Pages

Tuesday 10 October 2017

هاڻ آمريڪا تي ڀاڙڻ جي ضرورت ناهي؟!

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هڪ طرف سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ته ٻي طرف آمريڪا جو رويو به هن ملڪ سان بهتر نه آهي، پرڏيهي وزير خواجا آصف به  آمريڪا جي دوري دوران آمريڪا کي واضح ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان اندر ڪو دهشتگرد جو ٺڪاڻو آهي ته کين اطلاع ڏين هو انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان باوجود امريڪا پاران  پاڪستان تي الزام لڳائڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ ڏينهون ڏينهن ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي،  هڪ ٻه ڏينهن  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به هڪ عربي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو  هو ته هاڻ عسڪري ۽ ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ آمريڪا تي ڀاڻ وارا ڏينهن ختم ٿي  چُڪا آهن ۽ پاڪستان تي ڪنهن به پابندي سان خطي جو استحڪام متاثر ٿيڻ سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هلنڊڙ ڪوششون به ڪمزور ٿي سگهن ٿيون.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي انٽرويو ۾ ته اهو چيو ته سندس ملڪ دهشتگردي خلاف دنيا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي انٽرويو ۾ ته اهو به ٻڌايو ته پاڪستان چيني يورپي سامان وٺي رهيو آهي، جڏهن ويجهڙ ۾ ئي روس کان ويڙهاڪ هيلي ڪاپٽر حاصل ڪيا ويا آهن. پاڪستاني فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل طلعت مسعود چيو آهي ته آمريڪي پاليسي يا سوچ ۾ تبديلي ۽ دٻاءُ سبب پاڪستان جي پاليسي جو رخ به تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته نقصان به ٿيندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پاڪستان جو پرڏيهي وزير خواجا آصف به واشنگٽن ۾  آمريڪي هم منصب ريڪس ٽيلرسن ۽ ٻين اهم عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن. جنهن مان لڳي رهيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪا به ڇڪتاڻ نه آهي پر  وزيراعظم جي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته آمريڪا ان معاملي تي ڪو سخت بيان ڏيڻ وارو آهي،
بهرحال هن وقت ملڪ اندر  حالتون تمام خراب آهي، جنهن سبب ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر ان کان اڳ آمريڪا  جي ناراضگي سان هن ملڪ تي پابندي واري تلوار لٽڪيل آهي ۽ اها تلوار تڏهن ئي ختم ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن  آمريڪا پاڪستان تي پابنديون لڳائي به ٿو ته ان جو آمريڪا کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان  ۾ سي پيڪ اچي چڪو آهي ۽ امن به قائم ٿيو آهي، ڪجهه بچيل دهشتگرد جيڪي ڪارروايون ڪري رهيا آهن، شايد انهن خلاف هاڻ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته سي پيڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ امن تمام گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ امن قائم نه ٿيو ته ڪڏهن به سي پيڪ منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهندو.

