Pages

Tuesday 31 October 2017

ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اعلان

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ جي قيام کان هيل تائين سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون  ٿي رهيون آهن، ڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو ته ڪڏهن وري سنڌ ۾ افغان، بنگالي، بهاري، برمين کي آباد ڪيو ويو ۽ مهاجرن کي آباد ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي، عالمي ادارن جي مدد سان وفاق ۾ ويٺل سنڌ دشمنن پنهنجي ڪوششن ڪامياب ويا ۽ ڪراچي شهر کي عالمي يتيم خانو  بڻائي ڇڏيائون، جتي اڄ لکن جي تعداد ۾ ڌاريا آباد ٿي چڪا آهن پر جيئن ته انهن  مان ڪجهه مهاجرن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهيل آهن، جنهن سبب اهي ووٽ جو حق ادا نٿا ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي جو وفاق انهن ڌارين  جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ  هٿ پير هڻي رهي آهي، سنڌي قوم گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وفاقي سرڪار جي ان ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي به بنگالين ۽ بهارين ۽ برمين کي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حوالي سان سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو هو ته جيڪو ناراض ٿيڻ چاهي ٿو، ڀل ناراض ٿئي هو  ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهندا، جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو پر ان باوجود پيپلزپارٽي طرفان پنهنجو بيان واپس نه ورتو، جيئن ته پيپلزپارٽي صرف سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري اقتدار ۾ ايندي آهي، ان جي ڪري ٻين صوبن ۾ وفاق جي آشيروارد کانسواءِ ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگهي،جڏهن به  پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ آئي ته ان وقت پيپلزپارٽي سنڌ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا،
اڄ جڏهن  مسلم ليگ نون جو صدر نوازشريف ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويو آهي ته ۽ انهن سان مقابلو نه پيو ڪري سگهي ته وفاقي سرڪار ۾ ويٺل نواز ليگ جا وزير ۽ مشير سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي کڻي سنڌين کي پريشان ڪري جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سنڌي ادارن جو سامهون اچي وڃن ۽ هو پنهنجي جند آجي ڪري وٺن ۽ ان عمل ۾ پيپلزپارٽي خاموش نظر اچي رهي آهي. وفاقي سرڪار پاران صرف سنڌ ۾ برمين، بنگالين  ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري اعلان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته نواز ليگ جي سنڌ دشمني سامهون اچي وئي آهي ۽ ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بدران پيپلزپارٽي جيان انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اڳ ۾ ايم ڪيوا يم پاران بنگلاديش ۾ مهاجر ڪيمپس ترسيل ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ هاڻ وري ساڳيو ڪم نواز ليگ ڪري رهي آهي.  بهرحال هن وقت نواز ليگ  جي اهڙن اعلان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اندر ڪالاباغ ڊيم جو اشو به اٿاريو ويندو ۽ ان حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ رپورٽ به  جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ چيو  ويو هو ته ڪالا باغ ڊيم سميت ٻين ڪيترن ئي منصوبن  جي تياري تي ڪم شروع ٿي ويو آهي .
بهرحال نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف پاران وفاقي سرڪار جي ان اعلان کانپوءِ خاموشي تي  سڌي قوم تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌين جي روزگار تي وفاقي سرڪار ڌاڙو هنيو  آهي ته ٻيو وري سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو  آهي پر ان باوجود سنڌي عوام ايڏو ظلم برداشت ڪري رهيو هو پر هاڻ ته انهن ڌارين جي لوڌ کي مستقل سنڌ جو رهواسي تسليم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن تي خاموشي اختيار ڪرڻ سنڌي قوم جي موت برابر آهي. مذهب جي نالي تي سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائيندڙ   هن حڪومت کي جيڪڏهن ڌارين کي آباد ڪرڻ جو ايڏو شوق آهي ته اهو ڀلي پورو ڪري پر  سنڌ بدران ٻين صوبن ۾ آباد ڪري، ڪي پي ڪي به آهي ته پنجاب به آهي، انهن صوبن ۾ ڌارين جي لوڌ کي مذهب جي  نالي تي آباد ڪري سگهجي ٿو..
افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته سنڌ جا ڪامورا ڪجهه ووٽن خاطر سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهن،  جنهن سبب  سنڌ اندر ڌارين جي آبادي  ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. افغانستان ۾ جنگ هجي يا ڪنهن ٻي علائقي ۾ آپريشن سڄي لوڌ جو رخ صرف سنڌ ڏانهن ئي ڪيو ويندو آهي، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ڌارين جي لوڌ خلاف سنڌ ۾ قومپرست پاران آواز اٿاريو ويو ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار انهن جو آواز دٻائڻ لاءِ  انهن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ۽ قومپرست پارٽين جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري احتجاج جو سلسلو روڪرايو ويو، هن وقت ڪراچي ۾ جيتري ڌارين جي لوڌ موجود آهي، شايد ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي صورتحال هوندي،
