Pages

Friday 6 October 2017

نوازشريف ڏيهه واپس ايندو؟

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي گهر واري ڪلثوم نواز جي  عيادت لاءِ لنڊن  هليو ويو آهي ۽ هر طرف اهو بحث ٿي رهيو آهي ته نوازشريف ڏيهه واپس ورندو يا وري  ايندڙ چونڊن تائين لنڊن ۾ ئي ترسندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ اندر  حالتون بهتر نه آهن، هر  عدالت ۾ سندس خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، ايتري قدر جو سندس پارٽي جو  هر هڪ اڳواڻ عدالت کي منهن ڏئي رهيو آهي، سندس ڀاءُ  شهبازشريف به ماڊل ٽائون سانحي  سبب گهڻو پريشان نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان عوامي تحريڪ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان شهبازشريف تي ئي الزام لڳائي رهي آهي، عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته شريف ڀائر تمام جلد قانون جي  پڪڙ ۾ ايندا،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت نوازشريف سميت شهبازشريف به عدالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن سبب ڪڏهن به ڪو فيصلو  شريف ڀائرن خلاف اچي سگهي ٿو،  جنهن لاءِ شريف ڪٽنب کي ٿورو احتياط  کان ڪم وٺڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪهڙا فيصلا ايندا، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ اندر ٺاهه ٿيڻ ۾ ڪا به دير نه لڳندي  آهي، ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جيئن ته نوازشريف پنهنجي گهرواري ڪلثوم نواز جي عيادت ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو آهي، سندس پٽ حسين، حسن ۽ ڌيءُ مريم نواز لنڊن ۾ ترسيل آهن، جن سان به هو ملاقاتون ڪندو، هن وقت ملڪ اندر سياسي بحران هلي رهيو آهي،
تحريڪ انصاف جي لاءِ رستا مڪمل طور صاف ٿي  چڪا آهي، پيپلزپارٽي کي ته صرف سنڌ تائين محدود ڪيو ويو آهي. هن وقت صرف ٻه پارٽيون ئي ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهن، هڪ ته تحريڪ انصاف جي پارٽي آهي ته ٻي وري نواز ليگ آهي، هڪ جي حمايت ۾ ڳالهايو پيو وڃي ته ٻي خلاف وري مخالفت ۾ ڳالهايو پيو وڃي، جنهن جو نقصان  پارٽين کي نه پر عوام کي پئجي رهيو آهي. بهرحال  اڳوڻُ وزيراعظم نوازشريف ته پاڻ کي نظرياتي ليڊر سڏرائي رهيو آهي ۽ هو چئي رهيوآهي ته سندس گهرواري  جو لنڊن ۾ علاج ٿي رهيو آهي، جنهن سبب هو لنڊن ويو آهي، ڪلثوم نواز جي صحتيابي بعد هو ٻارن ٻچن سميت ڏيهه واپس اچي ويندو.هاڻ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڏيهه واپس اچي يا نه اچي، پر تحريڪ انصاف نواز ليگ کان جنگ کٽي چڪي آهي،
ڌرڻن جي سياست ۾ تحريڪ انصاف نواز ليگ کي تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ عدالتي جنگ ۾ ته نواز ليگ کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. جهڙي ريت هن ملڪ ۾ سياسي صورتحال برقرار آهي ته پوءِ اهڙي حالتن نوازشريف جو ڏيهه ناممڪن آهي. جڏهن نوازشريف پنهنجي گهر واري جي عيادت لاءِ لنڊن روانو ٿي رهيو هو ته علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قومي ايئر لائن پي ڪي 757  کي  روڪيو ويو هو، جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا ۾هليون ته لڳو ته نوازشريف هاڻ ڏيهه نه وڃي سگهندو پر بعد خبر پئي ته نوازشريف جنهن  جهاز ۾ وڃي رهيو هو، ان جهاز ۾ هڪ مسافر  جي طبيعت خراب ٿي وئي هئي، جنهن سبب جهاز کي  رن وي تان واپس موٽايو ويو. بهرحال نوازشريف ته پرڏيهه هليو ويو پر هن وقت به ملڪ اندر سندس پارٽي اڳواڻن تي ڪيس به  هلي رهيا آهن، جنهن کي اسين تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ وچ جنگ  به چئي سگهون ٿا.  
ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ جڏهن ڪو سياستدان ٻاهر ملڪ ويندو آهي ته اهو بيماري جي علاج بهاني هليو ويندو آهي ۽ جڏهن کين ڊاڪٽر ڏيهه واپس ورڻ جي  اجازت ڏيندا آهن، تڏهن اهي واپس ايندا آهن، هونئن ته سياستدان پاڻ کي بيماري ڄاڻائي  پرڏيهه هليا ويندا آهن پر  نوازشريف ته پنهنجي گهري واري  جي بيماري سببب لنڊن ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سياستدان ۽ ڊاڪٽرن وچ تمام گهرو تعلق  هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سياستدان اڪثر بيمار ٿيندا رهندا آهن، جڏهن انهن تي ڪو ڪيس داخل هوندو آهي.
