Pages

Monday 16 October 2017

سياسي بحران ۽ ملڪي معيشت

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوازشريف ڪڏهن به سوچيو نه هو، جڏهن نوازشريف اقتدار ۾ آيو هو ته تڏهن هن سوچيو هوندو ته ماضيءَ جو ورجاءُ هاڻ نه ٿيندو ۽ کانئنس ڪو به احتساب نه وٺي سگهندو، هن کي ته اها به پڪ ٿي وئي هوندي ته ملڪ اندر جمهوريت تمام گهڻو مضبوط ٿي چڪي آهي ۽ بينظير جي شهادت کانپوءِ ڪنهن کي به جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي همت نه ٿيندي پر ايئن نه ٿيو، سندس پاناما ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتي جو نالو پاناما ۾ اچڻ بعد سندس خلاف شروع ٿيل جاچ کيس ان جاءِ تي پهچايو آهي، جنهن جو هن ڪڏهن به تصور نه ڪيو هوندو، سندس گهر واري بيگم ڪلثوم نواز به بيماري سبب لنڊن ۾ آهي، جڏهن ته سندس پٽ حسين ۽ حسن نواز به ملڪ کان ٻاهر آهن، جيڪي چئي رهيا آهن ته مٿن هن ملڪ جو قانون لاڳو نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو  هن ملڪ جا شهري نه آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هو هن ملڪ جا شهري نه آهن ۽ هن ملڪ جو قانون مٿن لاڳو نٿو ٿئي ته هو جي آءِ ٽي آڏو ڇو پيش ٿيا ۽ عدالتن ۾ حاضري ڇو ڀري هئي؟ هاڻ هو اهو ڇو  چئي رهيا آهن. بهرحال نواز ليگ جهڙي ريت عدالتن ۽ سياسي پارٽين کي منهن ڏئي رهي آهي، شايد پيپلزپارٽي ان جاءِ تي هجي ها ته مقابلو نه ڪري سگهي ها، ڇاڪاڻ ته ان پارٽي ۾ سنڌي آهن، جن خلاف احتساب ۾ تڪڙ ڪئي ويندي آهي ۽ انهن خلاف جلد فيصلو اچي ويندو آهي.
بهرحال اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين نواز، حسن نواز ۽ ڌيءُ مريم نواز ڪيترائي ڀيرائي عدالتن ۾ پهچي حاضري ڀري آهي، نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چئي رهيو آهي ته نوازشريف جي نياڻي بنا ڏوهه جي عدالتن ۾ حاضري ڀري رهي آهي ۽ ڪجهه ماڻهو چيلهه ۾ تڪليف جو بهانو ڪري هن ملڪ کان ئي ڀڄي ويا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيتريون اهڙيون سياسي پارٽيون هن ملڪ ۾ موجود آهن، جي جي اڳواڻن کي عدالتن پاران نوٽيس جاري ڪيا ويندا آهن پر اهي پيش نه ٿيندا آهن، جنهن جا ڪيترائي مثال اسان کي ملي رهيا آهن، نواز ليگ اڳواڻ ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف به نيب ريفرنسز  تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي پر ان باوجود هو پنهنجي عهدي تي برقرار آهي، ڪيترين ئي پارٽين پاران کيس عهدو ڇڏڻ جي به صلاح ڏني وئي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان ڪڏهن به نااهل نه ٿيندو، جڏهن هو سمجهندو ته کيس پيش ٿيڻو آهي ته  هو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي ويندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو احتساب جي عمل ۾ رنڊڪ بڻبو ته اسلام آباد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو، ملڪ کي ڦورن مان ڇوٽڪاري تائين اسان مقروض رهنداسين.
بهرحال ملڪ اندر سياسي پارٽين جا هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ وارو سلسلو جاري آهي، تحريڪ انصاف نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي خلاف سرگرم نظر اچي رهي آهي ته  نواز ليگ عدالتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي پاران به تحريڪ انصاف جي خلاف بيان بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي، مطلب ته هرطرف سياسي پارٽيون مخالف سرگرمين ۾ مصروف آهن، جنهن جا هن ملڪ جي معيشت تي به اثر پئجي رهيا آهن،  نواز ليگ چئي رهي آهي ته سندن حڪومت ۾ ملڪي معيشت مضبوط ٿي آهي ۽ 2013ع جي ڀيٽ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتر ٿي  آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته امن امان  جي لحاظ کان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي ڀيٽ ڪافي بهتر آهي، لنڊن وارو شخص به لنڊن تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ ڪراچي اندر ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽  شهرين سک جو ساهه کنيو آهي پر نواز ليگ جي حڪومت امام بارگاهن، صوفي برزگن جي درگاهن تي حملن جو سلسلو ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، نواز ليگ جي حڪومت ۾ سرحدي ڇڪتاڻ سان گڏ ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو هو، جيڪو اڄ به جاري ساري آهي، ڪراچي ۾ نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ امن ته ٿيو پراڄ تائين عوام کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته آخر اهي ڪهڙا دهشتگرد هئا، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۾ ملوث هئا، جي ٻوري بند لاش به ملندا هئا،
