت جوڙي وڃي، جڏهن ته ٽئين صورت مارشل لا لاڳو ڪرڻ آهي. جيڪو ممڪن ناهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي اهڙي بيان مان لڳي رهيو آهي ته تمام جلد پرويز مشرف ڏيهه ايندو، جيئن هن پنهنجي حڪومت ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪيو ۽ ٻارنهن مئي جهڙا سانحا پيش آيا، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي به حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾  سوين ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، جن جا قاتل اڄ به قانون کان آجا آهن ۽ نه ئي حڪومت چاهي ٿي ته انهن دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪي جي جاچ ڪرائي ها ته شهيد ٿيلن جي وارثن کي آٿت ملي ها پر افسوس جو قاتلن کي اهو چئي ڇڏيو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.
جڏهن کان ملڪ ۾ پڇاڻي جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان  سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي پارٽين لاءِ  پريشاني وڌندي پئي وڃي. پنجاب ۾ نواز ليگ تي ڪرپشن جو الزام آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاسجي پيا آهن، جن ۾ شرجيل ميمڻ به شامل آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي مرضي سان عدالت ويو ۽ کيس  ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويو هو. نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري عدالت جي حڪم تي ٿي، ان ۾ ڪنهن سان ناانصافي جو تاثر ڏيڻ درست ناهي، هاڻي احتساب بنا فرق ۽ قانون مطابق ٿيندو.
بهرحال تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جيڪو عدالتن ۾ پيش نه ٿيندو هو، اهو به گرفتاري جا وارنٽ  جاري ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کان توهين عدالت  جي  ٻن درخواستن تي معافي گهري، جنهن کي اليڪشن ڪميشن قبول ڪيو، پر مٿس ڪراچي ۾ ڪيل تقرير واري درخواست برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو. هڪ طرف عمران خان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نااهلي جي درخواست هلي رهي آهي ته  ٻئي طرف وري نوازشريف خلاف نئب ريفرنسز  ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، هونئن ته نوازشريف  نيب جي ٽنهي ريفرنس کي گڏ ڪري هڪ ئي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي پر ان کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو. جيڪو هن وقت احتساب هلي رهيوآهي، ان ۾ پنجاب ۾ ته ڪا خاص گرفتاري عمل ۾ نه آهي پر  سنڌ ۾ گرفتاريون عمل ۾ آيون آهن، پيپلزپارٽي جو اڳواڻ شرجيل ميمڻ به گرفتار ٿي چڪو آهي، جنهن خلاف به ڪرپشن جو ڪيس هلي رهيو آهي.پر پنجاب ۾ ڪا به گرفتاري  عمل ۾ نه اچڻ تي پيپلزپارٽي کي به تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ٻٽو معيار رکيو پيو وڃي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment