صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ ٽيڪس چور مالدار ماڻهن بابت ته روز ٻڌندا هئاسين پر جڏهن
پاناما پيپرز دنيا جي اهم شخصيتن ۽ سياستدانن جي نالن جي لسٽ جاري
ڪئي، جنهن بعد لڳو ته واقعي اسان جي ملڪ
جيان ٻين ملڪن ۾ مالدار ماڻهو ٽيڪس کان
بچڻ لاءِ پنهنجو ڪارو ناڻو ٻاهرن ملڪن ۾ لڪائيندا آهن. سرڪاري آفيسرن کان ويندي ۽
سياستدانن تائين ، سمورا صرف پنهنجو ڪارو ناڻو بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻندي نظر اچي
رهيا آهن. پاناما پيپرز جن اهم شخصيتن جي
لسٽ جاري ڪئي آهي. ان ۾ ڪافي اهم شخصيتون
رهيل آهن، شايد انهن جي جاچ ٽيم رپورٽ صحيح نموني گڏ نه ڪري سگهي آهي. بهرحال جيڪا
به رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ان بابت اهو چوڻ ته اهو ٽيڪس چور مالدار ماڻهن کي وائکو ڪرڻ جو پهريون
قدم آهي، جيڪو غلط نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾
به احتساب ٿي رهيو آهي، جن سياستدانن
۽ سرڪاري آفيسرن گهوٻيون ڪيون آهن ۽ ملڪي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي، انهن کان پئسا واپس ورتا پيا، پر هن وقت تائين ٽيڪس چوري
ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي نظر نه پئي اچي. شهرن ۾ سائن بورڊن کان ويندي ملڪيت جو
ساليانو ٽيڪس ورتو ويندو آهي ۽عام ماڻهو انهن کي ڀريندو
به آهي، ڪجهه سياستدانن پنهنجي اڌ کان به گهٽ ملڪيت رڪارڊ ۾ ڄاڻائي انهن جو
ٽيڪس ادا ڪندا آهن ۽ ميڊيا تي اچي وڏيون
وڏيون دانهون ڪندا آهن ۽ چوندا ۽ ته هنن ٽيڪس ادا ڪري ملڪ سان وفادري ڪئي آهي ۽ عوام به انهن
تي يقين ڪري وٺندو آهي. ڪجهه ته وري ٽيڪس
ادا نه ڪندي خاموشي اختيار ڪندا آهن، جن
خلاف ميڊيا به خاموش آهي.
وڪي ليڪس کانپوءِ جڏهن پاناما
ليڪس به سامهو آئي ته ان تي حيرانگي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاناما پيپرز ملڪيت لڪائيندڙ جن
سياستدانن جي نالن جي فهرست جاري ڪئي ان ۾
وزيراعظم نوازشريف جو نالو به شامل آهي. ايترو نه پر وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسن نواز، حسين نواز ۽ ڌيءَ مريم نواز جو نالو به شامل هو. جنهن ريت عالمي سياستدانن
جا نالا شامل هئا تهڙي ريت پاڪستان جي وزيراعظم جو نالو به شامل هو، ڪنهن کي به اعتبار ئي نه پيو اچي ته وزيراعظم نوازشريف
پرڏيهه ۾ پنهنجو ڪارو ناڻو لڪائي رکيو
ويٺو آهي. ماضي ۾ صرف هڪ اهم سياسي شخصيت اهي بيان ڏئي چڪو آهي ته وزيراعظم
نوازشريف پنهنجي ملڪيت پرڏيهه ۾ لڪائي رکيو ويٺو آهي، جنهن کي وائکو نٿوڪري. وزيراعظم
نوازشريف به اهڙن خبرن جي ترديد ڪري چڪو آهي، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف جو
پٽ به هڪ ٽي وي چينل تي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏنو هو ته هنن پرڏيهه
۾ ڪا به ملڪيت ناهي لڪائي. جنهن جو رڪارڊ اڄ به ان ٽي وي چينل تي موجود آهي ۽ اهو
به رڪارڊ ميڊيا تي موجود آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به پنهنجي
پريس ڪانفرنس اهو چوندو رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي لڪايل دولت
ڏيهه واپس آڻي جنهن سان ملڪ جي معيشيت مضبوط ٿي ويندي.
تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان
جي هر بيان ۽ پريس ڪانفرنس جو رخ وزيراعظم نوازشريف ڏانهن رکيو آهي، هڪ دفعو
پنهنجو توپ جو رخ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏانهن به موڙيو هيو پر پوءِ اهو قدم هن
پوئتي کڻي ڇڏيو هو. عمران خان هن ڀيري ته اڃان وڌيڪ بيان ڏيندو ڇاڪاڻ ته
وزيراعظم نوازشريف جو نالو پاناما
پيپرز ۾ شامل آهي، هن لسٽ ۾ صرف وزيراعظم
نوازشريف جو نالو نه پر سندس ڪٽنب جا نالا به شامل ٿيل آهن. جن بابت اهو ٻڌايو ويو
آهي ته سندن وٽ ڪيترو ڪارو ناڻهو موجود آهي. ڪارو ناڻو رکندڙ اهم شخصيتن ۾ پاڪستان جي صرف ڪجهه اهم شخيتن جا
نالا شامل ڪيا ويا آهن . جنهن مان لڳي پيو
ته هلندڙ وقت ۾ ئي ملڪ جا سياستدان
پنهنجو ڪارو ناڻو ڏيهه واپس کڻي
ايندا ته جئين ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻندا. پر اتي اهو به شڪ آهي ته ڪٿي وري انهن ڪارو ناڻو رکندر سياستدانن سان
اتفاق ذريعي ڇو ٽ ڏني وڃي، جيڪڏهن ايئن
ٿيو ته ملڪ هڪ دفعو ٻيهر اهڙن سياستدانن سبب ملڪ تباهي جي ور چڙهي ويندو. هي صرف
پاڪستان بابت رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي پر
سڄي دنيا جي 143 کان وڌيڪ ملڪن جي مالدارن ماڻهن جي نالن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ آمريڪا، روس، آمريڪا، ڪينيڊا،
برطانيا سميت سڄي دنيا جي ملڪن جا نالا به شامل
آهن. باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ وزيراعظم
نوازشريف جي ته پوءِ اهو هاڻي وقت ئي
ٻڌائندو ته اهو معاملو اڳتي هلي ڪٿي دنگ ٿيندو؟
گذريل ڪيتري ئي ڏهاڪي کان اهو ٻڌندا
پيا اچون ته ملڪ جا سياستدان پنهنجو ڪارو ناڻو ٻاهرن ملڪن ۾ لڪائي رکندا آهن پر هن
ڀيري ٻاهرن ملڪن جي سياستدانن جي باري ۾ ٻڌيو آهي جيڪي پنهنجو ڪارو ناڻو پنهنجن
ملڪن کان ٻاهر ڪنهن ٻي ملڪ ۾ وڃي لڪايو
ويٺا آهن. انهن ۾ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو نالو به شامل ڪيو ويو
آهي. جيڪڏهن سعودي جهڙي ملڪ جو بادشاهه به
پنهنجو ڪارو ناڻو لڪائي ته پوءِ سياستدانن تي ڏوهه ڏيڻ به اجايو آهي. پاناما جي جيڪا لسٽ جاري ڪئي و ئي آهي. ان ۾
آزار بائيجان جي صدر جي ڪٽنب جا نالا به شامل آهي. لسٽ ۾ وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز، پٽ حسين نواز ۽
حسن نواز جا نالا به شامل آهن. هاڻ اها خبر ناهي ته انهن جي ڪاري ڌن بابت رپورٽ
جاري ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو هو پر اها ڳالهه واضع آهي ته جن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا ويا
آهن انهن تي ڪنهن جو ڪڏهن به شڪ ناهي ڪيو ويو. ٻڌايو ويو آهي ته پاناما جي لسٽ
۾ دنيا جي 140 سياستدان ۽ آفيسرن جا نالا به شامل آهن، برطانوي اخبار اها به دعويٰ ڪئي ته آهي ته سياستدانن
پنهنجو ڪارو ناڻو ڪٿي ڪٿي لڪايو رکيو آهي. برطانوي اداري دعويٰ