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جنهن کي لنڊن وارو شخص بهادر چوندو آهي، اهو به اڄ ڪلهه بيماري سبب دبئي ۾ ترسيل آهي ۽ ان جون ويڊيو ۽ تصويرون به سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، پر ان باوجود ڊاڪٽر کيس پاڪستان وڃڻ جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن. اڳوڻي آصف علي زرداري کي به ڊاڪٽرن پرڏيهه ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو هو ۽ هو  به ڪيترائي مهينا پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ  کانپوءِ ڏيهه واپس آيو هو. هونئن ته اڳوڻو آمر پرويز مشرف  هن وقت تائين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي ۽ نه ئي هن وقت تائين بينظير جا قاتل گرفتار ٿي سگها آهن ، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر حالتون تمام جلد تبديل ٿي وينديون. ڪجهه تجزيا نگار چئي رهيا آهن ته نوازشريف ڏيهه واپس ايندو، ڪن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته نوازشريف ڏيهه واپس نه ايندو. جڏهن نوازشرف لنڊن وڃي رهيو هو ته ان وقت سندس ملاقات  صوبائي وزير بلال ياسين سان به ملاقات ٿي هئي، جنهن جي خلاف به نااهلي لاءِ درخواستن تي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي.  
مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سندس ڪوشش رهندي ته اپوزيشن کي گڏ کڻي هلي نواز شريف نااهلي کانپوءِ پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي قيادت ڏئي سگهي پيو، پر نااهلي کانپوءِ نواز شريف نئين وزيراعظم ۽ ڪابينا کي بڻايو، ادارن ۾ تڪرار رياست لاءِ خطرو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون ڀيرو ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو آهي، ماضي ۾ به ٿيندا رهيا آهن بس فرق ايترو آهي جو هن ڀيري ادارن سان ٽڪراءُ ڪندڙ ٻيو ڪير نه پر پنجاب سان تعلق رکندڙ شخص آهي، جنهن جي پارٽي ڊان ليڪس، پاناما ليڪس ۽ ٻين ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ شريف ڪٽنب لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته المناڪ غلطي سڄي ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي، هونئن ته تحريڪ انصاف ڪجهه وقت کان نين چونڊن جو به مطالبو ڪندي رهي آهي پر  نواز ليگ وقت کان اڳ  چونڊون ڪرائڻ لاءِ راضي نظر نه اچي رهي آهي. هونئن ته نوازشريف جي خاندان خلاف سياسي گهٽي سوڙهي ڪئي وئي آهي، جنهن مان هاڻ سندن گذرڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت صرف تحريڪ انصاف جو سڪو سڀ کان وڌيڪ  چمڪي رهيو آهي، جڏهن ته نوازشريف جو ته احتساب ٿي رهيو آهي، جنهن بابت ڏسڻو آهي ته آخر اهو احتساب ڪٿي ختم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر پاناما کانپوءِ نيب ريفرنسز به ملڪ اندر ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، هر طرف صرف نواز ليگ جو ئي احتساب نظر اچي رهيو آهي،  جيئن ماضي ۾ سنڌ اندر ٿيندو هو.
هونئن ته ڪيترائي سياسي پنڊٽ حڪومت ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندا رهيا آهن پر جهڙي ريت نوازشريف معاملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جاءِ تي جيڪڏهن پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف يا ڪا ٻي جماعت هجي ها ته اها پارٽي برداشت نه ڪري سگهي ها.  هن وقت  جيئن ته  چونڊون به ويجهو اچي چڪيون  آهن ۽ نوازليگ مفاهمت ذريعي ايوان مان پنهنجي مرضي جون ترميمون به پاس ڪرائي رهي  آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي پسند نه پيو اچي، جنهن سبب ڪيتريون ئي پارٽيون  چونڊ سڌارن واري بل ۾ ترميم کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف ته چونڊ سڌارن واري بل کي مڪمل طور رد ڪري چڪي آهي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن وقت به تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڏيهه واپس اچي ٿو يا وري ڊاڪٽرن جي مشوري تائين لنڊن ۾ ئي ٿو ترسي.

No comments:

Post a Comment