Pages

Wednesday 4 October 2017

ڪردستان ۽ ڪاتلونيا ۾ٿيل ريفرنڊم کان انڪاري قوتون

صاحب خان ڀٽي
برطانيا جڏهن يورپي يونين کان ريفرنڊم ڪرايو ته ان وقت عوام يورپي يونين کان  الڳ ٿيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏنو، جنهن کان پوءِ لڳي رهيو هو ته برطانيا اندر هڪ بحران پيدا ٿي ويندو پر ايئن نه ٿيو،برطانيا جي ريفرنڊم کي ڪجهه عرصو ئي گذريو هو ته ڪردن پاران ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو ۽ جڏهن ريفرنڊم ٿيو ته ان وقت دنيا ڏٺو ته ڪردن پاران ريفرنڊم جي حمايت ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو ۽ ڪردن دنيا کي ڏيکاريو ته هو هاڻ آزادي ٿا چاهين، جيتوڻيڪ عراقي وزيراعظم ڪردن جي ريفرنڊم کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي  پر ان باوجود ڪردن جي جدوجهد کي دنيا تسليم  ڪري رهي آهي،
جيئن ته ڪرد گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آزادي جي ويڙهه ورهيا آهن، جنهن جي مخالفت، شام، عراق ۽ ايران ڪندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ نٿا چاهين ته ڪرد پنهنجي بقا کي ڪامياب ڪري سگهن ۽ اهي ئي ملڪ انهن ڪردن جي جدوجهد کي ڪچلڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندا رهيا آهن، گڏيل قومون به انهن ملڪن جو ساٿ ڏئي رهيون آهن، جيڪڏهن عوام جي ووٽ جو  ڪو قدر هجي ها ته گڏيل قومون ضرور ڪردن جو به آواز ٻڌن ها ۽ انهن مظلوم ڪردن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪن ها پر افسوس جو اهو نه ٿي سگهيو،
هاڻ وري اسپين جي خود مختيار علائقي ڪاتولونيا جي ۹۰ سيڪڙو عوام اسپين کان عليحدگي جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان اسپين ۾ ريفرنڊم به ڪرايو ويو پر حڪومت ريفرنڊم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيئن مظلوم ڪردن جي جدوجهد کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو هو. جڏهن اسپين ۾ ريفرنڊم ٿي ويو هو ته حڪومت جي ترجمان جورڊي ٽورول، نائب وزيراعظم اوريول جنڪوراس ۽ پرڏيهي وزير روميو بارسلونا ۾ چيو هو ته غير قانوني قرار ڏيڻ جي اعلان باوجود خود مختياري لاءِ ڪرايل ريفرنڊم ۾ ۹۰.۹ سيڪڙو ووٽرن هاڪاري ۽ ۷.۸۷ سيڪڙو ناڪاري ووٽ ڏنا، ايتري قدر جو انهن اسپين جي حڪومت ۽ سلامتي قوتن جي مداخلت تي سخت تنقيد به ڪئي هئي، هنن چيو هو ته اڻ وڻندڙ واقعن جي ذميوار حڪومت ۽ پوليس آهي. جڏهن ته ڪاتولونيا جي نائب وزيراعظم جنڪوراس چيو هو ته ڪاتولنيا جي عوام ناڪاري حالتن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪيو آهي. پوليس ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ طاقت جو جيڪو استعمال ڪيو آهي، عالمي ميڊيا ان کي سڄي دنيا کي ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن ڪاتولونيا جي پارليامينٽ ريفرنڊم جي فيصلي جي منظوري ڏني ته ڪاتولنيا کي نئين جمهوريت بڻجڻ جو  حق ملي ويندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪاتولنيا  جي عوام اسپين کان ڌار  ٿيڻ لاءِ  هڪ آواز ٿي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو پر اسپين اهو آواز دٻائڻ  لاءِ  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جو استعمال به ڪيو، جنهن سان ڪاتولنيا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪاتولنيا ۾ پوليس پاران بيلٽ بوڪس به ڦريا  ويا هئا  پر ان باوجود به وڏي اڪثريت اسپين کان ڌار  ٿيڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جڏهن عراق ۾ ڪردن پاران ريفرنڊم ڪرايو ويو هو ته ان وقت اهڙي صورتحال ته سامهون نه آئي هئي پر ان باوجود   عراق جي وزيراعظم حيدر العبادي چيو ته هو سالميت جو هر قيمت تي تحفظ ڪندا ۽ اهو به چيو هو ته اسان جو ملڪ عرب ڪرد، ترڪمين، مسيحي، ازيدي شبڪ ۽ ٻين سمورن فرقن وچ ۾ اخوت ۽ اتحاد جو علمبردار آهي. جنهن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عراقي وزيراعظم چيو هو ته ڪردن جي مفادن انهن جي حفاظت ـ۽ بهتري اهم آهي،