جڏهن به سنڌ اندر ڌارين  جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ احتجاج شروع ٿيا ته  سنڌ مان چونڊيل هر هڪ  نمائندي ان جي مخالفت ڪئي، خبر ئي نه ٿي پئي ته چونڊيل نمائندا اقتدار ۾ اچي اکيون الائي ڇو ڦيري ڇڏيندا آهن. اڄ  سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي، جتي غير ملڪي ترسيل نه هجن،  مختلف شهرن ۾  افغان شهري توڙي برمي، بهاري، بنگالي ۽ ٻيون کوڙ  قومون ترسيل آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ اندر بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ  ۽ ڌاريلن جي آبادڪاري جو سلسلو به جاري آهي. سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن پر هتان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.
هن وقت ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ پرڏيهي ترسيل آهن پر مجال آهي جو ڪو نمائندو ان خلا ف ايوان ۾ آواز اٿاري.  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪيو هو ته ان  وقت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هوته هو ڌارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مٿان کان آرڊر جاري ٿئي ٿو ته انهن کي نه روڪيو،  هاڻ جڏهن مٿان کان ئي اهي آرڊر ٿين ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي ريت اسان نه چئون ته سنڌ جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. هونئن ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ انهن کي هتان جي سڃاڻپ ڏيڻ سنڌ جي خلاف سازش جو هڪ حصو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا   موجود آهن پر ان مان به سنڌ کي ڪجهه به  نه ملي رهيو آهي،
جيڪڏهن سنڌ  جي ماڻهن کي سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو  مان ڪجهه حصو ڏنو وڃي ها ۽  سنڌ جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽  ٻين بنيادي سهولتن جو خيال رکيو وڃي ها ته اڄ هتان جو ماڻهو غريب ۽ لاچار نه هجن ها ۽ نه ئي هتان جو نوجوان بيروزگار هجن ها. پر ڇا ڪجي هتان جا حڪمران ئي اهڙا آهن، جن ذهنيت ئي هڪ  ظالم وڏيري جهڙي آهي، جيڪي نٿا چاهين ته  سنڌ ۾ خوشحالي اچي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ مان هڪ ئي پارٽي اقتدار ۾ اچي رهي  آهي پر ان پارٽي اڄ تائين سنڌ  ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري سنڌ اندر پاڻي  جو ڪو ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي، ايتري قدر جو سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو مان سنڌ کي ڪو فائدو  پهچايو آهي، جنهن  سبب  صوفين جي سرزمين جو عوام غريب آهي ۽ نوجوان نوڪرين لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، جن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه  آهي،
عالمي يتيم خاني ڪراچي جي به هن وقت تائين ڪا سار سنڀال نه پئي لڌي وڃي، جيتوڻيڪ هن ملڪ  جي ٺهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌين ئي ڏنيون هيون پر الائي جو  اڄ سنڌين کي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هتان جا ڪامورا توڙي وفاقي حڪومت صرف ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته ڪهڙي نموني ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا وڃن. اهو ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي، ان جي ته خبر نه آهي پر هر هڪ سنڌي کي اها خبر ضرور پئجي وئي ته هتان جا حڪمران جي حضوري ۾ پورا آهن، سنڌ جي خلاف جيڪو فيصلو ٿئي ٿو، ان جي جي حضوري ۾ پورا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا  تي خبرون هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي پاران ڪراچي ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالي کي پاڪستان جي شهريت ڏيارڻ جو اعلان ڪيوويو آهي، جنهن بعدسنڌ ۾ هڪ ڳڻتي لهر پکڙجي وئي.
وفاقي سرڪار ۾ ويٺل نواز ليگ اڳواڻ جيڪڏهن هن رياست سان ٽڪراءَ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن ٿا، ان ۾ سنڌي قوم جو ڪهڙو ڏوهه آهي، سنڌي  قوم ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڏک ۽ سور سهي رهي آهي، سنڌ مان ملندر چچريل لاشن تي سنڌي خاموش رهيا  ته سرڪاري نوڪرين تي به ڌارين جي قبضي تي به خاموش رهيا، ايتري قدر جو قدرتي وسيلن مان به سنڌ کي ٽڪو به نه ڏنو ويو، ان کي ظلم کي به سنڌين برداشت ڪيو ته اڄ جڏهن نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو آهي ته ان ۾ سنڌين جو ڪهڙو ڏوهه آهي، سپريم ڪورٽ ته   ذوالفقار علي ڀٽي کي به ڦاهي چاڙهيو هو ، پوءِ اڄ نواز ليگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو بدلو سنڌين کان ڇو وٺي رهي آهي،آخر نواز ليگ ڌارين جي لوڌ کي سنڌين ۾ آباد ڪري ڪهڙي يهودي لابي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نواز ليگ جي اڳواڻن کي ٻڌائڻو پوندو ته آخر  ڇا جي ڪري  سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ واري سازش  ڪئي پئي وڃي.

No comments:

Post a Comment