ڪئي ته پاناما پيپرز جا تفصيل 370 رپورٽرز
۽ سئو کان وڌيڪ ميڊيا تنظيمن جي اڳواڻن گڏ
ڪيا آهن. اهي تفصيل حاصل ڪرڻ ۾ انهن سڀني کي هڪ سال لڳو آهي. برطانوي اخبار اها
دعويٰ ڪئي ته آمريڪا، روس، چين ۽ پاڪستان
سميت سڄي دنيا جي اهم شخصيتن جي نالن کي به فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. برطانوي اخبار اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته
برطانيا جي اڪثر پارليامينٽ ميمبرن به پنهنجو ڪارو ناڻو ٻاهرن ملڪن ۾لڪائي رکيو
آهي، لسٽ ۾ چين جي اهم شخصيتن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جن پنهنجو ڪارو ڌن لڪائي
رکيو آهي. عراق جي اڳوڻي و زيراعظم ۽ روسي
صدر ولا دين ميرپيوٽن جا نالا پڻ پاناما پيپرز لسٽ ۾ جاري ڪيا آهن. پاناما پيپرز ۾ ڄاڻايو ويو آهي
ته 90 جي ڏهائي ۾ حسين نواز، حسن نواز ۽
مريم صفدر برطانيا ۾ 4 آف شور ڪمپنيون قائم ڪيون، لنڊن ۾ هائيڊ پارڪ ويجهو 6
ملڪيتون به خريد ڪيون آهن، 4 ملڪيتن عيوض 70 لک پائونڊ قرضو به حاصل ڪيو ويو آهي.
پر ان سموري دعويٰ جي شريف فيملي ماضي ۾
ترديد ڪندي رهي آهي. پاناما پيپرز جي لسٽ
۾ و زيراعظم نوازشريف جي نالي جي شامل
هجڻ بعد تحريڪ انصاف سربراهه عمران
خان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ نيب اختيارين کي چيو آهي ته اهي نوازشريف خلاف ڪاري ناڻي بابت جاچ شروع ڪن. عمران
خان پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته اها ته
شروعات آهي، اڳتي هلي اڃان وڌيڪ ڪجهه ٿيندو.
هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا سياستدان آهن، جن پنهنجو ڪارو
ناڻو پرڏيهه جي بينڪن ۾ رکيو آهي، جيڪڏهن اهو ڪارو ناڻو ملڪ ۾ واپس اچي وڃي ته
ملڪ ترقي ڪري وٺندو ۽ قرض کان ڇٽڪارو ملي
ويندو پر اهو ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو، جنهن بابت خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن به نيب ڪارروايون
شروع ڪيون آهن انهن جي نڪ ۾ ناڪيلي وڌي وئي آهي، جنهن سبب احستاب انهن خلاف ئي ٿيو
آهي جن خلاف انتقام ڪرڻو هجي باقي حڪومت ۾ ويٺل
اهم شخصيتن خلاف اڄ تائين احتساب ناهي ٿي سگهيو. جڏهن به
حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو حڪومت ختم ٿيڻ بعد واپس ايندا آهن تڏهن ئي انهن خلاف
ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان ڪو به
فائدو ناهي ٿيندو، رهندو انهن ماڻهن کي
عوامي همدرديون ملي وينديون آهن، جنهن لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ۾ ويٺل اهي
سياستدان جيڪي پنهنجو ڪارو ناڻو پرڏيهه ۾ رکيو ويٺا آهن ۽ انهن جي ڄاڻ ملڪ جي اختيارين وٽ آهي ته انهن خلاف ان وقت ئي
ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جئين انهن جو پيئسو ڏيهه آندو وڃي ته جئين ملڪ کي ترقي ملي سگهي.
No comments:
Post a Comment