Pages

Wednesday 18 October 2017

ڪوئيٽا ۾ ٻيهر دهشتگردي ۽ حڪومتي دعوائون

صاحب خان ڀٽي
اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي جي نتيجي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي واقعي هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردان بلوچستان ۾ دهشتگردي لاءِ افعانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي هن بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ ”را“ ۽ بي ڊي ايس “ ملوث آهن. هونئن ته هي ڪو پهريون دهشتگردي جو واقعو نه آهي، ان کان اڳ دهشتگردن چيزل شاهه جي درگاهه تي به آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان اڳ به ڪيترن ئي شهرن م دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندا رهندا آهن. بهرهال هن وقت سڄو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ آهي ۽ بلوچستان جو صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي به چئي رهيو آهي ته ملڪ هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو.هڪ طرف حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف وري دهشتگرد ڪڏهن سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري عام شهرين کي قتل ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح اهو سلسلو رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي. دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا آهن، پر اسان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته  افغانستان مان دهشتگرد اچي پاڪستان اندر ڪارروايون ڪن ٿا، جيڪڏهن سرحدن تي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ها ته دهشتگردن جي هن ملڪ ۾ آمد جو سلسلو رڪجي وڃي ها ۽ دهشتگردن ڪڏهن به افعانستان جي سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل نه ٿين ها.  
دهشتگردي هڪ اهڙو ناسور بڻجي وئي آهي جنهن خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، افغانستان هجي يا وري پاڪستان، ڪو به ملڪ دهشتگردي کان بچي نه سگهيو آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ جڏهن به ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش آيو آهي ته ان جو الزام به پاڪستان تي هنيو ويو آهي، افغانستان ۾ ڪا به ڪارروائي ٿيندي آهي ته ان بابت به اهو چيو ويندو آهي ته انهن جو رابطو پاڪستان سان هو، پر افسوس جو الزام لڳائيندڙن اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ دهشتگردي سبب شهرين کان ويندي هزارين سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا آهن، ايتري قدر جو دهشتگردن اسڪولن تي به حملو ڪري ڪيترن ئي ٻارڙن کي به شهيد ڪيو آهي پر افسوس جو عالمي سطح تي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن ۽ شهرين جي قرباني جو ڪو خاص اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي ۽ هر ڀري صرف دهشتگرد خلاف وڌيڪ ڪاررواين جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو، پر چوندا آهن ته دهشتگردن جو ڪو به دين يا مذهب نه هوندو آهي ۽ اهي ڪٿي به حملو ڪري سگهن ٿا ۽ پاڪستان ۾ به اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، هونءَ ته ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارووايون جاري آهن ۽ ڪومبنگ آپريشن به هلندڙ آهي پر ان باوجود دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن سان گڏ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، ڪڏهن مذهبي انتهاپسند دهشتگرد امام بارگاهن تي آپگهاتي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائين ٿا، 24 ۽ 25 آڪٽوبر 2016 جي رات جي وچ ۾ به اهڙو هڪ واقعو بلوچستان جي گادي واري شهر بلوچستان ۾ پيش آيو جنهن ۾ 55 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، 
رات جي اونداهي ۾ دهشتگردن ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي نيو پوليس ٽريننگ سينٽر حملو ڪيو ۽ سينٽر ۾ داخل ٿي فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪيا جنهن سبب 55 کان وڌيڪ اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن حملي جو اطلاع ايف سي کي مليو ته ان وقت ايف سي سان گڏ فوج جا دستا بروقت پوليس ٽريننگ سينٽر پهچي ويا، جڏهن ته سڄي علائقي جي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن نگراني به ڪئي، پوليس ٽريننگ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 117 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي به ٿيا، جن کي بي ايم سي ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي به ٻڌائي وئي هئي. جڏهن ته دهشتگردن جي حملي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لڳائي وئي هئي، سيڪيورٽي ادارن طرفان ٻڌايو ويو هو ته سينٽر ۾ 4 ڌماڪا به ڪيا ويا جنهن بعد پوليس سينٽر جي ڪمپائونڊ ۾ باهه لڳي وئي هئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر برگيڊ عملي کي به طلب ڪيو ويو هو، جن وقت تي پهچي باهه تي ضابطو آندو هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان اهوبه ٻڌايو ويو هو ته پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 250 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو هو، جڏهن ته سينٽر جي هڪ ڪمري مان 8 ۽ ٻئي مان 10 اهلڪارن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ فراز، عنايت الله، عاصم، مجيب الله، شبير، ڪامران، بشير احمد، جاويد عالم، شير جان، عزيز احمد ، شاهد، رياض احمد، اظهر احمد، محمد شعيب،خطير علي، منور علي، فتح علي دودو، گلشير سميت 117 کان وڌيڪ تربيت حاصل ڪندڙ اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي بلوچستان حڪومت طرفان هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ حملي بابت بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته دهشتگردن سڀ کان پهرين مين گيٽ تي موجود اهلڪار کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڀرپور جوابي ڪارروايئي سخت مقابلو ڪيو، 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون ڀيرو ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ناهي ٿي پر ان کان اڳ به دهشتگردن ڪيترن ئي علائقن ۾ قهري ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ وڪيلن کي نشانو بڻايو آهي، ڪجهه عرصو اڳ هڪ وڪيل کي شهيد ڪرڻ بعد ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي وڪيل شهيد ٿي ويا هئا، ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز تي به حملا ٿيندا رهيا آهن. 19 آڪٽوبر 2015 ع ۾ به ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن رت جي راند ۾ 11 بي گناهه ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو، 11 آگسٽ 2016ع ۾ ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي زوردار ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا هئا. 5 آڪٽوبر 2016ع تي به ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي سان تعلق رکندڙن کي قتل ڪيو ويو هو، دهشتگردن بس کي روڪي 5 عورتن کي قتل ڪيو هو ان کان به هزارن ڪميونٽي کي نشانو بڻايو ويو، هونءَ ته بلوچستان ۾ پرڏيهي مداخلت جا سيڪيورٽي ادارا رپورٽ جاري ڪندا رهيا آهن پر ان باوجود پاڙيسري ملڪن جي مداخلت  رڪجي نه سگهي آهي، بلوچستان ۾ راءِ جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي به حراست ۾ ورتو ويو هو،  جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن پاڙيسري ملڪن جي مداخلت جا ڪيترائي ثبوت به گڏ ڪري ورتا هئا پر ان باوجود دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ اندر دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن ته انهن جا پيرا به پاڙيسرين ملڪن ڏانهن به ويا آهن، جڏهن کان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون تيز ٿيون تڏهن کان سيڪيورٽي ادارن پاڪ افغان بارڊر تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن افغانستان طرفان سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪئي  وئي هئي پر ان باوجود اسان جا حڪمران اهو چوندا رهيا ته افغانستان اسان جو برادر ملڪ آهي ۽ ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، 
گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي نيو سرياب ۾ جيڪو دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، اهو ڪو نه هو، ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا سانحا بلوچستان ۾  ٿيا آهن، جن ۾ سوين ماڻهن شهادتون ماڻيون آهن. جڏهن ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪو ٿيو ته ان جي ٿوري دير کانپوءِ بنون ۾ به سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري ٻن سڪيورٽي فورسز  جي  اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هاڻ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته دهشتگردن خلاف اثرائتا قدم کڻي ۽ سرحدن کي محفوظ بڻائي ته جيئن ملڪ اندر خاص طور بلوچستان ۾ امن قائم ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment