Pages

Tuesday, 17 October 2017

موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ

صاحب خان ڀٽي
اسٽيٽ بينڪ جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جنهن سبب زميون بنجر ٿيڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ بعد ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي پکڙجي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڀ کان وڏن ڊيمن منگلا، تربيلا ۽ چشما ۾ به پاڻي  جي سطح به گهٽجي وئي آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2030 تائين ملڪ اندر پاڻي جي شديد کوٽ ٿي سگهي  ۽ هي ملڪ دنيا جي انهن 33 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي  ويندو جيڪي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ به اهڙا خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا ته ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي پر2010ع ۾ دنيا ڏٺو ته گلشير تيزي سان پگهرجڻ شروع ڪيو هو ۽ سنڌ  سميت ٻين صوبن ۾ ٻوڏ واري صورتحال هئي، سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ ٿيو، ڇاڪاڻ ته هتي نه ته ڪي پاڻي گڏ ڪرڻ جا ذخيرا آهن ۽ نه ئي وري درياهن، و اهن ۽ شاخن جا ڪپر مضبطو آهن، جنهن سبب  هن صوبي ۾ گهارا پوڻ جو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي.
موسمياتي تبديلي سبب دنيا اندر پاڻي جي کوٽ وڌندي پئي وڃي ۽ برساتن جو سلسلو گهٽجڻ زرعي زميون به بنجر ٿينديون پيون وڃن، اهڙو ئي حال اسان جي ملڪ جو به آهي، جتي پاڻي جي کوٽ سبب چئن صوبن ۾ زراعت کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر هڪ ته پاڻي جي کوٽ آهي ته ٻي طرف سمنڊ تيزي سان زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، پر حڪومت طرفان نه پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن نه ئي وري ڊيلٽا کي تباهه ٿيڻ کان بچايو  پيو وڃي، هن وقت سڄي صوبي ۾ آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر سندن دردن جو درمان ڪير به نه پيو بڻجي ۽ نه ڪو سندن دانهن ٻڌڻ وارو آهي، آبادگارن چئي رهيا آهن ته کين مناسب پاڻي نه ملڻ سبب سندن زراعت کي نقصان پهتو آهي،ايتري قدر جو سنڌ مان اهو آواز به اٿي رهيو آهي ته پنجاب سنڌ کي پاڻي گهٽ پيو ڏئي، مطلب ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ملي رهيو آهي،  اها دانهن ڪا هاڻ نه ٿي آهي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندي پئي اچي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
هڪ طرف هن ملڪ پاڻي جي کوٽ آهي ته ٻي طرف وري وفاقي سرڪار ملڪ ۾ وڏا ڊيم ٺاهڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي، هڪ وڏو منصوبو ماضي ۾ به جوڙيو ويو هو، جنهن کي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اهو منصوبو صرف هڪ صوبي کي نوازڻ جي لاءِ هو، جنهن سان سنڌ ۽ ڪي پي ڪي کي ڪو به فائدو نه پئي ها. جڏهن سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ان ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو ته ان وقت چيو ويو ته اهو ملڪ دشمني آهي، ڊيم ٺهڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ زراعت کي هٿي ملندي، پر صوبن ان کي مڪمل طور رد ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا هاري، ساڃاهه وند، اديب، دانشور ۽ ليکڪ اهو ڄاڻين پيا ته جيئن ماضي ۾ سنڌ کي ڪو به فائدو نه ڏنو ويو هو، ايئن  ئي هن منصوبي جو سنڌ کي ڪو به فائدو نه ملندو، ڇاڪاڻ ته تربيلا، منگلا، ڀاشا ۽ ٻيا جيڪي ڊيم ٺاهيا ويا هئا، ان مان ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ضرورت موجب پاڻي نه مليو سگهيو آهي،
 اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جو باشعور عوام سمجهي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪو وڏو ڊيم ٺهيو ته ان سان جيڪو هن وقت سنڌ کي پاڻي ملي رهيو آهي، اهو  به نه ملندو ۽سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ مٺو پاڻي به بند ٿي ويندو، جنهن سان ڊيلٽا تباهه ٿي ويندي ۽ هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو، بهرحال هن وقت سنڌ جي اها صورتحال آهي جو نه ته هتي واٽر ڪورس پڪا آهن ۽ نه ئي وري درياهن جا ڪنارا مضبوط ڪيا ويا آهن، ملڪ کي ٺهي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر هن وقت سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ درياهن جي ڪنارن کي پڪو ناهي ڪيو ويو آهي، جنهن سبب جڏهن به برسات پوندي آهي ته واهن، شاخن ۽ درياهن کي گهارا لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويندا آهن، جنهن جوذميواري صوبائي حڪومت  ته آهي پر ان سان گڏ وفاقي سرڪار به ان لاپرواهي ۾ برابر جو شريڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين درياهن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي  به قدم نه کنيا وياآهن،