بهرحال افغانستان تي آمريڪا جي ڪاهه کان پوءِ جهڙي ريت پاڪستان دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي، شايد ئي ڪو ٻيو ملڪ متاثر ٿيو هجي، افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار سان دهشتگردن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي وي ۽ افغانستان جا وحشي دهشتگرد جن ۾ انسانيت ئي نه هئي، انهن پنهنجيون ڪارروايون ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪيون، جنهن سبب هن ملڪ جو عوام غير محفوظ ٿي ويو، ڪڏهن انهن دهشتگردن اسڪولن تي حملا ڪيا ته ڪڏهن انهن دهشتگردن صوفين جي درگاهن کي نشانو بڻايو ۽ اسان جي ڪامورن پاران صرف مذمتون ڪيون، آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل عيوضي مليحه لوڌي به گڏيل قومن جي سلامتي  اجلاس ۾ اهو واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيتريون قربانيون ڏنيون آهن، اهي ڪنهن به ٻئي ملڪ نه ڏنيون آهن پر ان باوجود آمريڪا پاران مختلف وقتن تي  پاڪستان خلاف بيان ڏيڻ جو سلسلو هلندو رهيو آهي، جيڪو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي. اڳ ۾ آمريڪا پاران پاڪستان اندر ڊرون حملا ڪيا ويندا  هئا ته هاڻ وري پاڪستان تي الزام لڳايا پيا وڃن ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن،
جيتوڻيڪ پاڪستان پاران اهڙن الزامن کي رد ڪيو ويو آهي پر عالمي برادري پاران آمريڪا  جي الزامن بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو ويو  آهي، صرف چين ئي واحد ملڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي حمايت ۾ ڳالهائيندو رهيو آهي. هاڻ جڏهن آمريڪا پاڪستان تي الزام لڳايا آهن ته ان وقت به صرف چين ئي آهي، جيڪو پاڪستان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. هونئن ته هن ملڪ اندر ڪيتريون  دهشتگرد ڪارروايون ٿينديون رهيون  آهي پر نوراني جي درگاهه، قلندر لال شهباز جي مزار ۽ چيزل شاهه جي درگاهه تي حملا  ان ڳالهه کي واضح ڪن ٿا هن ملڪ ملڪ ۾ وحشي دهشتگردن جو مضبوط نيٽ ورڪ آهي،  جيڪي اشرف المخلوقات کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي بندش پيل تنظيمون اهڙن حملن کي قبول ڪري رهيون آهن، انهن بابت به اهو چيو وڃي ٿو ته انهن کي ڪنهن  وڏي ملڪ جو سهڪار حاصل آهي، جن جي فنڊنگ تي اهي دهشتگرد تنظيمون مذهب جي نالي تي ڪارروايون ڪري رهيون آهن.
جڏهن به پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿيون ته  آمريڪا پاران به صرف مذمتون ڪيون ويون، هن وقت  هزارين معصوم شهري دهشتگردي جو کاڄ بڻجي ويا آهن پر ان باوجود عالمي برادري کي پاڪستان تي ڪو به قياس نه اچي رهيو آهي، ماضي ۾ ته ڪراچي اندر به هڪ تنظيم کي فري هينڊ ڏنو ويو هو ۽ ان تنظيم وٽان اهڙا هٿيار هٿ آيا آهي، جيڪي هن ملڪ جي پوليس وٽ به نه هئا، جڏهن نيٽو جا هٿيار گم ٿيڻ  جون افواهون هلي رهيون ته ان جي به ترديد ڪئي وئي هئي پر ويجهڙ اسان جي سڪيورٽي ادارن اهڙو ته ڪارنامو ڪيو جو ڪراچي جي هڪ اهم سياسي جماعت جي مختلف آفيسن مان هٿيار هٿ ڪيا ويا، جن بابت ٻڌايو ويو ته اهي هٿيار نيٽو جا آهن ۽ اهو به چيو ويو ته هي هٿيار تمام گهڻا خطرناڪ آهن، جنهن کان پوءِ ان سياسي تنظيم جي هيڊ ڪوارٽر کي تالو لڳايو ويو، جنهن کان پوءِ ڪراچي جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو،
جيئن ته هن ملڪ ۾ تنظيمون نالي بدلي ڪري پنهنجو ڪم جاري رکنديون آهن، ايئن هن جماعت تي هٿيار ۽ دهشتگردي جي الزامن باوجود ڪا به سختي نه ڪئي وئي صرف لنڊن سان رابطا ختم ڪيا ويا، بهرحال ٿورو هن شهر ۾ امن ته قائم ٿيو آهي پر اهو ڪيستائين برقرار رهي سگهي ٿو، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن  کان چين پاڪستان ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، تنهن ڏينهن کان هن عالمي يتيم خاني ڪراچي شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي، جڏهن  هن ملڪ جي ڪامورن جو سڄو ڌيان آمريڪا تي هو ته ان وقت انسانيت جا دشمن بي لغام هئا، جيڪي وڻين پيو اهو ڪن پيا، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ اغوا جون وارداتون عام هيون، هر طرف نفرت پکيڙي پئي وئي پر هن وقت سي پيڪ سبب امن قائم ڪرائڻ جون سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ان باوجود انسانيت جي دشمن وحشي دهشتگرد  ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، هن وقت ملڪ اندر هڪ طرف مهاجرن جو آزار آهي ته ٻي طرف وري امن امان جي صورتحال سبب عوام ٻٽي عذاب جو شڪار آهي، ايتري قدر جو سياسي پارٽين ۾ اختلاف ۽ عدليا ۽  فوج خلاف بيان به سامهون اچي رهيا آهن،  هونئن ته عدليا نواز ليگ خلاف ڪيترائي فيصلا ٻڌائي چڪي آهي پر پاناما فيصلي تي جهڙي ريت نواز ليگ تنقيد ڪري رهي آهي، ڪا ٻي جماعت نه پئي ڪري، جيڪڏهن هن وقت سياسي ماحول بهتر نه ٿيو ته آمريڪا کي ان جو فائدو ٿي سگهي ٿو،  رپورٽون آهن ته وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي به  آمريڪا دوري جا امڪان آهن،
جيئن ته آمريڪا پاڪستان کان ڊو مور جو به مطالبو ڪندو رهيو آهي، جيڪڏهن دهشتگردن جو خاتمو نه آندو ويو ته  هن ملڪ جون حالتون افغانستان کان به خراب ٿي وينديون. هڪ طرف سياسي ڇڪتاڻ ته ٻي طرف وري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو بيان آمريڪا لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته هاڻ هنن کي آمريڪا جي ڪا به ضرورت نه آهي، هاڻ ڏسڻُ اهو آهي ته آخر وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي بيان کي حقيقت ۾ تبديل ڪندو يا وري آمريڪا تي ڀاڙيو ويندو؟.


No comments:

Post a Comment