صاحب خان ڀٽي
فرانس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي
دنيا کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هر طرف
کان نيس سانهي جي مذمت ڪئي پئي وڃي. هن ڀيري دهشتگردن هٿيارن ۽
بارود جو استعمال نه ڪيو 80 کان
وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. آمريڪا جي شهر اورلينڊو ۾ هٿياربند فائرنگ
ڪري 45 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري ڇڏيو
هو پر فرانس ۾ نه هٿيارن جو استعمال ڪيو
ويو ۽ نه ئي ڪو آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو، هن ڀيري ۾ دهشتگرد 60 ٽن وزني ٽرڪ کي ماڻهن جي هجوم مٿان چاڙهي ڇڏيو، جنهن سبب فرانس
جو آزادي جو ڏهاڙو سوڳ ۾ تبديل ٿي ويو. ڪنهن سوچيو به نه هيو ته سياحتي ملڪ ۾ به
اهڙي وڏي دهشتگردي ٿيندي پر افسوس جو دهشتگردن
فرانس کي رت سان وهنجاري ڇڏيو. آمريڪا، يورپ ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ
۾ حصو وٺي رهيا آهن پر اها جنگ اڃان تائين پڄاڻي تائين نه پهچي سگهي آهي، جنهن سبب دهشتگردي عالمي خطرو بڻجي وئي
آهي. گڏيل قومن جي اداري به اهو عزم ڪيو هو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو ويندو
پر ان ۾ هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي ڏسڻ ۾
نه اچي رهي آهي ۽ دهشتگرد معصوم شهرين کي قتل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن. فرانس
جي سياحتي شهر نيس سٽي ۾ جڏهن هزارين ماڻهو آزادي جي ڏهاڙو جي موقعي تي جشن ملهائي رهيا هئا ته هڪ شخص تيز
رفتار ٽرڪ ماڻهن جي هجوم مٿان چاڙهي 80 کان وڌيڪ ماڻهن کي چيڀاٽي ماري
ڇڏيو. هي ڪو پهريون واقعو نه هو جنهن ۾ فرانس اندر ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هجن اڳ به فرانس جي گادي واري
شهر پئرس کي دهشتگردن رت سان وهنجاريو هو.
ريسٽورنٽ، ٿيئٽر ۽ اسٽيڊيم سميت مختلف هنڌن تي آپگهاتي حملي آورن فائرنگ ڪئي ۽
ڌماڪا ڪيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 160 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا.
اهڙو واقعو پئرس ۾ پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، جنهن
سبب ملڪ اندر ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽
سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت
ڪيا ويا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ فرانسيسي صدر اولانڊ اعلان ڪيو هو ته هو 26
جولاءِ تي ايمرجنسي ختم ڪري چڏيندو پر نيس
حملي بعد ٻيهر 3 مهينن لاءِ وڌيڪ ايمر جنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اڳ ۾ فرانسيسي
صدر اولانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ملڪ اندر وڌيڪ ايمرجنسي نٿي لڳائي سگهجي جنهن سبب
هن اهڙو فيصلو ڪيو، فرانسيسي صدر جي اهڙي اعلان بعد جڏهن سڄي فرانس ۾ آزادي جو جشن
ملهايو پيو ويو ته ان وقت فرانس جي سياحتي شهر نيس ۾ هڪ شخص تيز رفتار ٽرڪ هزارين ماڻهن جي
هجوم مٿان چاڙهي جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان
وڌيڪ ماڻهو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. جنهن جي تصديقي نيس سٽي جي ميئر به ڪئي. اهڙي
واقعي جي آمريڪي صدر بارڪ اوباما سميت دنيا جي مختلف سربراهن طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. جڏهن نيس
سٽي ۾ قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اهڙو واقعو پيش آيو ته سڄي فرانس ۾ سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي ۽ هر هڪ
شخص جي اک ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پرڏيهي ميڊيا
تي به اهي خبرون هيون ته سانحي جي ذميواري
داعش قبولي ورتي آهي اڳ به جيڪي فرانس ۾
حملا ٿيا ان جو به تعلق داعش سان ڏيکاريو
ويو هو. هن ڀيري به داعش کي ذميوار قرار
ڏنو ويو آهي. فرانسيسي پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرڪ ڊرائيور پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، جڏهن فرانس جي
شهر نيس سٽي ۾ اهو سانحو پيش آيو ته ان وقت پوليس طرفان ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي
هدايت ڪئي وئي ۽ هر هڪ اهو سوچي رهيو ته مٿان شهر اندر ڪرفيو نه لڳايو وڃي، اکين
ڏٺين شاهدن به ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس ٽرڪ کي روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪئي پر ڊرائيور
ماڻهن جي هجوم ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.اکين ڏٺل شاهدن اهو به ٻڌايو ته ٽرڪ ڊرائيور
ٽرڪ مان لهي فائرنگ به ڪئي پوليس پنهنجي بيان چيو آهي ته اڇي رنگ جي ٽرڪ 6