جڏهن به ڪٿي ڪو گهارو لڳندو آهي ته اتي وقت سر ڪو به آبپاشي عملدار نه پهچندو آهي.  جنهن  جي ڪري وڌيڪ نقصان ٿيندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جڏهن سنڌ ۾ قدم رکيو هو ته ان وقت هن ٺٽي ۾ اهو واعدو ڪيو هو ته سمنڊ جي ڪناري تي پٿر وڇايا ويندا  ته  جيئن سمنڊ اڳتي نه وڌي سگهي، پر افسوس جو ان واعدي تي به عمل نه ٿي سگهيو ۽ کيس سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو. هونئن ته پنجاب ٻين صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻو سرسبز  ۽شاداب آهي ۽ اتان جي ذراعت ٻين صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻي ٿئي ٿي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اتي هارين کي جيڪي سهولتون فراهم ڪيون وينديون  آهن، اهي سنڌ ۾ نه پيون ڏنيون وڃن، پنجاب ۾ فصل جو اگهه سنڌ جي ڀيٽ  ۾ هارين کي بهتر  ملندو آهي پر هتي جڏهن به فصل لهندو آهي ته آبادگار پريشان ٿي ويندو آهي ته آخر ڪنهن کي کپايا؟ نه ته هارين جي لاءِ ڪي خاص سينٽر کوليا ويندا آهن، نه ئي وري انهن جي رهنمائي لاءِ ڪو اڳتي وڌندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي سبزي مارڪيٽ ۾ ته پهچندي آهي پر ان جو مناسب معاضو  هارين کي نه ملي سگهندو آهي. جنهن سبب سنڌ جا هاري پنجاب جي هارين کان تمام گهڻو ڏتڙيل آهن، ڪيترائي اهڙا هاري به آهن جيڪي قرض ۾ ٻڏل آهن، جيڪي پريشان  آهن ته آخر هو قرض لاهن ته آخر ڪيئن لاهن.
جڏهن سمورن صوبن ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪئي ته ان وقت چيو ته اهو معاملو سياست جي ور چڙهي ويو آهي،  ڪجهه پنجاب جا اڳواڻ ته اهو چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم نالو پسند نه آهي ته ان جو نالو تبديل ڪري ٻيو رکيو وڃي، پر سنڌ  سميت ٻين صوبن جو عوام چڱي ريت ڄاڻي پيو ته وڏا ڊيم صرف هڪ ئي صوبي کي نوازڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن جنهن جو انهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. هڪ وفاقي وزير ته ڪجهه عرصو اڳ ايوان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي مارڻ سان ڊيم ٺهي ٿو پوءِ ڀلي ٺاهيو وڃي، جيڪڏهن واقعي ڊيم کان هن ملڪ جي عوام کي فائدو ٿئي ها ته ان جي هو ڪڏهن به مخالفت نه ڪن ها پر ڪالا ڊيم اهو منصوبو آهي، جنهن سان سنڌ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي ۽ سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به ترسندا، هن وقت دنيا ۾ پاڻي جو بحران وڌندو پيو وڃي، جيئن هن ملڪ اندر هلي رهيو آهي،
هن وقت به حڪمرانن سنڌ ۾ پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي ڊيم نه ٺاهيا ته ان جو  نقصان اسان جي ايندڙ نسلن کي ٿيندو، جنهن سبب سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور  وڏن ڊيمن کي رد ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ جي دشمنن کي تمام گهڻو عزيز آهن ۽ اهي عالمي بينڪن کان قرض وٺي به وڏا ڊيم ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن،
جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻا ئي آهن هر هڪ صوبي ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف به ختم ڪيا وڃن. باقي رهي ڳالهه پاڻي جي کوٽ جي ته پوءِ عدالتون به هاڻ چئي رهيون آهن ته سنڌ جي ماڻهن کي گدلو پاڻي پياريو پيو وڃي. ايتري قدر جو عدالتن جا اهي به ريمارڪس آهن ته جيڪو پاڻي سنڌ جو عوام استعمال ڪري رهيو آهي، ان پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي مليل هوندو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪو شڪ به نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي وڃي ته اهي بيمارين کان بچي سگهن ٿا. جيئن ته دنيا ۾ موسم تبديل ٿي رهي آهي ، جنهن سبب پاڻي جي کوٽ به وڌي رهي آهي، جيڪڏهن وڌيڪ برساتون پيون ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ به ختم ٿي سگهي ٿي، پر هتي جيئن بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم نه ٿئي ڪئي وڃي، ايئن ئي پاڻي جي کوٽ به ختم نه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه قوتون چاهين ٿيون ته هو ڪالا باغ کي مڪمل ڪري وٺڻ،جنهن سبب نه پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو ۽ نه ئي وري هتي وري وڏن ڊيمن جو راڳ ختم ٿي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment