Pages

Thursday 19 October 2017

پاناما پيپرز جاچ ٽيم جي قلمڪار جو قتل

صاحب خان ڀٽي
حق، سچ ۽ عوام کي آگاهي ڏيندڙ صحافي پنهنجو فرض سمجهندا آهن ۽ غريب ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائيندا آهن، جنهن سبب صحافين کي رياست جو چوٿو ٿنڀ چيو ويندو آهي پر افسوس جو  رياست  جي چوٿين ٿنڀ کي تحفظ نه هئڻ سبب ڪڏهن  حڪمران صحافين جا دشمن بڻجي ويندا آهن ته ڪڏهن وري حق ۽ سچ لکڻ سندن ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي، جڏهن به قلمڪارن غريب، ڏتڙيل ۽ مظلوم جي  حق ۾ لکيو يا ڳالهايو آهي، تڏهن ان جو آواز دٻائڻ لاءِ ڪڏهن تشدد ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن حملو ڪرائي ويندو آهي ته جيئن هو پنهنجي مقصد تان هٽي وڃي، پر ان باوجود بهادر صحافي بنا ڪنهن  خوف جي عوامي حقن لاءِ جاکوڙيندا آهن،
 هر رياست اندر اهو چيو ويندو آهي ته هر هڪ شخص کي  پنهنجي  راءِ جي اظهار جي آزادي هوندي آهي پر افسوس جو  انهن ئي رياستن ۾ صحافين مٿان نوان نوان قانون لاڳو ڪيا ويندا آهن، ڪهڙي خبر هلائڻي آهي، ڪهڙي خبر نه هلائڻي آهي، ان جو فيصلو به رياست پاڻ ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اهي رياستون دنيا ۾ ته عوام جي حقن جون ڳالهيون ڪنديون آهن پر انهن رياستن ۾ نه ته عوام کي ڪو حق ملندو آهي ۽ نه ئي وري اتان جي صحافين کي  راءِ جي اظهار جي آزادي هوندي آهي. بدقسمتي سان دنيا اهڙا ڪيترائي ترقي يافته ملڪ به آهن، جتي به صحافين کي  راءِ جي اظهار جي آزادي جو حق نه هوندو آهي. جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ڪڏهن قلمڪار ڪڏهن دهشتگردن هٿان ماريا ويندا آهن ته ڪڏهن وري انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ وڌو ويندو آهي،
پاڪستان اندر به ڪيترن ئي صحافين تي حملا ٿي چڪا آهن پر جوابدار هڪ به گرفتار نه ٿيو آهي، ناليواري صحافي حامد مير تي به حملو ٿيو هو، جنهن ۾ هو معجزاڻي طور بچي ويو، لاڙڪاڻي ۾ هڪ صحافي شان ڏهر تي به حملوٿيو هو پر هو ان حملي ۾ بچي نه سگهيو هو ۽ شهادت ماڻي هئي، ان صحافي جا به اڄ تائين قاتل وائکا نه ٿي سگهيا آهن. بهرحال هن وقت دنيا کي لوڏي ڇڏيندڙ پاناما پيپرز جي ٽيم جو تحفظ به هڪ سواليا نشان بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته 16 اڪٽوبر تي 2017ع تي پاناما پيپرز جي جاچ ٽيم جي ناليواري صحافي ۽ بلاگر کي  هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ دنيا اندر  صحافي برادري ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي. پاناما پيپرز جي جاچ ٽيم جي قلمڪار 26 آگسٽ 1964ع ۾ سلما ڪالوني مالٽا ۾ جنم ورتو هو، کيس ننڍ پڻ کان عوام جي حقن بابت آواز اٿارڻ جو وڏو پسند هوندو هو، هن جڏهن صحافتي ادارن ۾ قدم رکيو ته ان وقت به هن ٻهراڙين ۾ عوام سان ٿيندڙ ظلم کي دنيا  آڏو پيش ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي هئي، ڊيفني
ڪيروانا گيليزيا کي ته خبر نه هئي ته پاناما پيپرز سندس جان جو ويري بڻجي ويندو. پرڏيهي خابرو ادارا لکن ٿا ته 53 ورهين جي  ڊيفني ڪيروانا گيليزيا بيڊنجا پنهنجي جي ويجهو هئي ته سندس ڪار ۾ زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب گاڏي جا حصا پري پري تائين وڃي ڪريا هئا، هن و قت ڊيفني ڪيروانا گيليزيا بيڊنجا جي مارجڻ واري واقعي سبب سڄي دنيا ڏک ۾ ورتل آهي، خاص طور تي صحافي برادري ۾ هڪ خوف طاري ٿي ويو آهي ۽ هر هڪ قلمڪار پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي،  ڊيفني ڪيروانا گيليزيا بيڊنجا جي پٽ الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس امڙ کي انهن طاقتن قتل ڪرايو آهي، جن جي ڪرپشن کي هن بي نقاب ڪيو هو. دنيا جون مختلف اخبارون لکن ٿيون ته  ڊيفني ڪيروانا گيليزيا کي ” ون ويمن وڪي ليڪس“ جو به لقب ڏنو ويو هو.