ٽن وزني آهي، جنهن مان وڏي تعداد ۾ گوليون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
فرانسيسي ميڊيا ۾ خبرون هيون ته ڊرائيور ٽرڪ کي60 کان 70 ڪلو
ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تقريب ۾ شريڪ
ماڻهن جي ميڙ سان ٽڪرائي. : فرانسيسي ميڊيا موجب، ريسٽورنٽ ۾ هڪ شڪي شخص کي
نيوٽرائزڊ ڪيو ويو، فرانسيسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽرڪ مان هينڊ گرنيڊ به مليا آهن،
واقعي بعد هڪ شخص فرار به ٿي ويو آهي، جڏهن نيس سٽي سانحو پيش آيو ته فرانس جي صدر
اولانڊ ايوگنون کان پيرس واپس پهچي هنگامي اجلاس جي صدارت به ڪئي. فرانسيسي صدر
پنهنجي قوم کي خطاب به ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف هر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
فرانسيسي صدر چيو ته فرانس جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو،
جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. آمريڪي
صدر بارڪ اوباما سميت دنيا جي مختلف سربراهن پاران به نيس سانحي
تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.آمريڪي ميڊيا
تي خبرون هيون ٽرڪ ڊرائيور 2 ڪلو ميٽر تائين ماڻهن کي چيڀاٽيو جنهن سبب وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته 2016ع ۾ روس ۾ وڌيڪ دهشتگردي جا حملا ٿيا آهن ۽
فرانس گذريل ڪيتري عرصي کان دهشتگردن جي نشاني تي آهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن،
ان بابت فرانسيسي اختيارين هن وقت ته ڪا به وضاحت نه ڏني آهي ۽ نه ئي دهشتگردي جا
ڪارڻ ٻڌايا آهن پر ايتري ڄاڻ ضرور ملي آهي ته جڏهن به فرانس ۾ ڪا دهشتگرد ڪارروائي ٿيندي آهي ته ان جي ذميواري شدت پسند تنظيم داعش قبولي وٺندي
آهي، جئين اسان جي ملڪ اندر طالبان قبول
ڪري وٺندا آهن.
ٻڌايو پيو وڃي ته نيس سٽي سانحي ۾ رڳو فرانسيسي شهري فوت نه ٿيا آهن پر انهن ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو به شامل آهن. 5 جون 2015 ع ۾ فرانس ۾ سياحن جي بس تي فائرنگ ڪئي
وئي هئي جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا. 25 اپريل 2016ع ۾ فرانس جي هڪ ڪاليج ۾ فائرنگ
ڪئي وئي هئي جنهن ۾ 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو. 7 جون 2016ع ۾ هڪ آپگهاتي حملي آور
پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي پوليس اهلڪارن گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. اهڙي کوڙ
سارا فائرنگ جا واقعا پيرس ۾ پيش اچي چڪا
آهن پر هن وقت تائين اتان جي حڪومت اهڙن
دهشتگرد حملن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي. هن ڀيري فرانس ۾ نه ڌماڪو ڪيو ويو
۽ نه ئي وري فائرنگ ڪئي وئي پر ٽرڪ دهشتگردي ذريعي ماڻهن کي ماريو ويو ۽ فرانسيسي
حڪومت انهن کي بچائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي. پوليس طرفان جيڪو بيان ڏنو ويو ته مارجي ويل ٽرڪ ڊرائيور پوليس کي گهربل هو پر
افسوس جو انهن اهڙي خطرناڪ شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو جنهن سبب اڄ
انهن کي 80 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش کڻڻا پيا، جيڪڏهن فرانسيسي پوليس اهڙ خطرناڪ شخص
خلاف اڳ ئي اثرائتي ڪارروائي ڪري ها ته شايد اهڙو سانحو پيش نه اچي ها، هي سانحو فرانس
لاءِ وڏو افسوسناڪ واقعو آهي ۽ سيڪيورٽي ليپس کي نظر انداز نٿو ڪري
سگهجي ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فرانس دهشتگردن جي نشاني تي آهي پر ان باوجود فرانس جي حڪومت دهشتگردي
جي روڪٿام لاءِ ڪي اهم قدم نه کنيا جنهن سبب آزادي واري ڏهاڙي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو
اجل جو شڪار ٿيا. ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪي به فرانس
اندر دهشتگردي جا واقعا پيش آيا انهن ۾ ٻيو ڪيو ٻاهرين ملڪ جو ماڻهو ملوث
نه هو پر اتان جا شهري ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث قرار ڏنا ويا هئا پر ان باوجود
فرانس روس اندر ڪو به اهم آپريشن نه ڪيو بس نالي ماتر ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ داعش
مٿان گند ڪچرو اڇلائي پنهنجي ذميواري پوري سمجهي، جئين ٻيا ملڪ ڪندا آهن. هڪ طرف
عالمي طاقتون ئي چئي رهيون آهن ته دهشتگردي عالمي خطرو آهي پر اهو عالمي خطرو ڪنهن
پيدا ڪيو ۽ انهن جي پٺيان ڪير آهي ان بابت انهن عالمي امن جي ٺيڪيدارن اڄ تائين
ڪجهه به ناهي ڪيو. فرانس کي به ملڪ اندر وڏو آپريشن ڪرڻو پوندو ته جئين دهشتگردي تي ضابطو آندو
وڃي.
No comments:
Post a Comment