Pages

Sunday 22 October 2017

سويلين بالادستي لاءِ جنگ ۽ شريف ڪٽنب

صاحب خان ڀٽي
جڏهن به هن ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي آهي، ان وقت ڪرپشن جو راڳ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت هجي يا نوازشريف جي حڪومت، ڪرپشن نظر اچڻ شروع ٿي ويندي آهي، هر اهو منصوبو جيڪي مڪمل ٿي چڪو هوندو آهي، ان ۾ ٿيل ڪرپشن سامهون اچي ويندي آهي ۽ سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ جو موقعو به ملي وينديون آهن، بينظير جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي جڏهن ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ان وقت به نوازشريف به  پيپلزپارٽي خلاف واويلا شروع ڪئي هئي پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مفاهمت واري فارمولي کي استعمال ڪندي پنهنجي صدارت جو مدو  پورو ڪيو هو پر نوازشريف جيئن ته مفاهمت جو رستو اختيار نه ڪيو، جنهن سبب اڄ سندس ڪرپشن سڄي دنيا ۾ ٿيڻ لڳو آهي، سندس سڄي خاندان خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي ۽ مٿن عزيزيه اسٽيل ملز، لنڊن جي ايوين فيلڊ اپارٽمينٽ  ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي،
نوازشريف تي نيب جي ٽنهي ريفرينسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو پر سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر تي عزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايوين فيلڊ اپارٽمينٽ ريفرنسز فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته ريفرنس ۾ حسن ۽ حسين نواز کي مفرور جوابدار قرار ڏنو ويو آهي، جنهن بعد نواز ليگ لاءِ هن ملڪ ۾ رهڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وقت نوازشريف کي گرفتار ڪرڻ جا به حڪم به جاري ٿي سگهندا ٿا، جهڙي ريت نواز ليگ خلاف پڇاڻي جي شروعات ٿي آهي، شايد ئي هن ملڪ ۾ ڪنهن ٻئي ڪيس جي ٿي هجي، اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر اهو ڪيس به اڃا تائين اڳتي وڌي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي ملڪ اندر ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو  ٻڌايو آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ سڀني ادارن کان پڇاڻو ٿئي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏ ٿيندڙ ڪرپشن جو خاتمو اچي وڃي ها،
 بهرحال هن ملڪ جي عوام جو ته هڪ ئي مطالبو آهي ته سڀني ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ ڪو به قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي، قانون سڀني لاءِ برابرهئڻ گهرجي ته جيئن عوام جو احتساب تي اعتماد بحال ٿئي، ڪرپشن ڪندڙن سان گڏ انهن سياسي پارٽين جي ڳچين ۾ به هٿ وڌا وڃن، جن هن ملڪ کي دهشتگردي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ جن قومي سلامتي وارن معاملن ۾ مداخلت ڪري ٻين ملڪن هن ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني، بهرحال نوازشريف ڪٽنب خلاف ٿيندڙ ڪارروائي کي ڏسي هاڻ هر هڪ ماڻهو جي نظر عدليا تي آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري مسئلي سميت شهيد بينظير ڀٽو جو قتل، شهيد مير مرتضيٰ جي قتل سميت ٻين سمورن سياسي اڳواڻن جي قتل جو نوٽيس ورتو ويندو، جن مان ڪجهه کي سنڌ ۾ به شهيد ڪيو هو. ناليواري وڪيل ۽ هيومن رائٽس جي اڳواڻ عاصمه جهانگير به چيو آهي ته ملڪ ۾ سويلين جي بالادستي لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي ته ٻي طرف نوازشريف نااهل ٿيڻ کانپوءِ  چئي رهيو آهي ته هو هڪ نظرياتي سياستدان بڻجي چڪو آهي ۽ سندس حمايت ۾ لنڊن وارو شخص به ڳالهائي رهيوآهي، جنهن جي ڳالهائڻ تي به هن ملڪ ۾ پابندي لڳائي وئي آهي، نه ته ماضي ۾ اهو شخص هن ملڪ جي ادارن جو پيارو ماڻهو هو. جنهن جي هڪ اشاري تي سڄو شهر يرغمال ٿي ويندو هو ۽ هتان جا ادارا صرف ان جي هيڊ ڪوارٽر تي حاضري ڀرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندا ها،
بهرحال اهو ماضي هو هاڻ هوبه انهن ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، جن خلاف نواز ليگ اڳواڻ ڳالهائي رهيا آهن. اڳواڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته کين ڳالهائڻ کان به روڪيو پيو  وڃي، عدليا جي فيصلن تي ڳالهائڻ جو کين حق حاصل آهي.  پر جڏهن کان نوازشريف کان پڇاڻي وارو عمل شروع ٿيو آهي ته سندس سڀ کان وڌيڪ اهم اڳواڻ  اڳوڻو  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته کيس خبر پئجي وئي هوندي ته ڪنهن به وقت نوازشريف لاءِ 1999 وارو دور واپس اچي سگهي ٿو ۽ ٻيهر جيل ڏسڻي پئجي سگهي ٿي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڏکڻ پنجاب جا چاليهه ايم پي ايز ڪنهن به وقت  پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا، جنهن جي جواب ۾ راڻا ثناءُ  الله چيو آهي ته حڪومت اوور ٽيڪ ڪرڻ واريون خبرون افواهون آهن، جن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، جڏهن ته 40 ميمبرن  پاران پارٽي  ڇڏڻ وارين ۾ خبرون به افواهه آهن ۽ نوازشريف سندن قائد آهي ۽ قائد رهندو . ٻي طرف وري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوازشريف کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري پيپلزپارٽي نوازشريف جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندي، ڇاڪاڻ ته چونڊون به ويجهو اچي ويون آهن ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چوندي ته ايندڙ چونڊن لاءِ هلندڙ سرگرميون نواز ليگ جي حمايت سان متاثر ٿينديون