جيتوڻيڪ ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جي قتل جي هن وقت ڪنهن به گروپ ذميواري قبول نه ڪئي آهي پر ان باوجود سڄي دنيا انهن کي ئي ڏوهي رقرار ڏئي رهي آهي، جن جا نالا پاناما پيپرز  ۾ شامل هئا.  مالٽا ۾ ڊيفني  ڪيروانا گيليزيا جي قتل خلاف ريلي ڪڍي مظاهرا  به ڪيا ويا آهن. ايتري قدر جو  مالٽا جي صحافي ڊيفني جي ياد ۾ ميڻ بتيون به ٻاريون ويون هيون. مالٽا جي وزيراعظم جوزف مسڪت سميت دنيا جي ڪيترن ئي اڳواڻن پاناما ليڪس ٽيم جي قلمڪار جي قتل جي مذمت  ڪئي آهي، مالٽا جي وزيراعظ چيو آهي ته ڊيفني گيليزيا  سندس ذاتي سياسي طور تي مخالف هئي، پر ان باوجود هو سندس قتل جي مذمت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سندس ملڪ ۾ صحافي تي حملو آزادي جي اظهار تي حملو آهي. مالٽا جي وزيراعظم ته اهو به چيو هو ته هو ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا. دنيا ۾ اهڙو ڪو به واقعو سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن جو  مثال ڏئي سگهجي ته آخر  صحافين کي قتل ڪنداڙ انصاف جي  ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما پيپرز جي ڪري دنيا جا ڪيترائي  سياسي پارٽين جا سربراهه پريشان ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس پيپرز ۾ جن به ماڻهن جا نالا آيا، انهن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي، برطانوي وزيراعظم به ڪجهه مهينا اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي  هئي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي آف شور ڪمپنيون سندس غيرقانوني آهن ۽ ڪمپنين جي انڪشافن کان  پوءِ عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواب نه رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪستان  پاناما پيپرز جو راڳ اڄ به هلي رهيو آهي، ايتري قدر جو پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم نوزشريف به نااهل ٿي چڪو آهي. سندس ڪٽنب خلاف به جاچ هلي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ته  آف شور ڪمپنين تي به فتويٰ جاري ڪئي پئي وڃي، ته آخر ڪهڙين سياسي اڳواڻن جون آف شور ڪمپنيون حلال آهن ۽ ڪهڙن جون حرام آهن، مطلب ته پاناماليڪس  حڪمرانن جي ڳچي ۾ ڦاهو بڻجي ويو آهي.
بهرحال پاناما پيپرز ۾ جن جا به نالا شامل آهن، انهن  سڀني ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي  ته جيئن ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جي قتل  جي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي، جيڪڏهن دنيا جي ناليواري قلمڪار ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جا قاتل به گرفتار نه ٿي سگهيا ته دنيا ۾ هن  جيترا به صحافي قتل ٿيا آهن، انهن جي  قتل سان انصاف نه ٿي سگهندو. گڏيل قومن کي به گهرجي ته  ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جي قتل جي هر رخ کان جاچ ڪرائي وڃي، خاص طور تي مالٽا جي حڪمرانن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن  پاناما قلمڪار جي قتل سان انصاف ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جو قتل صرف هڪ صحافي جو قتل نه پر  اظهار جي آزادي تي حملو آهي،
ڊيفني ڪيروانا گيليزيا  جي وارثن جو چوڻ  آهي ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ۽ هن ان جي شڪايت پوليس کي به ڪئي هئي پر ان باوجود کيس  سڪيورٽي نه ملي سگهي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مالٽا جي حڪومت ۽ گڏيل قومون اظهار جي آزادي تي ٿيل حملي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا يا وري اهو به ڪيس صحافي شان ڏهر جي قتل جيان لُڙهي ويندو. جيڪڏهن ڊيفني ڪيروانا گيليزيا جو قتل ڪيس لڙهي ٿو وڃي ته مستقبل ۾ ڪو به عوامي حق لٽيندڙن کي بخش نه ڪندو.


No comments:

Post a Comment