Pages

Monday, 8 February 2016

اهڙن اداڪارن مان بالي ووڊ جو ناليواري اداڪار اشوڪ صراف به هڪ آهي.

دنيا اندر ڪيترائي اهڙا به ماڻهو موجود آهن، جيڪي پنهنجن ڏکن ۽ دردن کي دل ۾ سمائي ٻين جي پريشانيون ختم ڪرڻ جو وسيلو بڻجن  ٿا.
اهي ماڻهو ڪٿي اداڪاري ذريعي ته وري ڪٿي اسٽيج ذريعي ڀوڳ ۽ مزاق ڪري ڏسندڙن جي چهرن تي کلون وکيرين ٿا.
اهڙن اداڪارن مان بالي ووڊ جو ناليواري اداڪار اشوڪ صراف به هڪ آهي.
اشوڪ صراف پنهنجي زندگي ٻين کي خوشيون فراهم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.
اشوڪ صراف بالي ووڊ ۾ اڻ ڳڻيون فلمون سائن ڪيون آهن. ڪجهه ۾ هن سنجيده ڪردار پڻ نڀايا آهن ۽ اڪثر فلمن ۾ مزاحيه اداڪاري ذريعي ڏسندڙن کي خوشي جهڙي خوراڪ فراهم ڪئي آهي.
4 جون 1947ع ۾ جنم وٺندڙ اشوڪ صراف 68 ورهين جو ٿي ويو آهي پر هن پنهنجي سڄي ڄمار جي غمن کي سانڍي ٻين لاءِ سٺي اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اشوڪ صراف جي مشهور فلمن ۾ ڪرن ارجن، ييس باس، سنگهم، پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، ڪوئله، فيملي والا ۽ ٻيون شامل آهن.
اشوڪ صراف پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي  اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن کي به ڏک ڏيڻ تمام سولو ڪم آهي پر ڪنهن مرجهايل چهري تي کل آڻڻ تمام ڏکيو آهي. تنهن باوجود به هر ماڻهو کي ڪنهن به شخص کي ڏک ڏيڻ بدران خوشي ڏين جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جئين انسانيت جي عظمت وارو فلسفو عملي روپ پائي سگهي.

No comments:

Post a Comment