تحريڪ انصاف به هن ڀيري سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي، جيئن ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ڪوشش ڪئي هئي ۽ اها پارٽي ان جي ڪامياب نه ٿي سگهي جو ان پارٽي سنڌ ۾ نفرتون پکيڙيون ۽ سنڌ ڌرتي خلاف ڳالهايون پر تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان هن وقت تائين اهڙي ٻولي استعمال نه ڪئي آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم سنڌ ۽ سنڌين خلاف استعمال ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري تحريڪ انصاف سنڌ مان به ڪجهه سيٽون ٻهاري وٺندي ۽ ان جو پيپلزپارٽي تي به اثر پوندا، باقي رهي ڳالهه مصطفي ڪمال جي  ته ڪراچي ۽ حيدرآباد مان  به هو هڪ ٻه سيٽون کڻندو ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سخت مقابلو ٿيندو، مطلب ته هن ڀيري پيپلزپارٽي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪاميابي مشڪل ماڻيندي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جو مقابلو ٿيندو. جنهن سبب هن ڀيري ڪا به پارٽي اڪثريت سان پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي سگهه حاصل نه ڪري سگهندي. جنهن سبب ماضي جيان ان حڪومت جو هلڻ به ڏکيو ٿي سگهي ٿو،
جيڪڏهن چونڊون ٿيو ته باقي ته نين چونڊن جو ماحول جڙندي نظر نه اچي رهيو آهي، هر طرف ڇڪتاڻ واري صورتحال ئي نطر اچي رهي آهي، جنهن جا هن ملڪ جي معيشت تي به  اثر پئجي رهيا آهن. بهرحال ناليواري وڪيل عاصمه جهانگير  جي بيان ته سويلين بالادستي لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي ته اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته ڪجهه سياسي پارٽيون آمريت کي پسند ڪن ٿيون ۽ ڪجهه پارٽيون جمهوريت کي پسند ڪن ٿيون ۽ ڪجهه جي حضوري ۾ پوريون آهن، عوام ته آمريت هجي يا وري جمهوريت هجي خاموش هوندي آهي، ووٽ لاءِ گهرن کان نڪرن يا نه نڪرن، جنهن کي ڪامياب ٿيڻو هوندو ، اهو ڪامياب ٿي ويندو آهي. جمهوريت جي بالادستي جي ته هر هڪ سياسي پارٽي جي ڳالهه ڪندي آهي پر  ڪجهه پارٽيون ته فوج کي به دعوت ڏينديون رهنديون آهن، جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي.
بهرحال پ پ سينيٽر فرحت الله بابر سينيٽ جي دفاع واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي جي ايڇ ڪيو جي دوري جي مخالفت ڪندي ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي جي ايڇ ڪيو نه وڃڻ گهرجي ها ۽ نه ئي جي ايڇ ڪيو کي پارليامينٽ ۾  اچڻ گهرجي ها،  فرحت الله بابر ته اهو به چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو جي عهديدارن کي ڪجهه دستاويزن سان پارليامينٽ گهرايو ته هو نه آيا ۽ چيو ويو ته حساس دستاويز آهن پارليامينٽ نٿا آڻي سگهن. جڏهن نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب تي فرد جرم لاڳو ٿيو ته ان وقت نواز شريف چيو ته ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو مٿس لڳايل الزام بي بنياد آهن. عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته نواز ليگ جا اڳواڻ عدليا ۽ فوج خلاف ڳالهائي رهيا آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز ليگ اڳواڻ هاڻ ميڊيا تي به چئي رهيا آهن ته شهيد ذوالفقار  جو عدالتي قتل هو پر هن وقت پيپلزپارٽي خاموش آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي کي به اهو خوف آهي جو هن وقت ڪجهه به ڳالهايو ته ڪنهن به وقت ان توپ جو رخ سندن ڏانهن مُڙي سگهي ٿو ۽ اهو ٿيڻو به  آهي. جنهن تي ڪو شڪ به نٿو ڪري سگهجي. جهڙي ريت پڇاڻي جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان جا اثر پيپلزپارٽي تي به پئجي رهيا آهن، جنهن جو مثال عزير بلوچ جي انڪشافن کان به لڳائي سگهجي ٿو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نوازشريف ڪهڙي ريت هن بحران کان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي ٻاهر ٿو ڪڍي. هن وقت  صرف پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ئي ٻه اهم پارٽيون بچيون آهن جيڪي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿيون، جيڪڏهن پيپلزپارٽي خلاف به نواز ليگ جيان احتساب شروع ٿيو ته پوءِ تحريڪ انصاف جي لاءِ درواز کلي ويندا .



No comments:

Post a Comment