 جڏهن ڪردن پنهنجو حق گهريو ۽ ريفرنڊم به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان عراقي رياست ڪردستان جي آزادي جي صورت ۾ فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اهو اعلان صرف ان ڪري ڪيو ويو جو ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي خدشو آهي ته متان ڪٿي سندن ملڪ به  ريفرنڊم ڪرائڻ لاءِ عالمي قوتون دٻاءُ وجهن، ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ته عراقي رياست ڪردستان ۾ ٿيل ريفرينڊم تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو هو ۽ چيو هو ته ان ريفرنڊم سان علائقائي امن خطري پئجي ويندو، ترڪ صدر ته اهو به چيو هو ته عراقي رياست ڪردستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ فوجي مداخلت کان پاسو نه ڪيو ويندو، عراقي سرحد تي ترڪ فوجي بنا ڪنهن مقصد جي موجود ناهن، بلڪ هو اوچتو ڪنهن به وقت ڪارروائي ڪري سگهون ٿا، ترڪ فوجي مڪمل طور تي تيار آهن، بهرحال ترڪ صدر جي اهڙي بيان سان  دنيا ۾ سندس اصليت سامهون اچي وئي آهي ۽ سندس مظلوم ڪردن بابت موقف به سامهون اچي چڪو آهي. سندس ان بيان مان اهو به ظاهر ٿي ويو آهي ته ترڪي به انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي مظلوم قومن کي غلام بڻائي انهن جي قدرتي وسيلن تي قابض رهڻ جي حمايت ڪن ٿا.
هن وقت دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ  آهن، جتي اڄ  به مظلوم قومون پنهنجي وجود لاءِ جنگ  وڙهي رهيون آهن پر انهن جو آواز  نه ته گڏيل قومن تائين پهچي ٿو نه ئي وري عالمي ميڊيا انهن کي ڪا ڪوريج ڏئي ٿي. جنهن سبب هن وقت دنيا ۾ ڪيتريون مظلوم قومون  حق ڦٻائيندڙ ملڪن وٽ غلام بڻيل آهن ۽ اهو سڀ  ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو هر هڪ ملڪ نٿو چاهي ٿو ته مظلوم قومن کي پنهنجا جائز حق ڏنا وڃن. جيڪڏهن هن وقت گڏيل  ڪردن ڪاتلونيا جي ريفرنڊم کي تسليم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته والاريل ڪشمير سميت جيڪي به مظلوم قومون آهن، اهي سموريون  قومون پنهنجا جائز حق وٺي سگهنديون. نه ته اهي ملڪ جيڪي مظلوم قومن جي تهذيب، ثقافت کي تباهه ڪري انهن جي معدني وسيلن تي قابض بڻيل آهن، انهن جو ظلم برقرار رهندو ۽ انهن ملڪن ۾ آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو به هلندو رهندو، ايتري قدر جو انهن قومن  جي  تهذيب ۽ ثقافت سان هٿ چراند جو سلسلو جاري  رهندو، ان عمل کي روڪرائڻ لاءِ گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،
جيڪڏهن  گڏيل قومون هن وقت به خاموش رهنديون ته والاريل ڪشمير جيان ٻيون قومون به گڏيل قومن آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون رهندو. هونئن ته دنيا اندر ڪيترائي عرصي کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته تبديلي اچڻ واري آهي پر افسوس جو اها تبديلي نه اچي سگهي آهي، جنهن سبب عراق، شام ۽ ترڪي ۾ ڪرد سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن انهن ريفرنڊم ڪرايو ته سڀ کان پهرين ايران، ترڪي ۽ پوءِ شام اهو فيصلو قبول نه ڪيو، جنهن سبب حالتون ويتر خراب ٿي ويون آهن ۽ حڪومت پنهنجي ظلم  کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ طاقت ذريعي انهن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي .جيڪڏهن هن وقت به اهڙي صورتحال برقرار رهي ته ڪڏهن به ڪاتولنيا ۽ ڪردستان جو عوام سک جو ساهه نه کڻي سگهندا ۽ انهن جا حق ايئن غضب ٿيندا رهندا.  

No comments:

Post a Comment