ٿر ۾ ڏڪار
سان گڏ تعليمي لحاظ کان به سهولتون ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيون آهن، ضلعي اندر
سوين اسڪولن جون عمارتون زبون ۽ ڪيترن ئي
اسڪولن تي بااثرن جا قبضا هجڻ ڪري تعليم تباهه ٿي رهي آهي.
ڇاڇري ۽
ڏاهلي تعلقن جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون ٿيڻ ڪري شاگردن جون
حياتيون داءُ تي لڳل آهن.
اسڪولن جون
عمارتون زبون هجڻ سبب استاد توڙي شاگرد درسگاهن ۾ نه پيا اچن. اسڪولن ۾ مقرر ٿيل
استادن پنهنجي پيشي کي وساري ڇڏيو آهي. جڏهن ته شاگردن جا والدين تعليم کاتي جي
عملدارن آڏو شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهن پر داد رسي نه پئي ٿئي.
گذريل ستن
سالن کان ڪيترائي اسڪول بند ۽ اڪثر جون عمارتون زبون هجڻ ڪري سوين شاگرد تعليم
جيهڙي زيور کان محروم آهن ٿر جا رهواسي ٻڌاين ٿا ته هڪ طرف ڏڪار واري صورتحال آهي
ته ٻي طرف کين ڪي به سهولتون ميسر نه آهن. ... ايس او ٽي...
ڳوٺاڻن چيو
ته تعليم جهڙي زيور کان سندن ٻارڙا وانجهيل آهن ايس او ٽي........
ٿر جي
رهواسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪولن جي زبون عمارتن جي مرمت ڪرائي بند
پيل اسڪول کولرايا وڃن ته جيئن سندن ٻارڙن جو مستقبل سنواري سگهجي.....
عمل نه پئي ڪري.
خيرپور
جي شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هتان جي شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ ڪيل اعلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ فوري طور شاگردن کي
امتحاني جي جواب واريون ڪاپيون ۽ سواليا پيپر ڏنا وڃن.
No comments:
Post a Comment