Pages

Friday 13 October 2017

عمران، نواز تڪرار ۽ مارشل لا جو خطرو

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصو کان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ اندر ادارن ۾ ٽڪراءُ  هلي رهيو آهي پر اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اهڙين افواهن جي ترديد ڪئي  هئي ۽ جون 2017ع ۾ بيان ڏنو هو ته ادارن ۾ ڪو به ٽڪراءُ نه آهي ۽ جيڪو ڪجهه ڊان ليڪس هيو، ان جي جاچ ڪرائڻ جي به خاطري  ڪرائي هئي، جيڪا اڄ به جاري آهي ۽ نواز ليگ به ڊان  ليڪس سميت مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواشريف جي گهر واري ڪلثوم نواز جي طبيعت بهتر نه هجڻ سبب سندس ڪٽنب جا ڪجهه ڀاتي برطانيا ۾ ترسيل آهي، حسين ۽ حسن نواز جا ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن پر ان باوجود هو چئي رهيا آهن ته پاڪستان جو قانون مٿن لاڳو نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستاني شهري نه آهن، ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اهي پاڪستاني شهري نه آهن ته پوءِ انهن جي هن ملڪ اندر ملڪيت ضبط ڪئي وڃي ته هو پيش ٿي ويندا، بهرحال نواز شريف جهڙي پيپلزپارٽي سان ڪئي هئي، صرف خط نه لکڻ تي ان وقت  هڪ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو، ان وقت نوازشريف تمام گهڻو خوش هو پر هاڻ چئي رهيو آهي ته کيس پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل قرار ڏنو هو، ان وقت نواز ليگ تمام گهڻو خوش هئي،
جڏهن يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏنو هو. هن وقت جيئن جيئن ادارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، تئين تئين نواز ليگ ۽ ادارن  ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي، اڳ ۾ پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سميت ڪجهه پارٽيون نواز ليگ جو ساٿ ڏينديون هيون  پر هاڻ جيئن ته ادارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ته سموريون پارٽيون به نواز ليگ خلاف ٿي ويون آهن. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر ڪجهه ڏينهن اندر تمام حساس فيصلا ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪئپٽن صفدر جي قومي اسيمبلي جي تڪرير تي به ملڪ اندر وڏو بحث هلي رهيو آهي ۽ مٿس تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جيڪوڪجهه اسميمبلي ۾ قاديانين بابت ڳالهايو آهي، تنهن کانپوءِ سموريون پارٽيون ڪئپٽن صفدر جي خلاف ٿي ويون آهن ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف بيان به ڏئي رهيون آهن،عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته نوازليگ ملڪ کي لٽيو آهي  ۽ پرڏيهه ۾ جيڪا دولت آهي، اها عوام جي محنت جي ڪمائي آهي، جنهن کي حڪمرانن ٻاهرن ملڪن ۾منتقل ڪيو آهي.
نوازليگ جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته کين انصاف ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي ۽ عدالتن تي ٻٽي معيار جو الزام لڳايو پيو وڃي، دانيال عزيز چيو آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪاغذ دنيا جي مختلف ملڪن مان گهرايا پيا وڃن پر هڪ روڊ جي ٻي ڪناري تي قائم آفيسن مان دستاويز نه پيا گهرايا و ڃن.بهرحال جهڙي ريت پاناما ڪيس بابت  فيصلو ٻڌايو ويو، تاريخ ۾ اهڙو ڪڏهن به نه ٻڌايو ويندو، هڪ ڪرپشن جو ڪيس آهي، جيڪو هن ملڪ جلد حل ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي ۽ ٻيو ڪيس آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جيڪو ڪيترائي سال گذرڻ باوجود حل نه ٿي سگهيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو هو ته بينظير سندس گهر واري هئي، ٻيو جو ڇا وڃي ۽ اهو به چيو هو ته کيس سڀ خبر آهي ته بينظير جو قاتل ڪير آهي؟ هاڻ جڏهن پرويز مشرف سامهون اچي پيپلزپارٽي کي جواب ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته آصف علي زرداري  شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي قتل ۾ ملوث آهي، اڳوڻي آمر پرويز مشرف ته اهو به چيو هو ته سڀني کي خبر آهي ته بينظر ڀٽو جي قتل جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي پيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڪنهن به بينظير جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو نه ڪيو هو. هن وقت عوامي تحريڪ پاڪستان جو سربراهه چئي رهيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ ان وقت جي حڪومت ملوث هئي، جن پوليس کي حڪم ڏنو هو، ايتري قدر جو پنجاب جي وڏي وزير شهاز شريف تي به الزام لڳايو پيو وڃي، جنهن سبب ڇڪتاڻ وارو ماحول ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي.ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق  چيو آهي ته عدالتن جي فيصلن تي ڳالهائڻ کان به روڪيو پيو وڃي، عدالتي فيصلن تي ڳالهائڻ سندن حق آهي ۽هو ڳالهائيندا رهندا،  جهڙي ريت نواز ليگ سان حشر ٿي رهيو آهي، ان مان لڳي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ تمام وڏو احتساب ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته هن ملڪ احتساب صرف جمهوري پارٽين جو ٿيو آهي، جيڪي جمهوريت دشمن پارٽيون هونديون آهن انهن کي آمريت ۾ فائدو ملندو آهي ته جمهوريت ۾ به ملندو آهي، بس فرق ايترو هوندو آهي ته آمريت ۾ خاموش هونديون آهن ۽ جي سر، جي سر چونديون ورتنديون آهن پر اهي ئي پارٽيون  جڏهن جمهوري حڪومت ۾ اينديون آهن ته انهن جو رويو تبديل ٿي وينديو آهي ۽ انهن پارٽين کي هر طرف ڪرپشن ئي ڪرپشن نظر ايندي آهي ۽ اهي پارٽيون اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏينديون  آهن، جنهن سان هن ملڪ ۾ مارشل لا جي لاءِ درواز کلي ويندا آهن ۽ عوام صرف تماشو ڏسڻ ۾ پوري رهندي آهي ته آخر ڪير کٽندو؟ جمهوريت کٽندي ۽ يا آمريت، انهن کي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته کين ڪجهه به نه ملندو. جيڪڏهن اسان ايئن کڻي چئون ته هن ملڪ جو عوام اڄ تائين اهو فيصلو ئي نه ڪري سگهيو آهي ته آخر انهن لاءِ جمهوريت ٺيڪ  آهي يا وري آمريت ٺيڪ آهي، اهو ئي سبب  آهي جو هن ملڪ ۾ جڏهن به آمريت آئي آهي ته عوام ان کي لبيڪ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته عوام کي اميد هوندي آهي ته شايد آمريت ۾ سندن مسئلا حل ڪيا وڃن پر افسوس جو نه ته عوام جا مسئلا جمهوريت ۾ ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي وري جمهوريت ۾ حل ٿيندا آهن، آمريت ۾ جيڪو به فيصلو ٿيندو آهي ته ان کي ميڊيا  وارا به لبيڪ ڪندا آهن ته دنيا به انهن جي ڳالهين کي مڃي وٺندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهو تنقيد به ڪندا آهن. پر ان جو ڪو به اثر نه پوندو آهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن  هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو اهم آهن، هونئن ته تحريڪ انصاف نين چونڊن جو به مطالبو ڪيو  آهي. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف گذريل چئن کان 5 ورهين دوران فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي، 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ اسان جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. آڪٽوبر 1999ع تي منهنجا 13 سيشن ٿيا، اکين تي پٽي هوندي هئي، هر سيشن ڪلاڪن تائين هلندو هو. خواجا آصف ته ميڊيا سان  ڳالهائيندي اهو به چيو هو ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو خطرو ناهي، سڀ ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهنم اختلاف ٿي سگهن ٿا، اهي جمهوريت جو حسن آهن.بهرحال  اهي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن يا نه، اهو ته خواجا آصف پاڻ ئي ڄاڻي، جيڪڏهن واقعي ادارن خلاف ڳالهائڻ جمهوريت جو حسن آهي ته اهو حسن آمريت ۾ ڇو نه ڏسڻ ايندو آهي، هرطرف خاموشي ڇانيل هوندي آهي.
 تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمران مون کي اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، مون کي نااهل ڪيو ويو ته انهن وانگر ڇو ڪَڍيوَ جو پٽڪو نه ڪندس پر پارٽي سربراهي ۽ سياست ئي ڇڏي ڏيندس، ان باوجود ڪرپٽ مافيا جو پيڇو ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حق ناهي، اليڪشن ڪميشن رڳو شفاف چونڊن لاءِ هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي ڪرپشن جا بادشاهه آهن، اهي پنهنجي اقتدار لاءِ مون کي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، حڪومت مون کي گرفتار ڪرائڻ چاهي ٿي ته پنهنجو اهو شوق به پورو ڪري، مان نااهل ٿيڻ کانپوءِ انهن جو پيڇو نه ڇڏيندس
بهرحال هن وقت جهڙي ريت پاڪستان اندر ڪجهه ڏينهن کي اهم قرار ڏنو پيووڃي پر ان باوجود حڪومت عدليا ۽ فوج خلاف ڳالهائڻ کان نه لنوائي رهي آهي، تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ وڇ ۾ سرد جنگ هلي رهيو آهي، ان جو خاتمو تڏهن ئي اچ سگهي ٿو، جڏهن  حڪومت مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ بند ڪندي. نواز ليگ اڳواڻ چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته عدالتن سان ڇڪتاڻ نواز شريف، مسلم ليگ ن ۽ هن ملڪ لاءِ ٺيڪ ناهي. دوران چوڌري نثار علي خان  خان ته اهو به چيو آهي ته پهرين ڏينهن کان منهنجو هڪ ئي موقف هوي ته ڪيس عدالتن ۾ هلڻ گهرجن ڇو ته فيصلو رڳو عدالت ۾ ٿي سگهي ٿو، نواز شريف ۽ ان جي خاندان جي خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيشن جو فيصلو عدالتن ۾ ٿيندو.  
بهرحال هاڻ اها حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته جيڪي به ڇڪتاڻ شروع ٿي وئيآهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃڻ ته جئين ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن، ادارن ۾ هلندڙ تڪرار سبب معيشيت کي به  ڌڪ رسيو آهي ۽ معيشيت  کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن ۽ ڪئپٽن صفدر کي به ان ڳالهه تي راضي ڪرڻو پوندو ته هو ڪنهن به مذهب يا فرقي خلاف نه ڳالهائندو ۽ نه ئي ڪا عدليا ۽ فوج خلاف تقرير ڪندو. ڇاڪاڻ ته اهڙي حساس معاملي تي سوشل ميڊيا تي ي به تمام گهڻو بحث ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو مارشل لا جو خدشو  ظاهر ڪيو پيو وڃي، اهو به غلط ثابت ٿئي.


No comments:

Post a Comment