Pages

Wednesday 25 October 2017

وري آمريڪا پاران “ ڊومور ” جو مطالبو

صاحب خان ڀٽي
جڏهن ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي ۽ ڀارت پاران سرحدي ڀڃڪڙي  جو سلسلو به جاري هيو ته ان وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ موجود آهن،جنهن بعد ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿرٿلو مچي ويو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا وڌي ويا ۽ حڪمرانن پاران چين ۽ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، چين به آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪيو ۽ روس به پاڪستان جي  حق ۾ ميدان ۾ لهي پيو هو.  پر ان باجود  آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا نه سڌرا هئا  ۽ ڀارت به  مختلف وقتن تي سرحدي معاهدي جي ڀڃڪڙِ ڪندو رهيو، جنهن  دوران   ڀارتي فوج پاران شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن تي پاڪستان  پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويو پر ان باوجود ڀارت اهو سلسلو نه روڪيو،
هڪ طرف ڀارت پاران ڪلڀوشن ياديو جي موت سزا خلاف اپيل ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري سرحد وٽ پاڪستان کي اکيون به ڏيکاريون پيون وڃن، آمريڪا به چيو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اهڙي بيان کانپوءِ پرڏيهي وزير خواجا آصف ۽  وفاقي  گهرو وزير احسن اقبال ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا  ويا هئا ۽ انهن جو مقصد وڌي ويل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ هو پر آمريڪا جيئن ته پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهندو رهيو آهي، تنهن جي ڪري  آمريڪا پنهنجي موقف تي اٽل رهيو ۽ پاڪستان کان ڊو مور واري مطالبي تي بيٺو رهيو، وفاقي گهرو وزير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرم جي خاص نائب ۽ آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت سينيئر ڊائريڪٽر ليزا ڪرٽس  جي  اڳواڻي ۾هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران خطي م هلندڙ ڇڪتاڻ ۽  دهستگردي جي خاتمي بابت  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي،  
جڏهن پرڏيهي وزير خواجا آصف آمريڪا جي دوري تي هو ته ان وقت هن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا جي نظر ۾ ڪي دهشتگردن جا ٺڪاڻا  پاڪستان ۾ موجود آهن ته ان جي معلومات پاڪستان کي فراهم ڪئي وڃي، هو انهن خلاف ڪارروئي ڪندا، جنهن تي هن ملڪ ۾ ٻرڌڪ مچي ويو هو ۽ قومي اسيمبلي ۾ به تحريڪ انصاف سميت ٻين جماعتن پاران خواجا آصف جي ان بيان  تي جواب به طلب ڪيو ويو هو، بهرحال وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ۽ پرڏيهي وزير احسن اقبال جي دوري بعد آمريڪا پاران هڪ وفد کي پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيڻ ڇڪتاڻ کي ختم ڪيو وڃي. آمريڪا پاران پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن کي دوري لاءِ روانو ڪيو ويو، جنهن سڀ کان پهرين قدم  سعودي عرب ۾ رکيا، جنهن کانپوءِ هو سڌو افغانستان جي دوري تي هليو ويو ۽ افغانستان پهچي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران افغان امن امان جي صورتحال سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
جڏهن آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پاڪستان جو رخ ڪيو ته افغان صدر اشرف غني ڀارت هليو ويو، جڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن کي به وڃڻو هو.  ملڪ جي قيادت خوش هئي ته آمريڪي پرڏيهي وزير ايندو ۽ ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو آهي.  پاڪستان آمد کان اڳ ئي آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪندي چيو ته  پاڪستان کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي به ٿاڪ   آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.
بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪ – افغان سرحد تي پاڪستاني شهرين جي حفاظت ترجيح آهي، پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا بهتر ڪرڻ هڪ چئلينج آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي بيان جي رد عمل ۾ چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان جي حق ۾ آهي، افغانستان جو گهڻو علائقو افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي، دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن جي معاملي ۾ شفافيت آڻڻ جي ضرورت آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جو عوام هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، جيستائين آمريڪا افغانستان ۾ آهي، تيستائين خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. آمريڪا افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪيترائي ڀيرا ٽاري چڪو آهي، جيڪڏهن آمريڪا خطي ۾ امن چاهي ٿو ته افغانستان مان پنهنجي فوجين کي ڪڍي ڇڏي.ٻي طرف وري پرڏيهي  وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪي وفد اهي ئي ڳالهيون ڪيون، جيڪي اڳ ڪري رهيو هو، پاڪستاني وفد پنهنجو موقف کليل لفظن ۾ پيش ڪيو. آمريڪا دهشتگردن ۽ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته فائدو پاڪستان کي ٿيندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر دهشتگردن جون ڪارروايون به ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستاني فوج انهن خلاف ڪارروائي به ڪري رهي آهي پر ان باوجود آمريڪا خوش نظر نه پيو اچي ۽ صرف حقاني نيٽ ورڪ خلاف ئي ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، خبر نه ٿي پئي ره آمريڪا جن دهشتگردن کي پيدا ڪيو اڄ انهن  کي ختم به  نه پيو ڪري سگهي، لڳي ٿو ته آمريڪا پاران پيدا ڪيل دهشتگرد طالبان اڄ سندس ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن ۽ اهي دهشتگرد ايڏا ته خطرناڪ بڻجي ويا آهن جو اڄڪلهه اهي افغانستان ۾ مسجدن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اهي دهشتگرد سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، ڪڏهن چيزل شاهه جي درگاهه تي حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري  پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائي وڃي  ٿو ۽ اسان جا حڪمران چئي رهيا آهن ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي ۽  بچي ويل ڪجهه دهشتگرد ڪارروايون ڪري پنهنجي موجودگي جو  احساس ڏياري رهيا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جو  پاڪستان جو دورو  به انتهائي احساس آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ٻي  طرف وري ڀارت سرحد جي  ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.  پر ان باوجود کيس چوڻ وارو ڪير به نه آهي.  
بهرحال  آمريڪا پاران  پاڪسستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو هن  ملڪ کي وڌيڪ ڏکيائن جي ور چاڙهي ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ملڪ ۾  سياسي بحران آهي ته ٻي طرف وري صوبن ۾ احساسي محروميون به پيدا ٿي چڪيون  آهن، جيڪڏهن آمريڪا  جا مطالبا  تسليم ڪيا ويا ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر هن ملڪ جو امن تباهه ڪري ڇڏيندا، جيڪي هن وقت ٻرن ۾ لڪيل آهن، اهي ٻاهر نڪري ايندا ۽ وري اغوائن جون وارداتون ۽ دهشتگردي  وڌي  ويندي، آمريڪا پاران ڊو مور جي مطالبي کان پوءِ پاڪ افغان سرحد وٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊورون حملا به شروع ٿي ويا آهن، جنهن تي به ملڪ اندر ڳڻجھتي ڇائنجي وئي آهي، افسوس جو  حڪومت آمريڪا کي وقت تي جواب نه ڏئي سگهي آهي ،  پاڪستان جي سياسي قيادت طرفان  چيو ويو  آهي ته  هاڻ آمريڪا کي پاڪستان جي ڌنل قربانين  کي تسليم ڪرڻو پوندو پر  آمريڪا  جي سئي هڪ هنڌ ئي اٽڪيل آهي ته “ ڊو مور” ، الائي جي آمريڪا پاران  اهو مطالبو ختم ٿيندو ۽ هن ملڪ ۾ امن قائم ٿيندو، جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق ريڪس ٽلرسز بابت  چيو آهي ته هو شڪيل آفريدي کي ڇڏرائڻ لاءِ آيو هو. پر اهڙو  ڪجهه به ٿيو،  ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير  ريڪس ٽلرسن  پاڪستاني  سياسي ۽ عسڪري قيادت سان  ملاقات به ڪئي ۽ مختلف سياسي، سماجي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي، هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر پاڪستان ۽آمريڪا  وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيندا يا وري  هڪ ڀيرو ٻيهر  اهو سمورو معاملو   وڃي ڊرون حملن تي بيهندو.



No comments:

Post a Comment