بهرحال رينجرز جديد هٿيار هٿ ڪيا پر اهو نه ٻڌايو ويو ته اهي هٿيار ڪنهن جا هئا ۽ اهي هٿيار ڪٿان آيا هئا، قبرستان مان به هٿيار مليا ته گهرن ۾ پاڻي جي ٽينڪين مان هٿيار هٿ ڪيا ويا پر انهن دهشتگردن جي سرپرستي ڪندڙن  کي ميڊيا آڏو وائکو نه ڪيو ويو، جيڪي دهشتگرد ڪراچي جو امن تباهه ڪندا هئا، اهي ان وقت به نامعلو هئا ۽ هاڻ به نامعلوم آهن. نواز ليگ جي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته هنن ملڪي معيشيت کي به مضبوط ڪيو آهي ۽ بي روزگاري جو به خاتمو آندو آهي پر  حقيقتون ان جي ابتڙ ئي نظر اچي رهيون آهن،
ڀلي کڻي ملڪي معيشت ماضي جي  ڀيٽ ۾ بهتر ٿي هجي پر دهشتگردن جي سرحدن کي پار ڪري اچي ملڪ اندر درگاهن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي. مطلب ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ مذهبي دهشتگردن تمام گهڻو وڌي وئي آهي، اهي  مذهبي دهشتگرد سنڌ ۾ به داخل ٿي چڪا آهن، جيڪي عراق، شام ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مذهب جي نالي تي دهشتگردي پکيڙي لکين بي گناهه معصوم ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو،
 آپگهاتي بمبارن ته قلندر جي نگري کي به بخش نه ڪيو، اتي به معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي به نشانو بڻايو، مذهبي انتهاپسندي جيڪا نواز ليگ جي دوري وڌي آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، مذهبي دهشتگردن اسلام جي نالي تي ٺهندڙ هن ملڪ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي، درگاهون به غير محفوظ ٿي ويون آهن ۽ ڪئپٽن صفدر جي قومي اسيمبلي  جي اجلاس ۾ ٿيل تقرير تي به تمام گهڻو اعتراض ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ڪئپٽن صفدر ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد مڃي ٿو پر اهو صرف ان ڪري ٿيو آهي جو هن وقت هڪ طرف نواز ليگ جو اهم اڳواڻ کي نوازشريف جي خلاف ٿي بيٺو آهي، جيڪو چئي رهيو آهي ته عدليا ۽ فوج سان ٽڪراءَ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو،
بهرحال سياسي پارٽين جو به ٽڪراءَ هن ملڪ لاءِ بهتر نه هوندو، جيڪڏهن سموريون پارٽيون اقتدار خاطر وڙهنديون رهنديون ته مذهبي انتهاپسندي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. جيڪڏهن هن وقت معيشت جو جيڪوهي آهي، اهو به صرف هن ملڪ ۾ سياسي پارٽين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ن ليگ هميشه معيشت تباهه ڪري ويندي آهي. ن ليگ جي حڪومت جي ناڪامين ۽ نااهليت جي لسٽ ڊگهي آهي. ن ليگ حڪومت هميشه ملڪ کي ڏکيائين ۾ ڇڏي ويندي آهي. آصف علي زرداري ته اهو به چيو آهي ته ته ايندڙ حڪومت کي بدترين مالي حالتون ڏيڻ ن ليگ جي حڪومت جي پاليسي آهي. ٻي طرف وري ڪجهه ڏينهن اڳ  ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو هو ته گهرو وزير جي بيان تي هڪ سپاهي ۽ پاڪستاني جي حيثيت سان مايوسي ٿي، جيڪڏهن سيڪيورٽي سٺي نه هوندي ته معيشت به سٺي نه هوندي،
بهرحال تحريڪ انصاف ته چونڊن جو مطالبو  ڪندي رهي آهي پر هن وقت بابر اعواڻ ٿورو سنجيده نظر اچي رهيوآهي، لڳي ٿو ته هو نيون چونڊون ڪرائڻ واري پنهنجي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ تمام جلد روڊن تي نڪرڻ وارا آهن. هونئن ته چونڊن ۾ باقي ٿورو وقت رهيو آهي پر ان کان اڳ جيڪڏهن تحريڪ انصاف ڪو ڌرڻي هڻي ويهي ٿي رهي ته اهو نواز ليگ لاءِ تمام نقصانڪار هوندو،
هن وقت عوام نوازشريف ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏئي رهيوآهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ملڪ جو اڌ حصو مذهبي دهشتگرد تنظيمن کان تمام گهڻو  خوفزده نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي دهشتگرد تنظيمون درگاهن کي نشانو بڻائي رهيون آهن، جيئن هن ڪجهه ملڪن ۾ ڪتابن کان حڪومتون خوفزده هونديون  آهي، اهڙي ريت هن ملڪ ۾ مذهبي دهشتگرد  امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ صوفي بزرگن جي درگاهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. حڪومت چئي رهي آهي ته دهشتگردن جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي آهي ته ٻي طرف وري داعش نالي خطرنال تنظيم جا جهنڊا لڳائيندي ماڻهن کي ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي، اهو به ڪو ٻيو عام شهر نه پر ريڊ زون سڏرائيندڙ شهر، ملڪ جو راڄڌاني اسلام آباد آهي، مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ خطرناڪ تنظيمون ۽ جمهوريت دشمن طاقتن سبب هن ملڪ اندر معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، هاڻ حڪومت کي گهرجي ته سياسي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي انهن پارٽين  جا جائز مطالبا مڃي ملڪ مان سياسي بحران ختم ڪري دهشتگردن جو انت آندو وڃي نه ته اهي خطرناڪ دهشتگرد هن ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ملڪ اندر هلندڙ سياسي بحران ئي هوندو.هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو؟
sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment